جواب: ڳوڙها۔۔! سائين اها ته انهن کي ئي خبر هوندي جيڪي پنهنجي محبوبن جي لا ڳوڙها ڳاڙيندا هوندا۔۔۔ باقي اوهان جي ڊزائيننگ تمام لڀائيندڙ لڳي۔۔۔۔۔
جواب: ڳوڙها۔۔! اسان ڇا ٿا چئي سگهون ۔۔۔۔۔۔ اهو ته محبوب ئي ڄاڻي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مشتاق ڦل جون ڪجه سٽون ياد اچي ويون چپ تي ڳاڙهو گل رکي مون کي ڏنائين، سارا ٿڪ لهــي ويا ڳل تي هڻي ٿڦڪيون پنهنجن هٿـــڙن ســــان ڳوڙها اگهيائين، سارا ٿڪ لهـــي ويا
جواب: ڳوڙها۔۔! ياد ڪندي يار کي ڳوڙھا ڳڙي پيا۔ اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي ، اڪيلا جي ھوندا تَه روئندا ته ھوندا۔
جواب: ڳوڙها۔۔! جڏهن جڏهن اکين مان ڳوڙها وهي نڪرندا آهن ته اکيون صاف ٿي پونديون آهن ۔۔۔ منظر چٽا نظر ايندا آهن ۔۔۔ دل نرم ٿي پوندي آهي ۔۔۔ چپ گرم ٿي ويندا آهن، نڪ کلي پوندو آهي، نڙي مٺاڻ سان ڀرجي ويندي آهي ۔۔۔۔ اوصاف تازا ۽ سوچ نرالي ٿي پوندي آهي ۔۔۔ ڳوڙها تمام گهڻو قميتي هوندا اهن ۔۔۔ انهن جو ملهه ته اهي ئي ڄاڻن جي روئن ۔۔۔؟