مسرور پنائي جو هڪ ٻيو غزل

'سنڌي شاعري' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2009۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    پيارا سنڌ سلامت جا دوستو۔۔۔ السلام عليڪم ياعلي مدد!

    دوستو۔۔۔ مرحوم مسرور پنائي جو هڪ ٻيو غزل جيڪو حقيقت ۾ مشاهبت (سونهن) آهي۔۔ سو مان اوهان دوستن سان هتي شيئر ڪريان ٿو۔ پر غزل جي پڙهن کان پهريان هي شعر ضرور پڙهجو۔۔۔۔

    مُرليون محبت جون ، ڳوهه اڳيان نه ڳاءِ
    هُوءَ ڏيندي ڦِڪيون ڦُوڪون، جنهن ۾ لاءُ نه ساءُ
    واسينگن اڳيان وڄاءِ ته سُرُ سمجهي سِرُ ڏيئنين۔۔۔​


    غزل​


    وارن جو واهه ڀَاڪُرُ ، ڇوڙي ڇڏيئي ڪُلهن تي،
    ٿڌڙي هوا نچي پئي، ريشمي چَڳُن تي۔

    سرهاڻ تنهنجي ساهن، يا گل ڪٿي ٽڙيا هن،
    مخمل جيان بَجِ آ ٻانهن، ڄَڻُ ٻُور ٿيو انبن تي۔

    ڀلجي پوان ڀِرن تي، ۽ ڪڻڪ جي سنگن تي،
    موهيڙا ڄَڻُ ڳِٽن تي، پيرون پڪا ڀِٽن تي۔

    سُرمو اکين ۾ پائي، لالي لبن کي لائي،
    ڄَڻُ باک کي نوائي، آندو اٿئي چپن تي۔

    چولو چِٽو سبائي، مسرور گُل ڀرائي،
    سيني رکيئي سجائي، انگور جي ڇُڳن تي۔


     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا تمام بهترين غزل آهي ادا ڀلا توهان مسرور صاحب جو ڪو ڪتاب هٿ ڪيو آهي ڇا
    تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا زاهد
    ويل ڊنshabashshabashshabashshabash


    shal judy hujeen



    lajwab-sharing



    sindhsalamatsaathsal
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    فقير سائين اوهان کي مرحوم جي شاعري پسند آئي يا نه؟ باقي ادا ائين ئي سمجهو ته منهنجي سامهون سائين مسرور پنائي جو ڪتاب ئي پيو آهي۔۔۔ بس ادا اوهان جهڙا فقير دوست آهن مڙوئي سنگت کي راضي ڪيون ويٺا آهيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو