ڪاش ڪڏنهن استاد شاگرد يا يونيورسٽي نان ٽيچنگ اسٽاف مان ڪو اهو آواز به اٿاري ته شاگردن پاران سيلف ليو ڪري پنج مهينن جو سيميسٽر هڪ مهيني ۾ تبديل ڪرڻ، ٽيچرس پاران ڪلاس نه وٺڻ يا ڪورس پورا نه ڪرائڻ ۽ يونيورسٽي جو اسڪيجوُل سياست جي ور چڙهڻ جي روايت ختم ڪئي وڃي! الائي ڇو اسان وٽ سدائين اسٽاف پنهنجن انسٽيٽيوز لاءِ تالا بندي ڪئي آهي ۽ شاگردن پنهنجا سنڌي ماري جيلن ۾ پوندڙ ليڊر ڇڏائيڻ لاءِ ڪلاس بند ڪرائي تعليمي نظام تباه ڪيو آهي.
جواب: ڪاش تعليمي سڌاري لا به ڪا تحريڪ هلي! مهرباني ادا حفيظ اوهان هڪ اهم مسئلي طرف ڌيان ڇڪايو آهي۔ مان جڏهن شاه لطيف يونيورسٽيء ۾ بي ايس سي ڪندو هوس ته مونکي ياد آهي ته استادن جي هڪ تنظيم هڙتال تي هئي پر اها هڙتال ڪلاس وٺڻ جي راه ۾ رڪاوٽ ڪانه هئي۔ استاد پنهنجا ڪلاس وٺي پوء ٻيهر اچي هڙتال تي ويهندا هئا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄڪلھ سڀ ڪجه مختلف آهي، استادن سان بحث ڪبو ته هو اها زور ڏئي ڳالھ ڪندا ته اسان صحيح آهيون ، جتي استاد ذميوار آهي اتي انتظاميه ۽ والدين جي به ايتري ئي ذميواري آهي۔ انتظاميه ڪرپشن سبب ڪجه ڪري ڪونه ٿي سگهي ۽ والدين کي فڪر ڪونهي ته اسڪول ۾ ڇا پيو ٿي۔۔۔۔۔۔۔ جيستائين سڄو معاشرو تعليم جي سڌاري لاء قدم نه ٿو کڻي ۽ ڪا ڊگهي ۽ نتيجه خيز جدوجهد نه ٿي هلي تيستائين ڪنهن به بهتريء جي اميد نظر ڪانه ٿي اچي۔
جواب: ڪاش تعليمي سڌاري لا به ڪا تحريڪ هلي! ادا اوهان 100 سيڪڙو صحيح آهيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔اسان وٽ ستم اهو آهي ته هڪ ٻار هفتي ۾ ٻه دفعا پي جا سگريٽ نه وٺي اچڻ تان مار کائي ويندو آهي پر سڄي سال ۾ اسڪول ۾ ڇاڇا ڪيائين؟ ڪا خبر ناهي هوندي مائٽ کي۔۔۔۔۔۔۔پر ادا هي ظلم ناهي ته پلاٽن ۽ ميڊيڪل الائونس لا سنڌ جي چار وڏين يونيورسٽيز کي مهيني لا بند رکيو ويو!
جواب: ڪاش تعليمي سڌاري لا به ڪا تحريڪ هلي! اڙي منهنجا پيارا دستو! اوهان جڏهن به اهڙي ڪا ڳالهه ڪندا آهيو ته من ۾ امنگون ڪر موڙينديون آهن ته اڃان سنڌي جاڳن پيا ۽ پنهنجن ڪمزورين کي سڃاڻي انجي علاج جي سوچ رکن ٿا۔ پر پو وري سوچ ڪندو آهيان ته تحريڪ ۽ هلچل ڪهڙي ڪهڙي مسئلي لا هلائجي يا ڪجي؟ تعليم لا ٻولي لا ناڻي لا ثقافت لا زمين لا شهرن لا وانهڻن لا پاڻي لا يا وري نوڪرين لا ڌارين جي آبادڪاري لا وغيره وغيره وغيره ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وغيره جسم ۾ هڪ بيماري هجي ته انجو علاج ڪبو ته ماڻهون جي چڱي ڀلي ٿيڻ جي ڪا اميد ٿيندي آهي ۔۔۔ هت ته سنڌ سموري سور لڳي پئي آهي، هڪ مسئلي کي کڻجي ته ٻيو مسئلو جان وٺڻ لا سامهون آهي، انکي حل ڪرڻ جي ڪجي ٿي ته مٿان وري ڪو ٻيو مسئلو جسم جي رڳن ۾ گهري وڃي ٿو ۔۔۔۔ سنڌ سموري سورن ۾ آهي ۔۔۔ ڪهڙا ڳڻي ڪهڙا ڳڻجن ۔۔۔ ڪهڙا حل ڪري ڪهڙا حل ڪجن ۔۔۔ جڏهن قوم جي جسم ۾ سرطان جي بيماري هجي ته مٿي جي سور جي علاج مان ڇا فائدو ٿيندو؟ اچو ته سرطان جي علاج جو ڪو بندوبست ڪريون ۔۔۔؟ ڇاڪاڻ سڀ قومي بيماريون ان هڪ مرض سان ئي چهٽيل آهن ۔۔۔ اوهان پاڻ ئي ٻڌايو ته ڇا ڪجي ۔۔۔؟ سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
جواب: ڪاش تعليمي سڌاري لا به ڪا تحريڪ هلي! ادا نثار! مڃيم ته سنڌ سموري سور آهي پر سرطان تعليم جو نه هجڻ آهي! اوهان جي ئي تمثيل کڻي ڳالهه ڪبي ته جسم ۾ 100 مرض آهن پر جي انهن ۾ هڪ اسان جي پنهنجي ئي ڪنهن عمل جي ڪري آهي مثال طور سگريٽ پيئڻ سان کنگه ته گهٽ ۾ گهٽ ان جو ته تدارڪ ٿيڻ کپي نه؟ اسان جي تعليمي ادارن ۾ علمي ماحول جو گهٽجڻ اسان جي پنهنجن جي ڪري ئي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان ٻڌايو ته اوهان جي يادگيري ۾ سنڌ جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ ڪو نان سنڌي قتل ٿيو آهي؟ (توڙي جو هزارين پڙهن ٿا)۔۔۔۔۔۔۔قتل ٿيو ته ڇا قتل ڪيو به نه هوندو ڪنهن نان سنڌي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مرن به اسان جا ماريون به اسان پاڻ۔۔۔۔۔ پوئي ڪلاس بند ته اسان جي ليڊر کي ڇڏيو! سو ادا هي حل طلب مسئلو حل جوڳو به آهي ٿوري همٿ سان!