
يقين نه ٿو اچي ته اسان جو هي دوست علي علي اهو ئي آهين جنهن جي خيال موجب سنڌي لکڻ ڏکيو ۽ مواد کي سيهڙڻ مشڪل ان ڪري سنڌ سلامت تي تحريرون آڻڻ ايتريون آسان نه آهن۔۔۔ پر اڄ سندس تحريرون ئي سندس خيالن جي اڳيان آهن۔۔۔۔
محبتي ملنسار ۽ يارن جو يار ۔۔۔ جنهن تي سنڌ سلامت جون بي انتها ذميداريون آهن ۔۔۔ جنهن کي نڀائيندي نڀائيندي پنهنجي فورمس، سائيٽس ۽ سڀ کان اهم سندس روزگار جو ذريعو ”ٽوئرزم“ پڻ متاثر ٿيندو رهيو آهي پر هي جوان آهي جو سنگت سان ساٿ نڀائڻ ۾ هميشه وانگر اڳ کان به اڳڀرو۔۔۔
پاڻ کي جوان هوندي به پوڙهو سڏائڻ جو سبب ڪجهه به هجي پر سندس تحريرون فورم لاءِ انتهائي اهم آهن۔۔۔ منهنجي ۽ پوري سنڌ سلامت ساٿ طرفان سندس انمول تحريرن تي شاندار محبت جي ڀيٽا ڏجي ٿي۔۔۔ اميد ته پنهنجي ساٿ کي ٽوڙڻ نه ڏيندا۔۔۔ ۽ پنهنجي سگنيچر منجهان ”موسمي ٻٽيري“ جهڙا لفظ وري نه لڳائيندا۔۔۔۔