اڄ ڪل فــيس بوڪ يــا ڪنهن به سوشل نيٽ ويب جا دوســـت آهن. اُهــي مطلبي مُفادي يا ڪوڙا هرگز نه آهن.. پر مون جيڪا ڳالھ نوٽ ڪئي آهي اُها هي آهي ته اگر اوهان انهن سان متفق يا اوهان انهن جي ڪنهن به پارٽي سان واسطو رکو ٿا ته اُهي اوهان جي هر ڳالھ تي انڌو يقين ڪندا..پوءِ ڀلي اوهان جي ڳالھ سهي هجي يا نه…اصل ۾ اهو عمل…اسانکي گهڻين ڳالهين کان محروم رکي ٿو..ان سان گڏ اسان جي سکڻ جي سگھ کي به نقصان رسائي ٿو. منهنجي نظر ۾ نيٽ فرينڊ هجي يا عام رواجي زندگي…جو دوست…ٻئي برابر آهن. دوست ته دوست ٿيندو آهي….پوءِ ان جو واسطو ڪنهن به مذهبي گروھ سان هجي…يا ڪنهن به سياسي سماجي پارٽي سان هجي. بس..دوستو پنهنجي دلين مان نفرت ڪڍي اُتي محبت جا ٻوٽا پوکيو
جواب: نيٽ فرينڊ۔۔۔ ادا عاشق اوهان اها ڳاله ته ٻڌي آهي نه ته هاٿي جا ڏنڊ کائڻ جا هڪڙا هوندا آهين ۽ ڏيکارڻ جا ٻيا ۔ سو مان به انٽر نيٽ جي دنيا تي ڪڏنهن يقين نه ڪيو آهي ۽ نه ڪندس ۔ جيسيتائين انٽر نيٽ جي بڻايل دوست سان خود ملجي نه ان جي باري ۾ ڪو به اندازو نٿو لڳائي سگهجي ۔ مان فورم هلايا آهين مهنجا هزارين دوست هئا پر ڪڏنهن به ڪنهن سان ذاتي معلوما ت ڪڏنهن به شيئر نه ڪئي ليڪن جڏنهن اسان سڀ سنڌ سلامت جي اڳڻ تي گڏ ٿيا سين ۽ نيٽ تي دوست مليا انهن سان ڪچهريون ٿيون انهن جو قرب پنهجائپ ۽ پيار مليو ته مون کي يقين ٿيو ته اسان جو نيٽ استعمال ڪرڻ بنا فائدي جي ناهي اسان گهڻو ڪجه حاصل ڪيو آهي ۔۔ ڇو ته دوست ئي اوهان جي زندگي جو اصل سرمايو آهن ۔۔۔۔ باقي ادا نيٽ جي دنيا آهي ئي اهڙي جنهن ۾ غوطو هڻڻ کان پوء ڪنهن کي ڪابه خبر نه پوندي آهي ته هو ڪهڙي طرف جو رخ ڪري پر ادا ڪنهن تي انڌو يقين ڪرڻ به صحيح نه آهي ۽ ڪنهن جي هرو ڀرو ان کي سمجهي بنا مخالفت ڪرڻ جي به مان حق ۾ ناهيان ۔۔
جواب: نيٽ فرينڊ۔۔۔ ادا علي علي مان اوهان جي ڳالهين مان متفق آهيان مون جو پاڻ اهو ئي اصول هوندو هو مان پاڻ کوڙ سارين فورمن تي مختلف نالن سان رجسٽر آهيان پر جيڪو پيار محبت سنڌ سلامت تي ملي آهي اها ڪنهن ٻئي فورمن تي نه آهي سنڌ سلامت فورم جا نيٽ فرينڊس واقعي به دلي دوست آهن مان ادا عاشق جي ٻئي صلاح سان به مفتق آهيان ته نيٽ فرينڊ ڪهڙي به مسلڪ يا پارٽي سان واسطو رکندو هجي صرف پنهنجي دل ۾ ان جي لا۽ نفرت نه هجڻ گهربي آهي مهرباني ادا عاشق ۽ ادا علي علي سدائين گڏ
جواب: نيٽ فرينڊ۔۔۔ ادا عاشق مهرباني يار عاشق هت ته هاڻي ٻه ٽي سوشل گروپ ٺهي ويا آهن، هڪڙا فيس بوڪ جا اهي دوست جن کي سڃاڻيون ٿا، ٻيا سنڌ سلامت جا دوست ، انهن ٻنهي گروپن جا دوست ذاتي پيغام ذريعي يا پرسنل چيٽ تي هميشه رهنمائي ۽ تصحيح ڪندا رهندا آهن۔ انهن سان دل جو ڳالهيون به اوريندا آهيون ته ذاتي مسئلا ۽ ڪم ڪار به۔ وري هڪڙا اڻ ڄاڻ نالن سان دوست آهن جن ته اصل سر کنيو آهي، الائي کا پيا چوندا ۽ صحيح تعارف کان به ڪترائيندا آهن۔ بس يار هي دنيا به عجيب اٿئي۔ اوهان جو مشاهدو به هاڻي بهتر ٿيندو پيو وڃي ۽ يقينن اسان کي اوهان جي سوچ مان فائدو حاصل ٿيندو
جواب: نيٽ فرينڊ۔۔۔ ادا سليمان جو ڪجه به هجي مون جيڪو ڪجه به سکيو آهي ڀ ڪجه نيٽ تان سکيو آهي بحرحال مان ان دوستن سان به نتفق آهيان جيڪي پهنجو تعارف نه ڪرائيندا آهين شآيد اڳين کي تعارف ڪرائڻ لاء ان جي حال جي معلومتا به هجڻ لازمي آهي جيڪو اوهان کي نٿو سڄاڻي سو اوهان سان ڪيئن تعارف ڪرائيندو ۔۔۔۔؟