هوم ورڪ ته توهان مان هر ٻار ڪندو هوندو پر شاباش ته ڪنهن ڪنهن کي ملندي آهي گهڻن کي ته دڙڪا ئي ملن ٿا۔ جيڪڏهن سڀ ٻار ڪجهه ڳالهين جو خيال رکن ته شاباش به سڀني کي ملندي جن مان ڪجهه هي آهن": پنهنجي ڪاپين کي هميشه ڪور لڳايو ۽ انهن جي مٿان پنهنجو نالو ۽ سلپ لکو جيڪڏهن ڪاپين جا صفحا نڪرندا هجن ته انهن کي فورن سلائي ڪرايو پنهنجي ڪاپين جو ڪو به صفحو نه ڦاڙيو تاريخ سبق جو نالو هيڊنگ ۽ سوالن لا ڪاري ۽ نيري پين استعمال ڪريو هر صفحي تي فٽ پٽي سان حاشيو پايو سبق جو نالو خوبصورت ڪري لکو سوالن کي مارڪر پين سان لکو ۽ سوال جو نشان (؟) آخر ۾ لکائڻ نه وساريو سنڌي لکڻ وقت اکر واضح ۽ صاف لکو ڪٽڻ ۽ مٿان لکڻ بلڪل نه ڪريو جيڪڏهن تمام ٻار انهن ڳالهين جو خيال رکندي پنهنجو هوم ورڪ ڪن ته استاد وٽان ڪڏهن به دڙڪا نه کائيندا ۽ هوم ورڪ کان پو هڪ دفعو سموري ڪم کي ٻيهر ڏسن ته غلطيون گهٽ ٿينديون ۽ شاباش ضرور ملندي [/CENTR]