غلام قاسم تسنيمي
سينيئر رڪن
« قُل لِّلْمُؤْمِنِينَ يَغُضُّواْ مِنْ أَبْصَارِهِمْ وَيَحْفَظُواْ فُرُوجَهُمْ ذَلِكَ أَزْكَى لَهُمْ إِنَّ اللَّهَ خَبِيرٌ بِمَا يَصْنَعُونَاي رسول (ص) مومنن کي چئو ته پنهنجون نظرون هيٺ رکن ۽ پنهنجي پاڪدامني جي حفاظت ڪن.(سورت نور، آيت 30)
هن آيت جي شان نزول ۾ لکيو ويو آهي ته، هڪ نوجوان واٽ ويندي، ڪنهن عورت کي ڏٺو، کيس گهورڻ لڳو، ۽ انجي پويان هلڻ لڳو. هو ان خيال ۾ مگن هو جو ڪنهن ديوار مان وڌل نيسارو کيس منهن ۾ لڳي ويس جنهن ڪري سندس چهرو زخمي ٿي پيو. پوءِ اهو نوجوان رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي بارگاه ۾ آيو ۽ پنهنجو قصو پاڻ ڪريم (ص) کي ٻڌايو. تنهن تي اها آيت نازل ٿي جنهن ۾ مومنن کي اکين جي حفاظت جو حڪم ڏنو ويو آهي، جنهن ڪري اهل ايمان کي گهرجي ته هو پنهنجون نظرون نامحرمن کان جهڪيون رکي. .(405)
ڏسڻ بابت ڪجهه روايتون:
حضرت علي عليه السلام جو فرمان آهي:هڪ نظر نامحرم تي پئجي وڃي ته ٻئي ڀيرو ڏسڻ کان پرهيز ڪريو ۽ فتني کان ڊڄو. : «لكم اوّل نَظَرة الى المرئة فلا تتّبعوها بنَظرة اُخرى واحذروا الفتنة».(406)
هڪ حديث ۾ آهي ته قيامت ڏينهن سڀ اکيون روئي رهي هونديون، سواءِ ٽن قسمن جي اکين جي، جيڪا اک الله سائين جو خوف کان گريو ڪري، جيڪا اک گناه کان پاسو ڪري، جيڪا اک الله جي اطاعت ۽ بندگي ۾ بيدار رهي.( 407)
صحيح بخاري جي روايت آهي ته رسول اڪرم فرمايو: رستي ۾ نه ويهندا ڪريو، ماڻهن چيو جيڪڏهن مجبوري هجي ته؟ پاڻ ڪريم فرمايو: بس ته پوءِ اتي ويهڻ جو حق ادا ڪريو. پڇيائون ته رستي تي ويهڻ جو حق ڇا آهي؟ پاڻ فرمايو: اکين جي حفاظت ڪرڻ، ماڻهن کي اذيت نه ڏيڻ، سلام جو جواب ڏيڻ، نيڪي جو حڪم ڪرڻ ۽ گناه کان روڪڻ. «غَضّ البَصر و كَفّ الاَذى و رَدّ السلام والامر بالمعروف و النهى عن المنكر» * حضرت عيسىعليه السلام فرمايو: نامحرم ڏانهن ڏسڻ کان پرهيز ڪريو ڇو جو ان سان دل ۾ شهوت جو ٻج ڦٽندو جيڪو انسان کي فتني ۾ وجهڻ جي لاءِ ڪافي آهي..(408)
* حضرت علىعليه السلام فرمايو: اک، دل جي راهنما هوندي آهي، اک شيطان جو شڪار گاه آهي تنهنڪري اکين جي حفاظت ڪرڻ، شهوت کان بچڻ جو بهترين طريقو آهي..(409)
* پيامبر اكرم صلى الله عليه وآله فرمايو:
بري نگاه، شيطان جي زهريلي تيرن مان هڪ تير آهي، جيڪو ان کان پاسو ڪندو، الله سائين جي خوف کان، ته رب تعلٰ کيس اهڙو ايمان عطا ڪندس جنهن جي مٺاڻ هو پنهنجي دل ۾ محسوس ڪندو.«النَظَر سَهْم مسموم مِن سهام ابليس فمَن تَركَها خَوفاً من اللّه اعطاه اللّه ايماناً يَجِد حلاوة فى قلبه»(410)
پاڻ سڳورا هڪ ٻئي حديث ۾ ارشاد فرمائن ٿا: جيڪو به پنهنجين اکين کي حرام جي ڏسڻ سان ڀريندو قيامت ڏينهن کيس اکيون باه سان ڀريو وينديون سواءِ ان جي جو هو توبه ڪري.(411)
405) تفسير نمونه.
406) تفسير كنزالدقائق.
407) تفسير كنزالدقائق.
408) تفسير روحالبيان.
409) غررالحكم.
410) بحار، ج104، ص 38.
411) بحار، 76، ص336.
”دين و اندگي“ مان ترجمو ڪيل،
http://www.qaraati.com/show.php?page=books&book=51&pages=14