Abdul Wahid Soomro
سينيئر رڪن
عنايت اچڻ جي هڪوار ٿئي ها،
ملي ها اسان کي شرف ميزبان جو۔
ڪيو واعدو آ اچڻ جو صنم پر،
ڀروسو نه آهي ڪو هن جي زبان جو۔
سدا ياد آهي سدا ياد رهندو،
سبب جو بڻيوآهي آه وفغان جو۔
نه ٿي يارڄاتم ته هڪ مرڪ خاطر،
ٿي برباد ويندو هي سڀ ڪجهه اسان جو،
عمر ڀر نڀائڻ جو اقرار ڪيوهو،
وري ياد آيو قسم مهربان جو۔
ستم تي ستم ٿيانه اف ڪا زبان تي،
رهيو حوصلو آ نه بارِ گران جو۔
ويو لٽجي سالارراهِ وفا ۾،
ٻڌايو هي دستور آهي ڪٿان جو۔
محبت جي منزل جفا ۽ فنا آ،
ازل کان روان سلسلو آ جهان جو۔
ورد ناوُن ڌڙڪن سان شام وسحرآ،
عجب آ فسانو دلِ ناتوان جو۔
نه فرياد تنهنجو ڪو "مجروح" ٻڌندو،
قدر ناهي ڪنهن کي اکين جي زيان جو۔
ملي ها اسان کي شرف ميزبان جو۔
ڪيو واعدو آ اچڻ جو صنم پر،
ڀروسو نه آهي ڪو هن جي زبان جو۔
سدا ياد آهي سدا ياد رهندو،
سبب جو بڻيوآهي آه وفغان جو۔
نه ٿي يارڄاتم ته هڪ مرڪ خاطر،
ٿي برباد ويندو هي سڀ ڪجهه اسان جو،
عمر ڀر نڀائڻ جو اقرار ڪيوهو،
وري ياد آيو قسم مهربان جو۔
ستم تي ستم ٿيانه اف ڪا زبان تي،
رهيو حوصلو آ نه بارِ گران جو۔
ويو لٽجي سالارراهِ وفا ۾،
ٻڌايو هي دستور آهي ڪٿان جو۔
محبت جي منزل جفا ۽ فنا آ،
ازل کان روان سلسلو آ جهان جو۔
ورد ناوُن ڌڙڪن سان شام وسحرآ،
عجب آ فسانو دلِ ناتوان جو۔
نه فرياد تنهنجو ڪو "مجروح" ٻڌندو،
قدر ناهي ڪنهن کي اکين جي زيان جو۔