ادا امين سمون جا ٿورا

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو اسان جي سنڌ سلامت جي ميمبر دوست محترم امين سمون منهنجي هن آزاد نظم کي پنهنجي دل جو آواز سمجهي لاجواب چترڪاري ڪري مون مسڪين ٽي درجي واري شاعر مٿان پنهنجا پيار واريا آهن جنهن جا ٿورا ته لاهڻ جهڙا ئي ڪونه آهن ، پو دوستو توهان جو ڇا خيال آهي

    [​IMG]

    آزاد نظم
    نثاراحمد ناز

    ڀلي اسان سان

    وفا جي ناتن،

    اکين جي ناتن،

    دلين جي ناتن،

    روئڻ جي ناتن،

    کلڻ جي ناتن،

    جِي وِڙهي ڪريو،

    سڀ پُڄاڻيون سائين،

    اسان توهان جي
    جوڙ جيڏا،

    نه ڪلهه هُئاسين،

    نه اڄ به آهيون ،

    نه سڀاڻي سائين،

    اسان وقت ويريءَ
    جي ظالم

    هٿن ۾

    کلي سدائين دلبريون وڃايون

    عاشقيون وڃايون،

    سڀني اسانجي

    سچائين کي جانان

    بزدلي ڄاتي،

    آ ڪوڙ ڄاتو،

    ڀلي ڪريو

    ڪنارا اسان کان،

    اسان سدائين

    ٽنگيل ٽياسن

    اسان سدائين

    چِٽيل نشانن،

    اسان جي اوقات
    ڪڏهن اڌروري

    ڪڏهن

    ته ڳولي

    لڀي نه سائين

    ڀلي ڪريو

    اسان کان دُوريون

    ڀلي ڪريو

    رُساما سائين،

    اسان توهان جي

    جوڙ جيڏا،
    نه ڪلهه هُئاسين،

    نه اڄ به آهيون ،

    نه سڀاڻي سائين ....!!!

    نه سُڀاڻي سائين ....... !!!

    نه سُڀاڻي سائين .......!!!
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ادا امين سمون جا ٿورا

    سائين جڏنهن تمام سهڻا خيالات هجن سهڻآ الفاظ هجن انهن جي جوڙ جڪ ڪنهن وڏي شاعر جي هجي جي انهن کي وري چتر ڪاري جو رنگ ڏنو وڃي ته يقينن تمام سهڻو لڳندو آهي هي شاعري ۽ چتر ڪاري دل کي چوهندڙ آهي اوهان جي هر سٽ هر لفظ دل کي دڙڪائي وجهندو آهي الله تعالي اوهان کي خوش رکي
     
  3. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ادا امين سمون جا ٿورا

    ادا نثار ناز سان ته هرڪو پيار ٿو ڪري ڪاش ڪوئي مونکي اهڙي خوبصورت ڊيزائن بنائڻ سيکاري جيڪا ادا امين سمون ادا نثار ناز جي هن آزاد نظم جي ٺاهي آهي مونکي ياد ٿو پوي ته ادا امين سمون سان ڪٿي ملاقات ٿي آهي منهنجي پر الائي ڪٿي ادا نثار ناز جي شاعري ته سُٺي آهي ئي آهي پر ادا امين سمون جي ڊيزائن به لک لهي ٿي۔
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ادا امين سمون جا ٿورا

    مهرباني مٺا علي علي جو توهان جي دل کي منهنجي شاعري جي هرسٽ ڌڙڪائي وجهندي آهي، اهي پيارا لفظ منهنجي همت افزائي لا ڪافي آهن، محبتون ونڊڻ ادا ڪو توهان کان سکي لک لائق۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ادا امين سمون جا ٿورا

    ڀيڻ اهو توهان جو ظرف آهي ، نه ته مان ڇا، مڙئي ابتن سُبتن اکرن کي هيڏانهن هوڏانهن ڪندو آهيان پوءِ شاعري جُڙي پوندي آهي، لک لائق ڀيڻ توهان جون همت افزايون منهنجي لاءِ مشعل راهه آهي۔
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ادا امين سمون جا ٿورا

    سٺي ونڊ آهي سائين .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو