ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هلندڙ اهم ميچ ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ بي مزا رهي جو سري لنڪا جي شهر ڪولمبو ۾ زوردار برسات جي ڪري ميچ کي ختم ڪيو ويو ۽ ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائينٽ ڏني وئي ۔۔۔۔ هن ميچ جي برابري جي خاتمي تي جتي سري لنڪا کي ڪجهه هٿي ملي اتي پاڪستان جي انهن اميدن کي به حوصلو مليو ته هو پنهنجو ڪوارٽر فائينل انڊيا بجاءِ سري لنڪا ۾ ئي کيڏي۔۔۔۔ بحرحال اهو ته وقت ٻڌائيندو ته ڪوارٽر فائينل ۾ هن گروپ مان ڪهڙيون ٽيمون ڪنهن سان ۽ ڪاٿي کيڏنديون ۔۔۔ في الحال اهي دوست جيڪي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٿيل هن مختصر راند کي نه ڏسي سگهيا انهن جي لاءِ جهلڪيون حاضر آهن۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=dr3_7nXz-YI
جواب: سري لنڪا ۽ آسٽريليا جي اهم ميچ ۾ برسات کٽي ورتي۔۔۔ ابا سٺو ٿيو ڪجه ماڻهن جو ٽايم بچي پيو ٽايم سان گهر ٻار جي سار لڌائون نه ته ٽي وي تان اٿن ئي ڪونه ها ڀلي منهن ۾ مڻ مکين جا هليا وڃنن ها =d>
جواب: سري لنڪا ۽ آسٽريليا جي اهم ميچ ۾ برسات کٽي ورتي۔۔۔ ابا ڪير آهي واندو جو ويهي ميچ ڏسي هن منهگائي جي دور ۾؟
جواب: سري لنڪا ۽ آسٽريليا جي اهم ميچ ۾ برسات کٽي ورتي۔۔۔ جڏهن به ورلڊ ڪپ جي ڪا ميچ بارش جي نطر ٿيندي آهي ۽ ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ملندي آهي ته مونکي ورلڊ ڪپ 1992 واري پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ميچ ياد ايندي آهي، جنهن ۾ پاڪستان 78 رنسن تي آئوٽ ٿيو هو ۽ ان هڪ پوائنٽ جي ڪري ئي پاڪستان سيمي فائنل ۾ پهتو هو۔ انڪري بارش کي به ياد ڪيو بابا