• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بجلي ۽ پاڻي جو خرچ بچائيندڙ جديد گهر تيار

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
دنيا ۾ ٻارڻ ء توانائي جي کوٽ آهي ء قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ايندڙ سالن ۾ اهو چئلينج اڏاوتي صنعت لاء هڪ وڏو چئلينج هوندو۔ ان لاء ماهرن کي اهڙا گهر ٺاهڻا پوندا جن ۾ توانائي تمام گهٽ استعمال ٿي ۔ان لاء ڪوششون ڪيون ويون آهن۔ عمارتون ء گهر وڏي پئماني تي توانائي کائيندا آهن۔ان جو سبب گهر جي تعمير ۾ ڪاربان ڊآء آڪسائيد جي اخراج جي مقدار جو خيال نه رکڻ آهي۔

هاڻ هر عقلمند گهر مالڪ ڀتيون ٿڌيون ء گرم ڪرڻ تي ڌيان ڌئي رهيو آهي ان سلسلي ۾ فعال روشنين وارو گهر جوڙيو پيو وڃي جنهن ۾ هر ممڪن طريقي سان بجلي بچائي پئي وڃي۔گهر ۾ گرمي پد ۽ اندر ايندڙ روشني محسوس ڪندڙ اوزار لڳايا ويا آهن۔بجلي ،گرم پاڻي ۽ گرمي قدرتي طريقي سان حاصل ڪيا وڃن ٿا ۔ اهڙي طرح گهر ۾ توانائي تي ڪوبه خرچ نه ايندو آهي۔
 
Back
Top