شيخ اياز جي عظمت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي

'شيخ اياز' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    گوبند مالهي


    [​IMG]


    1944-1945ع جي ڳالهه آهي، نوجوان سنڌي ڪهاڻي ليکڪن جي ڪهاڻي جو مجموعو ”ريگستاني ڦول“ شايع ٿيو هو ۽ ادبي حلقن ۾ چڱي مقبوليت حاصل ڪري چڪو هو. سوڀو گيانچنداڻي سياسي ۽ ٽريڊ يونين سرگرمين مان وقت ڪڍي نئين دنيا ڪتاب گھر جي اشاعتن ۾ دلچسپي وٺندو هو. ”ريگستاني ڦول“ لاءِ پنهنجي ڪهاڻي به ڏني هئائين ۽ مسلم ليکڪ اُڀارڻ لاءِ هڪ ڪهاڻي ”رحيما“ جو خاڪو به لکيو هئائين، جنهن کي مون وڌائي شيخ عبدالستار جي نالي ۾ شايع ڪيو هو، اُن دؤران شيخ اياز سنڌي اَدبي اُفق تي اُڀري آيو هو ۽ انقلابي شعر لکي ورتا هئائين. هو محمد ابراهيم جوئي جي صحبت ۾ به آيو هو ته سوڀي سان به واقفيت وڌائي چڪو هو. سوڀي مون کي چيو، ”هاڻ اصلوڪين رچنائن، ڪهاڻين، مضمونن ۽ شعرن جو مجموعو ڇپاءِ. انقلابي شعر مان ٿو آڻي ڏيانءِ،“ مون سوالي نگاهن سان هن طرف نهاريو. چيائين، ”شيخ اياز جا. اهڙا عاليشان شعر لکيا اَٿائين جو اُن ۾ اِنقلابي ويچار به آهن ته لئه تال به آهي. پڙهندين ته تنهنجي دل به ٽپا ڏيڻ لڳندي. “ اِتفاق اِهو ٿيو جو ان ڏينهن ئي اياز مون کي ڪَچهري روڊ تي گڏجي ويو. درحقيقت مون هن کي نه ڏٺو هو، هن جو آواز منهنجي ڪن پيو هو. چيو هئائين، ”ميان، هم ڀي تو کڙي هين راهون مين. . . .“ ۽ مان هن جي ويجھو ٿيس ته حُجائتي شڪايت ڪيائين، ”شاعرن تنهنجي ڪا ٻلي ماري آهي؟“ مون چيو، ” ترقي پسند شاعر آهن ڪٿي؟“ چيائين، ” هڪ ته هيڏو سارو تنهنجي اڳيان بيٺو آهيان . . . . “ ۽ فولڊر مان اٺ ڏهه شعر هڪ هڪ الڳ الڳ نوٽ بڪ واري پني تي لکيل، مون طرف وڌايا . . . . ۽ سڀ جو سڀ واقعي سٺا هئا، انقلابي خيالن وارا ۽ سنگيتمه. مون مسيلني ٽائيپ مجموعي ”پرهه ڦٽي“ جي منڍ ۾ سڀ جو سڀ ڇپيا. ڪو ڌماڪو مچي ويو ساهتيڪ کيتر ۾! هڪ مسلمان نوجوان شاعر، ايڪ هي رانجھو لکان دا مٽ ٿي ادبي افق تي اُڀريو ۽ ڇانئجي ويو! شيخ اياز ”نظيران“ ۽ ”سفيد وحشي“ جھڙيون ڪامياب ڪهاڻيون به لکيون ۽ ”اڳتي قدم“ مخزن به شروع ڪئي، سنڌ مان هندن جي لڏ پلاڻ. ادب ۾ اياز جي مقام جوڙي وٺڻ جي باوجود هندو اديبن جي هڪ هٽي رهي هئي، سنڌ ۾. هندو اديبن جي هڪ ٻئي پٺيان لڏي وڃڻ تي اياز دانهن ڪئي، ”اسان کي ڇورڙو ڪري ڇڏي نه وڃو.“ ورهاڱي ادب کي سرحد جي ٻنهي پاسي نهوڙيو هو، مگر ٻنهي پاسن ادب جي چشمي کي نئين سر جاري ڪرڻ جي مهم پهرين هند ۾ شروع ٿي ۽ پوءِ سنڌ ۾ به سڏ جو پڙاڏو ٿيو. سنڌ ۾ ادبي انقلاب جو علمبردار شيخ اياز ئي رهيو. هن جھونن ڳاڻ ڳڻين اديبن کي قلم کڻڻ لاءِ للڪاريو ۽ نون اُڀرندڙ اديبن کي لکڻ لاءِ اُتساهت ڪيو، آمادهه ڪيو ۽ همٿايو. ادب جو چشمو سرشار بڻيو، وهندو رهيو ۽ اڳتي وڌندو رهيو. سوڀي گيانچنداڻيءَ ۽ محمد ابراهيم جويي شيخ اياز کي تخليقي ۽ تحريڪي سرگرمين ۾ مڪمل ۽ هر ممڪن ساٿ ڏنو. اياز سنڌ جي شاعر اعظم شاهه لطيف جي اَڍ پڪڙي ۽ هن کي سنڌ جي سجاڳيءَ جو سکاني ۽ پنهنجو ساڻي بڻايو. هن شاهه جيان بيت چيا، وايون چيون، شاهه جا ويچار دهرايا ئي نه پر وقت جي تقاضا جا ترجمان بڻايا. ”جسوڌن“ لاڙ جو هڪ جوڌو جنگ جوان ٿي گذريو آهي. جنهنجو ذڪر شاهه جي رسالي ۾ به آهي. نقاد الياس عشقي خود شاهه کي پوريءَ سنڌ جو جسوڌن سڏيو آهي. اياز جي شاهه جي اَڍ پڪڙن تي هُو چوي ٿو: ”مون کي ائين لڳو ڄڻ ته جسوڌن موٽي ماڳ تي آيو آهي، نئين روپ ۾، نئين روح ۾ ۽ نئون نياپو کڻي. اِهو نئون جسوڌن شيخ اياز آهي. نئين دور ۽ نئينءَ سنڌ جو نئون آواز. آواز جنهن ۾ جوش هو، سوز هو ۽ جسوڌن جو وساريل پيغام هو. ٻڌندڙن جي ڪنن ۾ اڳوڻي جسوڌن جو پراڏو ٻرڻ لڳو.“ اياز پاڻ به اعتراف ڪيو آهي:
    ڀرسان تنهنجي ڀٽ ڌڻي، جھلي بيٺس جھول،
    ڏنئه ٻه ٽي ٻول، سخي منهنجي ساهه کي.
    اياز شاهه جي عظمت لاءِ عقيدتمندي به لاثاني انداز ۾ پيش ڪئي آهي:
    مون وٽ موڙيو ئي بيت، تو وٽ آهن آيتون. سنڌي هندن جي لڏپلاڻ بعد آيلن هنن جا گھر ۽ ڌنڌا ئي نه والاريا، سنڌ جي اقتصادي حالات تي قبضو ئي نه ڪيو، سنڌين جو ساهه مٺ ۾ ڪيو. اِن وقت جي صورت حال جي صحيح عڪاسي اياز هن ريت ڪئي، شاهه به اِن ريت، اِن انداز ۾ ڪري ها؛
    ڏيهي پرڏيهي ٿيا، پرڏيهي ڏيهي،
    اڱڻ آيا اوپرا، نڪري ويا نيهي
    پراوا پيهي، والاري ويا سنڌڙي.
    ۽ جڏهن عام سنڌين کي ستائڻ شروع ڪيو ويو، تڏهن اياز ڀٽ ڌڻيءَ کي سڏ ڏنو:
    جاڳ ڀٽائي گھوٽ، توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري،
    مرن پيون مارئيون، قابو آهن ڪوٽ،
    اَچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.
    ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جو رايو آهي ته ”شاهه لطيف تواريخ جوڙي ۽ شيخ اياز اُن تواريخ جو عظيم ڪردار رهيو.“ هن ائين به چيو، ”اياز ۾ vital جگر آهي.“ ۽ اياز جي جگر جي پرک تڏهن ٿي، جڏهن سموري اولهه پاڪستان کي ون يونٽ، يڪو پرڳڻو ڪيو ويو. ان سنڌين جي زندگي تهائين وبال ڪري ڇڏي. پراونشل اَٽانامي ۽ صوبي جي خودمختياري مڪمل ريت ختم ڪئي ويئي. آقي باقي جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچيءَ مان بدلائي لاهور ڪيو ويو، جئن سنڌ جي رهي کهي اهميت به ختم ٿي وڃي. سنڌي ٻوليءَ کي اردوءَ جي ويديءَ تي سوار ڪيو ويو. ڌرتيءَ جا ڄاوا ڌرتي ڦٻائيندڙن جي رحم ڪرم تي رهڻ لڳا. 1958ع ۾ مارشل لا لڳايو ويو ۽ ظلم جي گھوڙي کي ڇيڪ ڇڏيو ويو. اياز جي لفظن ۾ ”سنڌ جو نالو ڳنهڻ به ڪاريهر تي پير رکڻ برابر هو.“ اَياز سنڌين کي للڪاريو: ”سهندو ڪير ميار او يار، سنڌڙيءَ کي سِر ڪير نه ڏيندو؟“ ۽ اُن للڪار جو جواب به پاڻ ڏنائين: ”جھول جھلي جنهن وقت ڀٽائيءَ، ڪرندا ڪنڌ هزار او يار“. اياز هڪ ئي ازم اپنايو. سنڌي ازم، سنڌيپڻو، سنڌ جا ماڻهو هن جي ادب جا مکيه ڪارڻ بڻجي پيا ۽ سنڌ جا اُهي هندو ۽ دنيا ڀر ۾ ڦهليل ماڻهو جي پاڻ يا جن جا وڏا اصل سنڌ جا ويٺل هئا اياز جا پنهنجا رهيا. هن جو ادب گھر سان شروع ٿيو پر اُتي پورو نه ٿيو. هنجو ادب عالمگريت سان جڙيو رهيو پر پهرين سنڌ، پوءِ دنيا ۽ انسانيت جو جت ڪٿ بول بالا. هن جي ادب جو مقصد اِهو رهيو. ان ۾ به هن شاهه لطيف جي اڍ پڪڙي، جتي شاهه هڪ ئي مصرع ۾ سنڌ لاءِ سُڪار ۽ عالم لاءِ آباديءَ جي دعا پني هئي، اتي اياز چيو، ”ڌرتي منهنجو ديس مگر مان سنڌڙي جندڙي لايان.“ اياز اهو به اونو ڪيو ته هن جو ادب فن سان ٿو نباهي. هن اُن ۾ پرچار جي بوءِ به گھڙڻ نه ڏني. مگر ادب کي ادب لاءِ بڻايو، سنڌ ۽ سنڌين جي زندگيءَ سان ڳنڍي رکيو. اياز جو سنڌ ۽ سڄي دنيا جي سنڌين سان پريت جو پختو پيچ پيل آهي، پر لوٽ کسوٽ ڪندڙن، ٻين جو حق ڦٻائيندڙن ۽ آزاريندڙن سنڌين سان همدردي ته ڪانهي تهائين هنن لاءِ حقارت آهي، هن جي همدردي پيڙيتن سان آهي. اياز جو پهريون مجموعو، ”ڀنور ڀري آڪاس“ 1962ع ۾ شايع ٿيو. اياز کي اِن ڪتاب تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ ايوارڊ مليو، جو هتان جي مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي انعام جي برابر آهي. اُن ئي دؤران ۾ اياز شاهه جو رسالو اردو ۾ ترجمو ڪيو، جو اردو حلقن ۾ چڱو مقبول ٿيو. ايوب خان به اُن جي چڱي مرحبا ڪئي. شيخ اياز 1963ع جي پڇاڙيءَ ۾ رشيد ڀٽيءَ سان ڀارت ۾ آيو. مون کي اڄ به اياز جا اُهي لفظ ياد آهن، جي هن سانتا ڪروز ائيرپورٽ تي مون کي ڀاڪر پائيندي چيا، ”مالهي، ڪراچي ۽ بمبئي وچ ۾ مفاصلو ڪلاڪ سوا جو، طيءِ ڪرڻ ۾ سورنهه سال لڳي ويا!“ اياز سنڌ مان آيل ۽ هت اُڀريل سنڌي اديبن سان ڪچهريون ڪيون. ڀٽي مرحوم به موجي مزاج سان متاثر ڪيو. اياز دهليءَ به ويو . پنهنجي هم عصر ۽ شيوا ڪنج هاسٽل جي همراهه نارائڻ شيام سان ملڻ. هن موٽندي غالب جي تربت تي حاضري ڀري ۽ واٽ تي ور ڪري مالوا ۾ ميران جي سماڌيءَ جو به درشن ڪيو ۽ اِن مان هن جي ڌرم نرپکتا ۾ اَٽوٽ وشواس جو هڪ وڌيڪ ثبوت ملي ٿو. جڏهن اياز سنڌ واپس وريو، تڏهن خبر پيس ته سندس شعرن جو مجموعو، ”ڀنور ڀري آڪاس“ ايوب خان جي مارشل لا حڪومت ضبط ڪيو هو. 1965ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ ٿي. اياز لکيو:
    هي سنگرام!
    سامهون آ نارائڻ شيام
    هن تي ڪيئن بندوق کڻان مان
    هن کي گولي ڪيئن هڻان مان
    اياز پاڪ - ڀارت دوستيءَ جي خواهش ئي ظاهر نه ڪئي، اُنهن لفظن معرفت، چئي کڻي هن جنگ خلاف آواز اُٿاريو، پر مارشل لا حاڪمن کي بهانو ملي ويو اياز کي پڪڙڻ جو. هُو جيل اُماڻيو ويو. ۽ اِن طرح اياز جو جيل وڃڻ جو سلسلو جڙي ويو. ون يونٽ جي دؤران ۾ ۽ ون يونٽ جي ٽٽڻ کان پوءِ به، هن جي لکڻ ۽ ڇپجڻ جو سلسلو به جاري رهندو آيو . . . . هن کي وشواس رهيو ته سنڌيت بچائڻ لاءِ سلسلو جڙندو رهندو:
    مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي جڙندا ڪيئي جام،
    نوان متولا ايندا، هڻندا تن جي هام!
    جتي هُو شاهه لطيف جو پيروڪار هو، اتي هن جي چاڙهيل ڪُنيءَ جي ڍڪڻ لاهيندڙ سچل سرمست کان به متاثر هو. سچل لاءِ هن کي اَٿاهه ۽ اَٽوٽ عقيدتمند هئي: هڪ مرد جيان سچل سچ چيو ته اياز سچ جي ويا کيا هن ريت ڪئي:
    ڏات وڏي شيءِ ناهي
    پر سچ وڏي شيءِ آهي
    ۽ جو سچ مچائي مچ
    سو مچ وڏي شيءِ آهي
    هن لکيو به آهي ته ”مان ڀٽائيءَ ۽ درازيءَ جي روايت جو وارث آهيان.“ ۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين سان به هن جو سنٻنڌ جڙيو رهيو: تو مان دور نه آهيون پيارا! تو کي مون کي روز ملائي سنڌوءَ جو سپنو هن اِهو سنڌوءَ جو سپنو نؤنهال سنڌ جي آئيندي جي جوانن تائين به پهچايو ، لولين جي معرفت:
    لولي لال، جيئن شال! جيئي سنڌ، تنهنجي سنڌ؛
    جيئي جند، تنهنجي جند، لولي لال!
    سنڌ تان سِر قربان ڪرڻ جي ڀاونا به ٻاروتن ۾ ڀرڻ چاهي:
    شل دولهه ٿئين! شل دودو ٿئين!
    شل سورهيه ٿئين! سنڌ تي سر ڏئين!
    لوليون، او اَبا، لوليون لوليون.
    محمد ابراهيم جوئي ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ جي مهاڳ ۾ اَياز جي شاعريءَ بابت لکيو آهي: ”اياز جو شعر وطن جي تسليميءَ، وطن جي بچاءُ ۽ وطن جي آبرو ۽ عظمت جو شعر آهي ۽ ان لاءِ محب وطن نوجوانن، ٻارن ۽ ٻڍن کان اُهو هر قسم جي جھد ۽ قربانيءَ جي طلب ٿو ڪري ۽ اُن ۾ وطن دشمنن لاءِ اجھل نفرت ۽ بي پناهه غصو موجود آهي.“ جيلن جي چڪر کان آجو ٿيو ته يڪايڪ ٻه سال خاموش ٿي ويو. پاڻ ئي چوڻ لڳو: ”شاعريءَ مون کي هڪ سريت جيان تلانجلي ڏني آهي.“ اِن قسم جي نراسائيءَ ۽ نراستاهه ٿيڻ لاءِ ڪو ڪارڻ ڪونه هو. ”جيئي سنڌ“ هلچل زور پڪڙي رهي هئي. هر ميڙ ۾ تقريرن ڪرڻ کان اڳ ۽ پوءِ شيخ اياز جا نغما ڳايا پئي ويا، پر نغمه نگار خاموش ۽ گوشه نشين هو! اِن وچ ۾ پاڪستان جي سياست ۾ وڏو ڦيرو آيو، اوڀر بنگال پاڪستان کان الڳ ٿي بنگلاديش بڻيو. باقي بچيل پاڪستان ۾ ذولفقار علي ڀٽو طاقت ۾ آيو ۽ هن شيخ اياز کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلرشپ آڇي. ڪنهن وقت جيل جي ساٿي هجڻ جي ناتي ۾ ملڪ جي حڪمران هجڻ جو لحاظ رکي اياز ڀٽي صاحب جي آڇ قبولي. منهنجي سمجھه ۾ اِها اياز جي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي غلطي هئي ۽ اُها غلطي ثابت به ٿي. هُو عام ماڻهن کان ئي نه مفڪرن ۽ همعصرن اديبن کان ئي ڪٽجي ويو،”جيئي سنڌ“ تحريڪ به اياز کي ڪافي حيران ۽ پريشان ڪيو. ۽ جڏهن ضيا لوڪشاهي حڪومت جو پاٽيو ڪڍي ملٽري راڄ قائم ڪيو، تڏهن اياز تهائين دماغي ڪشمڪش جو شڪار بڻيو. هن کي ضيا روبرو گھرائي هن جي دماغ جو جائزو وٺڻ چاهيو، تڏهن اياز آمر اڳيان جھڪيو ڪونه، لنوائي ويو. ڪافي وڏي عرصي تائين هڪ اديب طور اياز خاموش رهيو، مونجھاري ۾ رهيو. ان خاموشيءَ لاءِ اياز اِهو ڪارڻ ڏسيو آهي ته ”اڌ سچ چوڻ کان نه چوڻ بهتر سمجھيم.“ ۽ 1989ع ۾ مون سنڌ ياترا جي دؤران ۾ جڏهن هن سان اِن ڊگهي خاموشيءَ جو ذڪر ڪيو ته چيائين، ”اِن دٻڙدونس جي زماني ۾، جڏهن ڀٽو ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ هو، ملڪ ۾ غير صحتمند فضا هئي، مان بهتر فضا جي انتظار ۾ هوس، ۽ جئين ئي فضا بدلجڻ لڳي، تئين منهنجي قلم ۾ شدت موٽي آئي.“ 1982ع کان اياز جي ڪتابن جي اشاعت نئين سر شروع ٿي ۽ انهن جو اَٽوٽ سلسلو بڻبو رهيو. 1982ع ۾ شايع ٿيل ”پتڻ ٿو پور ڪري“ ۾ چوي ٿو، ”منهنجي زندگي ڇا گونگي جيان گذري ويندي؟ مون آکاڻي چوڻ ته اَڃا هاڻ شروع ڪئي آهي.“ ۽ سنڌ ۽ سنڌيت جي عيوضي شاعر شيخ اياز ڄڻ نئون جنم ورتو. ”پتڻ ٿو پوري ڪري“ جي پبلشر محمد سليم دائود پوٽا به مهاڳ ۾ لکيو، ”. . . . هي ڪتاب نئين نينهن جو نئون نياپو آهي، پرهه ڦٽيءَ جو پيغام آهي.“ سال 1984ع اياز جي ڪتابن جو جھجھو فصل لٿو، اُن سال اياز جا پنج ڪتاب شايع ٿيا، ”پن ڇڻ پڄاڻا“ جو پبلشر وري به محمد سليم ددائود پوٽا هو. هن مهاڳ ۾ لکيو، ”هي شخص بنا ڪجھه وٺڻ جي، سنڌ کي، سنڌي ادب کي گھڻو ڪي ڏيئي رهيو آهي. نئين سوچ، نئون انداز، نئين واٽ، نئين لاٽ . . . .“ هن وڌيڪ لکيو، ”هن شخص پنهنجي پورهئي مان 79- 1976ع جي دؤران ڪجھه وٺڻ جي ڪوشش ڪئي (اشارو سندس وائيس چانسلر طرف آهي) ته سندس هٿ ڦٽجي پيا، دل ڏار هڻي ويس ۽ هانءُ هڄي اُٿس، ڄڻ ته هاٿيءَ جي پيرن هيٺان آيو هجي، دل جو دؤرو پيس، اسپتال داخل ٿيو. بهرحال اُهي زخم هو اَڃا نه ڇُٽائي سگھيو آهي.“ اڃا به اڳتي هلي هن لکيو، ”اسان وٽ، سنڌ ۾، ماڻهوءَ جي ڏات ڦاهيءَ جي ڦندي سان ماپي ويندي آهي (شاهه عنايت جيان) يا اُن کي گھاڻي مان گذرڻو پوندو آهي (مخدوم بلاول جيان) . . . . اياز لاءِ اڃا ڪئين آزمائشون رکيون آهن. پر ايترو يقين آهي ته هن شاعر جي لائي سجائي ٿيندي.“ ۽ مان پاڻ به ساک ڀري سگھان ٿو ته اياز وڃايل لوڪ پريتا وري حاصل ڪري ورتي. 1989ع جي آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ سچل ڪانگريس جي دؤران مون روبرو ڏٺو ته اُن ڪانگريس ۾ مڙني جھونن خواهه نون اديبن اياز کي عقيدتمنديءَ جي نگاهه سان ٿي ڏٺو. هن جي اڳيان خواهه هن جي پرپٺ، جتي هو پهتو ٿي، مجلس جو مور اياز هو. محمد ابراهيم جويو ته هن جو رهبر هوندي به پرستار پئي لڳو. هو اياز جو نالو وٺندي خوشيءَ ۽ فخر جو احساس لڪائي نٿي سگھيو. تاجل بيوس هن جو نالو بيحد عزت سان پئي ورتو ۽ اَدل سومري جھڙو نئون اديب ته هن جي خدمت ۾ هڪيو حاضر پئي رهيو. ماهتاب محبوب ۽ حميد سنڌي، سحر ۽ امداد حسيني، تنوير ۽ قمر به اياز جي ادبي ڪاوشن کي ساراهيو پئي، سراج الحق پنهنجي گھر اسان ڀارت مان ويل اديبن کي مانيءَ جي دعوت تي گھرايو. اُن ۾ سوڀو گيانچنداڻي، ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز ۽ ٿورا ٻيا دوست هئا. اياز جي پرپٺ سراج مون کي چيو: ”اياز انهن بلندين تي موٽي آيو آهي، جن کي اسان وٽ، اسان جي وقت ۾ ٻيو ڪو شاعر اڃا ڇُهي نه سگھيو آهي.“ سوڀي چيو، ”اَياز جي عظمت کان انڪار نٿو ٿي سگھجي.“ پوءِ سهڻي مخزن جو ”اياز نمبر“ به نڪتو. جن ۾ الاهي اديبن اياز جي خدمتن ۽ ويچارن بابت عقيدتمنديءَ جو اظهار ڪيو. 26، 27، 28 آڪٽوبر 1990 ڀارت ۾ ”شاهه، سچل ۽ سامي“ سيمينار ۾، عوامي ميڙن، خانگي ڪچهرين ۾ اياز ور ور ڪري چيو ته هُو هڪ ئي ازم ۾ وشواس ٿو ڪري، سنڌ ازم، سنڌ، سنڌي ۽ سنڌيت هن جي ادب جا مرڪزي موضوع آهن. ۽ البت هو انسانيت جو علمبردار به آهي ته دنيا ڀر جي انساني برادريءَ جي حق ۾ به آهي. هو دنيا ڀر جي سنڌين جي خير جو دعاگو به آهي ته سندس آرٿڪ خواهه آتمڪ اُنتيءَ جو خواهشمند به آهي

    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: شيخ اياز جي عظمت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي

    ڏيهي پرڏيهي ٿيا، پرڏيهي ڏيهي،
    اڱڻ آيا اوپرا، نڪري ويا نيهي
    پراوا پيهي، والاري ويا سنڌڙي.


    [​IMG]
     
  3. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: شيخ اياز جي عظمت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي

    بهترين ونڊ
    مهربانيون۔۔۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: شيخ اياز جي عظمت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي

    [​IMG]
    ۔ادا عاشق سولنگي صاحب توهان جي مهرباني جو توهان احڙو قيمتي مضمون ونڊ ڪيو آهي جنهن ۾ گوبند مالهي جون شيخ اياز بابت ڪيتريون ئي ساروڻين جي خبر پوي ٿي۔ گوبند مالهي خود سنڌ جو هڪ عظيم ليکڪ ۽ اديب ٿئي گذريو آهي، گوبند مالهي هن سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو ۽ سنڌي ادب، سياست، ناٽڪ، ڊراما، ڪهاڻيون ۽ تنقيدي ادب تي 36 ڪتاب لکيا، جنهن ۾ ”ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون“، ”شرم ٻوٽي“، ان کان علاوه ”سنڌوءَ ڪناري“ فلم به جوڙيائين پر وقت جي بيرحم وهڪري جڏهن کيس ماتر ڀومي کان ڇني ڌار ڪيو ته وطن سرحد ڳوڙها ڳاڙيندي پار ڪري ڀارت پهتو ته اتي به سنڌ ۽ سنڌي ادب لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو ۽ سنڌي ٻولي لاءِ ان ٽه مورتي ڪيرت، اتم ۽ مالهي ايتري ته جدوجهد ڪئي جو ان نتيجي ۾ هندستان اندر سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو، مالهي جڏهن پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ گهمڻ لاءِ 1984ع ۾ هتي آيو ته ڪراچي جي آرٽ ڪائونسل ۾ سگا پاران ڏنل آجياڻي دوران سنڌ جي ڏات ڌڻين سان مخاطب ٿيندي نيڻن مان نير وهائيندي چيو ته ”جنهن مالهي 13 آڪٽوبر 1946ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ننڍڙو ٻوٽو پوکيو هجي ۽ اهو ٻوٽو جڏهن وڏو ٿي خوشبو جو دس ڦهلائي ۽ ان وقت ان مالهي کي ان وڻ کان ڌار ڪيو وڃي اوهان ٻڌايو ته ان وقت ان مالهي جي ڪهڙي حالت ٿي هوندي؟۔۔۔ “ ادا شيخ اياز بابت به سندس لکڻي تعريف جي لائق آهي، گوبند مالهي اياز لاء لکي ٿو ته ۔۔۔ اُن دؤران شيخ اياز سنڌي اَدبي اُفق تي اُڀري آيو هو ۽ انقلابي شعر لکي ورتا هئائين. هو محمد ابراهيم جوئي جي صحبت ۾ به آيو هو ته سوڀي سان به واقفيت وڌائي چڪو هو. سوڀي مون کي چيو، ”هاڻ اصلوڪين رچنائن، ڪهاڻين، مضمونن ۽ شعرن جو مجموعو ڇپاءِ. انقلابي شعر مان ٿو آڻي ڏيانءِ،“ مون سوالي نگاهن سان هن طرف نهاريو. چيائين، ”شيخ اياز جا. اهڙا عاليشان شعر لکيا اَٿائين جو اُن ۾ اِنقلابي ويچار به آهن ته لئه تال به آهي. پڙهندين ته تنهنجي دل به ٽپا ڏيڻ لڳندي. “ اِتفاق اِهو ٿيو جو ان ڏينهن ئي اياز مون کي ڪَچهري روڊ تي گڏجي ويو. درحقيقت مون هن کي نه ڏٺو هو، هن جو آواز منهنجي ڪن پيو هو. چيو هئائين، ”ميان، هم ڀي تو کڙي هين راهون مين. . . .“ ۽ مان هن جي ويجھو ٿيس ته حُجائتي شڪايت ڪيائين، ”شاعرن تنهنجي ڪا ٻلي ماري آهي؟“ مون چيو، ” ترقي پسند شاعر آهن ڪٿي؟“ چيائين، ” هڪ ته هيڏو سارو تنهنجي اڳيان بيٺو آهيان ۔۔۔ ادا شيخ اياز جون ڪجهه چونڊ تصويرون مون وٽ محفوظ آهن انهن کي ڏسڻ لاء توهان هت ڪلڪ ڪريو۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شيخ اياز جي عظمت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي

    تمام بهترين ليک آهي

    اياز جي عظمت کان انڪار سنڌي ادب کان انڪار جي برابر آهي۔

    ٻي خبر ناهه، پر مرڻ کانپوءِ
    تون سان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون
    سرحد قريب آ اي دوست
    شاه کان پوءِ اي ”اياز“ ٻڌاءِ
    سنڌ ۾ ڪنهن جون آيتون رهنديون
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شيخ اياز جي عظمت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي

    مهرباني عاشق تمام سٺو مضمون شئير ڪيو اٿو
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شيخ اياز جي عظمت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي

    ادا سٺو ليک آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو