ڪوهنور - تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪوهنور - تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو
    الطاف شيخ

    [​IMG]

    [JUSTIFY]ڪوهه نور هيرو دنيا جو مشهور ترين، قيمتي ۽ وڏي ۾ وڏو چيو وڃي ٿو جيڪو اڄ کان 4000 سال کن اڳ انڊيا جي کاڻين مان نڪتو ۽ مختلف بادشاهن، راجائن ۽ حاڪمن وٽان ڦرندو اڄ ڪلهه انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ جي تاج ۾ لڳل آهي. انگلنڊ وارن هن هيري کي بهتر شڪل ۽ چمڪندڙ بڻائڻ لاءِ تراشي موجوده صورت ۾ 105 ڪئرٽ ۽ 21 گرام وزن جو آهي نه ته ان جو اصل وزن 37 گرام هو. بهرحال بنا شڪ جي ڪوهنور هيرو دنيا جو وڏي ۾ وڏو هيرو ليکيو وڃي ٿو. ٻين هيرن وانگر هن سان به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون وابسته آهن. چون ٿا ته هن هيري مردن لاءِ نڀاڳ ۽ موت آندو آهي ۽ عورتن لاءِ خوش نصيبي جو وسيلو بڻيو آهي. هي هيرو انڊيا جي مختلف هندو ۽ مسلمان حاڪمن وٽان ٿيندو 1526 ۾ مغل شهنشاهه بابر وٽ پهتو، جڏهن هن ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏيئي دهليءَ تي قبضو ڪيو. هن هيري بابت ۾ لکت ۾ احوال به بابر جي يادگيرين واري ڪتاب بابر نامي مان ملي ٿو. بابر پنهنجي هن ڪتاب ۾ هن هيري لاءِ لکي ٿو ته اهو ايڏو ته قيمتي آهي جو ان جي بدلي ۾ مليل رقم مان سڄي دنيا جي ماڻهن کي ٻه ڏينهن ماني کارائي سگهجي ٿي. بابر کان پوءِ هي هيرو همايون وٽ پهتو. اڪبر هن کي پاڻ وٽ نه رکيو. ان بعد اڪبر جي پوٽي شاهجهان، جنهن تاج محل ٺهرايو، خزاني گهر جي ٽجوڙيءَ مان ڪڍي پاڻ وٽ رکيو. شاهجهان جي پٽ اورنگزيب، جنهن پنهنجن ٽن ڀائرن کي ماري، پيءُ کي تخت تان لاهي پاڻ بادشاهه ٿي ويٺو. شاهجهان هي هيرو مور تخت ۾ لڳرائي ڇڏيو هو، جيڪو اورنگزيب پنهنجي پيءُ شاهجهان کي آگري ڀرسان قيد ڪري پاڻ وٽ رکيو هو. چون ٿا ته اورنگزيب هي هيرو شاهجهان جي قيد واري ڪمري ۾ دري وٽ اهڙي هنڌ تي رکرايو جتان هيري مان شاهجهان کي تاج محل جو عڪس نظر اچي سگهيو ٿي. اهو هيرو نادرشاهه جي حملي تائين اتي ئي رهيو. مزي جي اها ڳالهه ته هن هيري جو اهو نالو (يعني ڪوهه نور) نادر شاهه ئي رکيو ۽ هاڻ اڄ ڏينهن تائين اهو هيرو ”ڪوهه نور“ سڏجي ٿو. 1939 ۾ جڏهن نادرشاهه دهلي ۽ آگري ۾رتوڇاڻ ۽ ڦر ڪئي ته مور تخت سان گڏ هي هيرو به ايران کڻي ويو. نادر شاهه جڏهن هي هيرو پهريون دفعو ڏٺو ته هن جي وات مان ”ڪوهه نور“ نڪري ويو، يعني ”روشنيءَ جو جبل“. 1939 کان اڳ هن پٿر جو نالو ڪٿي به نه آهي. هن پٿر جي قيمت لاءِ هڪ ٻي روايت به مشهور آهي ته نادر شاهه جي زالن مان هڪ چوندي هئي ته ”جيڪڏهن ڪو پهلوان مڙس پنج پٿر کڻي هڪ پٿر اتر ڏي، هڪ ڏکڻ ڏي، هڪ اولهه ڏي ۽ هڪ اوڀر ڏي اڇلي ۽ پنجون پٿر مٿي اڀ ڏي اڇلي ۽ پوءِ انهن جي وچ واري خالي جاءِ سون ۽ قيمتي پٿرن سان ڀري وڃي ته اها ڪوهنور جي قيمت برابر ٿيندي.“ چون ٿا ته نادرشاهه کان ڪوهنور جي جاءِ لڪل رکي وئي پر پوءِ مغل بادشاهه محمد شاهه جي گهر جي ئي ڪنهن ڀاتيءَ نادر شاهه کي اطلاع ڪيو ته اهو هيرو محمد شاهه جي پڳ ۾ لڪل آهي. نادر شاهه هڪ وڏي دعوت جو بندوبست ڪيو ته هو محمد شاهه کي دهلي جو تخت واپس ڪري ٿو. دعوت دوران هن اوچتو اهو اعلان ڪيو ته هو هن خوشي جي موقعي تي محمد شاهه کي پنهنجو پڳ مٽ يار بنائي ٿو ۽ هن پنهنجي پڳ لاهي محمد شاهه حوالي ڪئي، جيڪو پنهنجي پڳ نادر شاهه کي ڏيڻ کان انڪار ڪري نه سگهيو. دعوت بعد نادر شاهه پنهنجي ڪمري ۾ ويو، جتي هن پڳ جا ور کولي لڪل هيرو ٻاهر ڪڍيو. هيري جي چمڪ، تجلو ۽ سونهن ڏسي ان وقت هن جي وات مان بي اختيار نڪري ويو ”ڪوهه نور!“ سن 1747 ۾ نادر شاهه جي قتل بعد هي هيرو افغانستان جي احمد شاهه ابدالي جي هٿ آيو. 1830 ۾ تخت تان لاٿل حاڪم شاهه شجاع ڪنهن نموني سان هي هيرو کڻي ڪابل کان لاهور پهتو ۽ پنجاب جي بادشاهه مهاراجا رجيت سنگهه کي اهو پيش ڪيو ته هو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي انگريزن کي راضي ڪري ته هو پنهنجي لشڪر ذريعي شاهه شجاع کي سندس ڦريل تخت واپس ڪرائي ڏين. راجا رنجيت سنگهه ڪوهه نور پاڻ وٽ رکي ڇڏيو ۽ 1839ع ۾ مرڻ وقت اها وصيت ڪئي ته سندس مرڻ کان پوءِ اهو هيرو اوڙيسا جي جگن ناٿ مندر کي ڏنو وڃي. پر سندس وصيت تي عمل نه ٿيو. 1849 ۾ انگريزن جو پنجاب تي قبضو ٿيو ۽ لاهور جي قلعي تي برطانيا جو جهنڊو چاڙهيو ويو. انگريزن لاهور ٺاهه هيٺ جيڪي شرط رکيا ان ۾ اهو به واضح طور هو ته ڪوهنور هيرو انگلنڊ جي راڻيءَ حوالي ڪيو وڃي... ڪوهه نور هيري کي وڏي حفاظت سان پاڻيءَ واري جهاز ذريعي انگلنڊ پهچايو ويو. سيڪيورٽي جي خيال کان هيري جي انگلنڊ وڃڻ جي خبر اخبار وارن کان ڳجهي رکي وئي. ايتري قدر جو جهاز جي خزاني آفيس جي انچارج ۽ ڪئپٽن کي به نه ٻڌايو ويو ته لوهه جي پيتيءَ ۾ ڇا وڃي رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيرو کڻي ويندڙ هن جهاز جو اهو سفر خطري وارو ثابت ٿيو. جهاز مارِيشَس پهتو ته جهاز تي ڪالرا جي وبا پکڙجي ويئي. بندرگاهه وارن هن جهاز کي ساهه پٽڻ ۽ رستي جي سفر لاءِ سامان کڻڻ کان منع ڪري ڇڏي ۽ جلوس ڪڍيو ته جيڪڏهن جهاز بندرگاهه ڏي وڌي ته ان مٿان گوليون هلايون وڃن. مارِيشَس ڇڏڻ بعد جهاز سخت طوفان ۾ ڦاسي پيو. 6- اپريل 1850 تي انڊيا کان نڪتل هي جهاز 86 کن ڏينهن جي سفر بعد انگلنڊ پهتو. ان وقت جي انڊيا جي گورنر جنرل لارڊ ڊالهوسيءَ هيري بعد راجا رنجيت سنگهه جي پٽ ۽ تخت نشين دليپ سنگهه کي به لنڊن موڪليو جنهن اتي پهچي (1851 ۾) ڪوهه نور هيرو مهاراڻي وڪٽوريا کي پيش ڪيو. ان ئي سال برطانيا جي عوام کي ان هيري جي ديدار لاءِ هائيڊ پارڪ ۾ بندوبست ڪيو ويو هو. ان وقت، 1851 کان وٺي ڪوهه نور هيرو برطانيا وارن جي قبضي ۾ آهي، جيتوڻيڪ ان هيري لاءِ ڪيترائي ملڪ چون ٿا ته اهو هيرو انهن جي ملڪيت آهي ۽ کين ڏنو وڃي. 1976 ۾ پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀـُٽو تن ڏينهن جي برطانيا جي وزيراعظم جـِم ڪالاگهان کي اهو هيرو پاڪستان کي موٽائڻ لاءِ چيو. پر هنن انڪار ئي ڪيو. اسان جي ملڪ کان علاوه هن هيري لاءِ انڊيا، افغانستان ۽ ايران به انگلنڊ وارن کان گهـُر ڪندو رهيو آهي. اڄ ڪلهه ٻـُڌڻ ۾ اچي پيو ته انگلنڊ جي راڻيءَ اهو هيرو (ڪوهه نور) ٽاور آف لنڊن ۾ رکرائي ڇڏيو آهي.
    [/JUSTIFY]

    عبرت جي سنسار ميگزين تان ورتل
     
  2. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: ڪوهنور - تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو

    تمام بهترين ونڊ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سٺي معلومات حال ٿي ان موضوع مان۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪوهنور - تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو

    مهرباني اد واقعي هي هڪ قيمتي ۽ ڄاڻ وارو ليک آهي
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڪوهنور - تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو

    تمام بهترين ونڊ آهي
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪوهنور - تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو

    ادا سليمان ٻڌندا ته پي اآياسون پر ڪوھ نور هيري جو ديدار اڄ ٿي ويو۔

    ۽ هن بابت به تمام جامع انداز سان معلومات فراهم ڪئي وئي آهي ، جنهن ۾ به تجسس جو مادو هوندو ضرور هن ونڊ کي پسند ڪندو ۔

    اوهان جي ڳولا ۽ جستجو ٻڌائي رهي آهي ته اوهان جو ميلان جستجو ڪرڻ ڏانهن تمام گهڻو آهي ۔

    آخر ۾ وري به مهرباني اهڙي ونڊ لا​

     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪوهنور - تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو


    [​IMG]
    ۔
    ادا وساڻ صاحب توهان جي مهرباني جو توهان اهيا قيمتي ڄاڻ ڏني جنهن لاء مهرباني، ادا ڪوهنور هيري لاء به مختلف روايتون ۽ تاريخون آهن هي جيڪو ڪوهنور هيرو ( جنهن جي لغوي معني آهي ۔۔۔ ڪوهنور (ڪوهه+نور)، يعني جبل جو نور، ) جنهن کي دنيا جو مشهور ترين، قيمتي ۽ وڏي ۾ وڏوهيرو چيو وڃي ٿو جيڪو اڄ کان 4000 سال کن اڳ انڊيا جي کاڻين مان نڪتو هو ۽ مختلف بادشاهن، راجائن ۽ حاڪمن وٽان ڦرندو ڦرندو رهيو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته جڏهن انگريز هندستان تي حڪومت ڪندا هئا ته انهن انگريزن اهو ڪوهنور هيرو به هتان وڃڻ سان گڏ پاڻ سان کنيو ويا هئا، ۽ اهيا انگريزن جي پراڻي عادت آهي ته اهي جنهن ملڪ تي قبضو ڪندا آهن ته اتان جون قيمتي شيون پاڻ وٽ قبضي ۾ ڪندا آهن يا پوء اها پاڻ سان گڏ کڻي ويندا آهن ادا مون ته ڪجهه سال پهرين ڪنهن رسالي ۾ اهيو به پڙهيو هو ته انگريز اسان جي سنڌ جي موهن جي دڙي مان نڪتل ڪجهه ناياب شيون پڻ هتان چورائي کڻي ويا هئا۔ اهڙي ريت اهيو ڪوهنور هيرو به هتان جو آهي جيڪو اڄ ڪلهه انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ جي تاج ۾ لڳل آهي، ڪوهنور هيري بابت ڪجهه وڊيزو به حاضر آهن، هي ڏسو۔۔۔۔
    http://www.youtube.com/watch?v=P-PriP7Dr7s
    ڪوهنور هيري جو هڪ مختصر سفر وڊيوز​

    http://www.youtube.com/watch?v=x3n9SMepqiA
    http://www.youtube.com/watch?v=ebycjIO6Dwg
    ڪوهنور هيرو جي سي اين اين هڪ وڊيو رپورٽ ​

    http://www.youtube.com/watch?v=vMBnMX1XwY8
     
  7. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: ڪوهنور - تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو

    سٺي معلومات حاصل ٿي آهي ان موضوع مان۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪوهنور - تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو

    انٽرنيشنل فقير به گهڻي ڪوشش ڪئي هوندي ان هيري کي حاصل ڪرڻ جي ۔۔۔۔

    الطاف شيخ جون مهربانيون هڪ جامع ۽ معلوماتي ليک لکڻ جون
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪوهنور - تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو

    چوهاڻ صاحب مهرباني

    اهڙو تجسسس ۽ ڄاڻ وارو موضوع هميشه منهنجي ڪمزوري رهيو آهي ۽ مان ڪوشش ڪندو آهيان ته اهڙي ڄاڻ هر ان دوست تائين پهچي جيڪو ڪجھ علم يا ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو۔

    هي ليک منهنجي لاء به قيمتي آهي۔ الطاف شيخ صاحب جا ٿورا جنهن قيمتي ۽ ڄاڻ وارو موضوع ونڊ ڪيو۔ اوهان جي حوصلا افزائيء لاء ٿورا
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪوهنور - تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو

    تمام بهترين موضوع آهي، معلومات وڌائڻ‌ جي مهرباني سليمان سائين۔۔۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪوهنور - تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو

    ادا ممتاز مهرباني

    اوهان پاران يو ٽيوب جي ڏنل وڊيوز وڌيڪ ڄاڻ فراهم ڪئي آهي۔

    لک ٿورا تفصيلي راء ڏيڻ جا
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪوهنور - تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو

    مهرباني ادا

    الطاف شيخ پاران لکيل هن لکڻي واقعي گهڻي ڄاڻ ڏني آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو