سنڌين کان 14 ڏينهن جي قرباني گهرندڙ سنڌ

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌين کان 14 ڏينهن جي قرباني گهرندڙ سنڌ

    اسد چانڊيو

    [justify]زندهه قومون پنهنجي عظيم هئڻ جو ثبوت ماضيءَ جي ڪاميابين مان نه، پر حال جي حقيقتن مان ڏينديون آهن، ڪنهن به خوبصورت انسان کي، پنهنجي وڻندڙ هئڻ جي ثبوت طور، کيسي ۾ پراڻو فوٽو کڻي گهمڻ جي ضرورت محسوس ناهي ٿيندي، پر اسان جنهن قوم جو حصو آهيون ۽ جنهن قوم جي نمائندگي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، تنهن وٽ، پنهنجي عظمت جي نشاني حال جون ڪاميابيون نه، پر ماضيءَ جا موهن جا دڙا آهن، جنهن ڪري سنڌين جي ماضيءَ جي نشي مان نڪري نه سگهڻ جي قيمت، سنڌ جو حال مستقبل جي تباهيءَ جي صورت ۾ ادا ڪري رهيو آهي.

    ايئن به نه آهي ته، سنڌ ۽ سنڌين لاءِ هر ڪا خوشي خريد ڪرڻ جي قيمت ڪا ايڏي وڏي هجي، جيڪا ادا ڪرڻ اسان جي وس کان چڙهيل هجي!!. ٿورڙي محنت، ٿوڙي سمجهه، ٿورڙي ڪوشش به اسان کي اهو ڪجهه ڏئي سگهي ٿي، جيڪا اڳتي جي ڪاميابين جا ڪيترائي بنياد رکي سگهي ٿي، پر اسان ڳالهين جي ڳهيرائپ جا ايترا ته عادي ٿيندا پيا وڃون، جو جڏهن به ڪو عملي ڪم ڪرڻ، ذري جيتري به بهادري ۽ همت ڏيکارڻ جي صورت ۾ ڪا خوشقسمتي ملڻ جو موقعو موجود به هجي ٿو، اسان ان کان لنوائڻ جا ڪيترائي بهانا تيار ڪري، سوَڙ پائي بي عمليءَ جي ننڊ سمهي ٿا پئون ۽ ايئن ڪندي هڪ لمحي لاءِ به اهو نٿا سوچيون ته، تمام وڏين منزلن ڏانهن وڌڻ جي شروعات به هڪ قدم سان ئي ٿيندي آهي، اجتماعي شعور جو کنيل هڪ قدم اسان کي ڇا ڇا ڏئي سگهي ٿو، نه ڪا اسان اهڙي خبر رکڻ چاهيون ٿا، نه ئي اهڙي همت نه ڪرڻ جي ڪري قومي بنياد تي ادا ٿيندڙ قيمتن کي ئي نظر ۾ رکڻ، اسان جي پريشانيءَ جو ڪو حصو آهي !. نتيجي ۾ اهڙين ڪيترين ئي قومي ڪاميابين کي پاڻ ئي ڪَهي اچڻ باوجود، وقت سر گهرَ جو در کولي نه سگهڻ جي بي خبري ۽ بي عملي ڪري، حاصل ڪري سگهڻ کان محروم ئي رهي، بعد ۾ سڄو زور نعرن ۽ مطالبن تي ئي رکون ٿا.

    سنڌ ۽ سنڌين لاءِ هڪ چڱائي جو اهڙو ئي موقعو، آدم شماري جي پهرين مرحلي جي شڪل ۾، ٺيڪ هڪ مهيني بعد 5 اپريل کان 19 اپريل تائين اچڻو آهي. مٿي ڄاڻايل فقط 14 ڏينهن پنهنجون ننڊون ڦٽائڻ جي صورت ۾، قوم کي ڪيتريون ئي خوشيون آسانيءَ سان ڏئي سگهجن ٿيون. ڪيتريون ئي ڪاميابيون، تمام گهٽ قيمت ادا ڪري، حاصل ڪري سگهجن ٿيون. ايئن ڪرڻ لاءِ شرط فقط هڪ ئي آهي ته، پنهنجي بي عملي ڇڏڻ لاءِ ڪنهن وڏي نعري جو سهارو وٺڻ بجاءِ جيترو به ممڪن ٿي سگهي، ڪجهه ڪري ڏيکارجي.

    1998ع واري آدم شماري کي تيرنهن سال گذرڻ بعد، 5 اپريل 2011 کان نئين آدم شماري جو پهريون مرحلو، گهرن جي ڳڻپ جي صورت ۾ شروع ٿيڻو آهي، جيڪو فقط چوڏهن ڏينهن جاري رهڻ بعد، 19 اپريل تي ختم ٿي ويندو. انهن چوڏهن ڏينهن دوران گڏ ٿيل انگن اکرن مطابق ئي فيصلو ٿيڻو آهي ته، سنڌ اڃا تائين سنڌين جو ديس ئي آهي يا نه؟، دشمن ۽ ڌاريا ان جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ سان گڏ، پنهنجي آبادي به ايتري وڌائي ويا آهن جو، هاڻي اهي پنهنجن مفادن کي قانوني بڻائڻ جو به ڪم ڪري سگهن ٿا، يا نه؟.

    اچو ته ڪجهه انگن اکرن ذريعي صورتحال کي سمجهڻ سان گڏ، ان جي اهميت کي به محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون:

    پاڪستان ۾ پهرين آدم شماري 1951ع ۾ ٿي، جنهن مطابق سنڌ جي ڪل آبادي 60 لک، 47 هزار 764 هئي، جنهن مان 42 لک، 79 هزار 621 ماڻهو ٻهراڙيءَ ۾ ۽ 17 لک، 68 هزار 621 ماڻهو شهرن ۾ آباد هئا. شهرن ۽ ٻهراڙي ۽ رهندڙن ۾ فرق اڍائوڻ تي نظر ٿي آيو. 1961ع ۾ ٿيل ڳڻپ ۾ سنڌ جي آبادي، 23 لک، 19 هزار 317 فردن جي اضافي سان 83 لک، 67 هزار ٿي وئي، جنهن ۾ ٻهراڙيءَ اندر 52 لک فرد ۽ شهرن ۾ 31 لک، 67 هزار، 18 فرد رهندڙ ٻڌايا ويا. عجب جي ڳالهه آهي ته شهرن جي پيٽ ۾ اڍائوڻ کان به وڌيڪ افرادي قوت رکندڙ ٻهراڙيءَ ۾ ان کان ڏهن سالن دوران فقط 9 لک، 20 هزار 426 فردن جو اضافو ٿيو، جڏهن ته شهري سنڌ ۾ اهو اضافو 13 لک، 98 هزار، 891 رهيو، جنهن ڪري شهري آبادي هڪ ڌڪ ۾ 31 لک، 67 هزار، 18 فرد ٿي وئي. ان جو سادو مطلب اهو ئي ٿيو ته، انهن ڏهن سالن دوران آباديءَ ۾ بي پناهه اضافو ڪرڻ لاءِ بدنام ٻهراڙي واسين جي ڀيٽ ۾شهري آبادي 4 لک، 78 هزار، 465 فرد وڌيڪ پيدا ڪيا!. واضح رهي ته ان آدم شماري واري دور جو ئي اهو ڏهاڪو اهڙو آهي، جنهن دوران سنڌ ۾ ڌارين جون سڀ کان وڌيڪ لوڌون اچي آباد ٿيون. جن مان سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ ڌرين مان به فقط ڪجهه ئي ڌڙا 1953ع تائين سنڌ ۾ آيل ڌارين کي قبول ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا.

    1972ع ۾ ٿيل آدم شماري اهڙي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي آبادي پهريون ڀيرو هڪ ڪروڙ کان پار ٿي، جيڪا رڪارڊ مطابق هڪ ڪروڙ، 41 لک، 55 هزار 909 فرد ڄاڻائي وئي. انهن ڏهن سالن ۾ سنڌ ٻهراڙيءَ جي آبادي 32 لک،3 هزار ۽86 فردن جي اضافي سان 84 لک، 30 هزار، 133 ظاهر ڪئي وئي، جڏهن ته شهري آبادي 25 لک، 58 هزار، 758 فردن جي اضافي سان 57 لک، 25 هزار، 776 ظاهر ڪئي وئي. ايئن 1972ع واري آدم شماري مطابق به گذريل ڏهن سالن دوران اڪثريتي آبادي واري سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن، شهري آبادي کان فقط 6 لک، 44 هزار 327 فرد وڌيڪ پيدا ڪيا. 1981ع ۾ ٿيل ڳڻپ مطابق گذريل 9 سالن دوران سنڌ جي آبادي ۾ واڌ 48 لک 72 هزار، 757 ٿي، جنهن بعد مجموعي طور اها هڪ ڪروڙ 90 لک، 28 هزار، 666 ٻڌائي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي آبادي 23 لک، 28 هزار 497 جي واڌ سان هڪ ڪروڙ، 7 لک،85 هزار، 630 ۽ شهري آبادي 25 لک، 17 هزار 260 جي واڌاري سان 82 لک، 43 هزار 36 ٿي وئي. 1972 کان 1981 وارا 9 سال اهڙا آهن، جنهن دوران پهريون ڀيرو ٻهراڙيءَ جي ڀيٽ ۾ شهري آبادي هڪ لک، 88 هزار، 763 فرد وڌيڪ پيدا ڪيا!. انهن 9 سالن ۾ شهرن ۾ ايتري تيزيءَ سان آبادي وڌڻ جو ڪو سبب سمجهه ۾ نٿو اچي !، ان وقت تائين ته ظاهري طور ڀارت کان ٿيندڙ لڏپلاڻ به بند ٿي چڪي هئي، گذريل آدم شماري جي ڀيٽ ۾ شهري آبادي 27 لک، 4 هزار 357 فرد گهٽ هئي. آباديءَ جي روڪٿام واريون رٿائون شروع به ٿيون هونديون ته، اهي شهرن تائين ئي محدود هونديون، پر انهن جو اثر ٻهراڙيءَ تي ڪيئن پيو، جو اتي ٻار پيدا ٿيڻ گهٽجي ويا!؟، صاف ظاهر آهي ته، ان عرصي ۾ به سنڌ اندر ڌارين جون لوڌون وڏي تعداد ۾ اينديون رهيون هيون، جڏهن ته ڪنهن نه ڪنهن هنڌ ٿيل سازش تحت ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ مناسب نموني سان آدم شماريءَ جو ڪم به نه ڪيو ويو هوندو، جنهن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ اسان جي روايتي سستي به گهٽ ڪمال نه ڏيکاريو هوندو.

    پاڪستان ۾ آخري ڀيرو آدم شماري 17 سالن جي ڊگهي وٿيءَ بعد 1998ع ۾ ٿي. جنهن دوران سنڌ جي آباديءَ ۾ مجموعي اضافو هڪ ڪروڙ، 14 لک، 11 هزار، 227 فرد ٿيو، جنهن دوران سنڌ ٻهراڙي ۾ آباديءَ جي واڌ 48 لک، 14 هزار، 401 فرد ٿي، جنهن جو مجموعي انگ هڪ ڪروڙ، 56 لک،31 فرد، جڏهن ته شهري علائقن ۾ واڌ 65 لک، 96 هزار، 826 فرد ٿي، ان سان گڏ ئي شهري علائقن جي مجموعي آبادي هڪ ڪروڙ، 48 لک، 39 هزار، 862 فرد ٿي وئي. جنهن جو ٻيو مطلب اهو ٿيو ته، گذريل 17 سالن دوران ٻهراڙي جي مقابلي ۾ شهري آبادي 17 لک، 82 هزار 425 فرد وڌيڪ پيدا ڪيا..!!. 1951ع ۾ ٿيل آدم شماري، جنهن ۾ شهري آبادي ٻهراڙيءَ جي مقابلي ۾ اڍائوڻ تي گهٽ هئي، سان 1998ع تائين فقط 7 لک، 60 هزار 169 فرد پوئتي وڃي رهي.!!

    ٻهراڙيءَ مان شهرن ڏانهن ٿيندڙ لڏپلاڻ ڪڏهن به ان سطح جي ناهي ڏٺي وئي جو، شهرَ آباد ۽ ڳوٺَ ويران ٿيندي محسوس ٿين!، ته پوءِ ٻيو اهڙو ڪهڙو جادو ٿي سگهي ٿو، جنهن کي سِکي وٺڻ ڪري، شهر ايتري تيزيءَ سان آبادي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ويا!!؟؟ ايئن ٿيڻ جي ٻين ڪيترن ئي سببن مان ڪجهه، سبب هيٺيان به ٿي سگهن ٿا.

    1: ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿيل ڌارين جي لڏپلاڻ بعد سنڌ جي شهرن ۾ آباد ٿيل ڌاريا اڃا تائين پنهنجن اباڻن علائقن ۾ ويٺل ڀائرن کي نه رڳو لڳاتار سنڌ جي وڏن شهرن ۾ گهرائي آباد ڪرائي رهيا هئا، پر کين هتان جو شهري بڻائڻ ۾ به ڪامياب ٿي رهيا هئا!.

    2: ڪامورا شاهي جي اڪثريت سندن منجهان هئڻ ۽ فوجي آمرن کان وٺي هٿ ٺوڪين جمهوري حڪومتن جو لڳاتار حصو رهڻ ڪري، اهي هڪ منصوبابندي سان پنهنجي آدم شماري وڌائي ڏيکارڻ ۾ ڪاميابيون ماڻي چڪا هئا !.

    3: سنڌ ٻهراڙيءَ جي آبادي اها نه آهي، جيڪا انگن اکرن ذريعي ظاهر ڪئي پئي وئي!، جنهن لاءِ ڄاڻي واڻي ٻهراڙيءَ جي گهٽ علائقن ۽ آبادين کي ڳڻپ ۾ آڻي، سنڌي دشمن حڪمرانن ۽ ڪامورن سنڌين سان اهڙو هٿ ڏيکارڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي؟.

    4: ٿي سگهي ٿو اسان پنهنجن لَڇڻن ڪري به اهڙي سازش ڪامياب ٿيڻ جا دروازا پاڻ ئي کوليا هجن. آدم شماري ڪرڻ جي ڪم سان لاڳاپيل سنڌي ملازمن، اهو ڪم فضول سمجهي، ڳڻپ ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل ڏينهن کي ”عيد جي موڪل“ سمجهي گهر ۾گذاريو هجي!.

    5: سنڌين جي نمائندگي ڪندڙ ڌرين، پنهنجي روايتي نعري باز ڪردار کي پاسيرو رکي. ڪجهه ڏينهن جي ننڊ ڦٽائي، سنڌين ۾ اهڙي آگاهيءَ جي مهم هلائڻ کي مناسب ئي نه سمجهيو هجي.

    ان قومي غفلت ۽ ڌارين کي سندن سازشن تي عمل ڪرڻ کان روڪي نه سگهڻ جو سبب ڪهڙو به هجي، پر اهو اڳ ٿيل نقصان جو ازالو بڻجي نٿو سگهي. ڌاريا نه رڳو پنهنجي آدم شماري وڌيڪ ڏيکاري، سنڌ جا وسيلا پنهنجي قبضي هيٺ آڻڻ چاهين ٿا، پر دنيا آڏو اهو ثابت ڪرڻ به گهرن ٿا ته، هاڻي سنڌ ۾ اڪثريتي آبادي جي نمائندگي هو ئي پيا ڪن، هو ئي سنڌ جي عوام جا حقيقي نمائندا آهن، مختلف معاملن تي ساڻن ئي ڳالهايو وڃي، هو ئي سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا. ان لاءِ ڪنهن به ٻئي طرف ڏسڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، ڀلي اهي پاڻ کي ڌرتيءَ جو وارث سڏائيندڙ سنڌي ڇو نه هجن، ڇو ته اهي به هاڻ ريڊ انڊين جيان پنهنجي ڌرتي تي ئي ”ويچارا“ ۽ ”بي پهچ اقليت“ بڻجي چڪا آهن.

    1998ع واري آدم شماري جي انگن اکرن تي غور ڪندي، سنڌي عوام سان ٿيندڙ هڪ ٻئي به حيرت جوڳي ويساهه گهاتي جو انڪشاف ٿئي ٿو. اچو ته ان کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. ان آدم شماريءَ جي رڪارڊ مطابق، سنڌ ۾ اڪثريتي آبادي جي ٻولي واضح طور سنڌي ئي آهي، جيڪا مجموعي طور سنڌ ۾ رهندڙ 59.73 سيڪڙو ماڻهو ڳالهائين ٿا. جن مان 92.02 سيڪڙو ٻهراڙيءَ ۾، ۽ 25.79 سيڪڙو شهرن ۾ رهن ٿا، سنڌ ۾ رهندڙن مان مجموعي طور فقط 21.05 سيڪڙو آبادي اردو ڳالهائي ٿي، جنهن مان ٻهراڙيءَ ۾ فقط 1.62 ۽ شهرن ۾ 41.48 سيڪڙو آهي. پنجابي ڳالهائيندڙن جو مجموعي ريشو 6.99 آهي، جن مان 2.68 سيڪڙو ٻهراڙيءَ ۽ 11.52 سيڪڙو شهرن ۾ آباد آهن. پشتو ڳالهائيندڙ 4.19 سيڪڙو آهن، جن مان 0.61 ٻهراڙي ۽ 7.69 سيڪڙو شهرن ۾، بلوچي ڳالهائيندڙ 2.11 سيڪڙو آهن، جن مان 1.50 سيڪڙو ٻهراڙيءَ ۾ ۽ 2.74 سيڪڙو شهرن ۾، سرائڪي ڳالهائيندڙ سنڌ ۾ هڪ سيڪڙو آهن، جن مان 0.32 سيڪڙو ٻهراڙي ۽ 1.71 سيڪڙو شهرن ۾ آهن، جڏهن ته ٻين ٻولين ڳالهائيندڙن جو تعداد 4.93 سيڪڙو آهي، جن مان 1.25 ٻهراڙيءَ ۾ ۽ 8.80 سيڪڙو شهرن ۾ آباد آهن، انهن سرڪاري انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي فقط 21.05 سيڪڙو آهي، جنهن ڪري سنڌ جي وسيلن مان سندن حصو به ان شرح سان ئي ٺهي ٿو، پوءِ اهي ڪهڙا سبب آهن جو سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ نوڪرين جو 45 کان 50 سيڪڙو حصو اردو ڳالهائيندڙ آبادي کي ڏئي ڇڏڻ جو ڪم، اسان جا پيپلزپارٽيءَ جا سنڌي ووٽرن ذريعي چونڊيل اڳواڻ پاڻ ئي ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مشرف راڄ دوران به کين 35 کان 40 سيڪڙو ڪوٽا ملندي هئي، جيڪا به سندن حق کان تيرهن کان اڻويهه سيڪڙو وڌيڪ هئي! پ پ حڪمرانن سنڌين جون نوڪريون، ڇا سمجهي اردو ڳالهائيندڙن جي جهول ۾ وڌيون آهن؟، ڪاش ڪو هجي، جيڪو اهڙن ”عوامي حڪمرانن“کان پڇاڻو ڪري، يا سندن پنهنجي اندر ئي ڪو ضمير جاڳي پئي، جيڪو کين اهڙا سنڌ دشمن عمل ڪرڻ کان روڪي سگهي.

    ان سرڪاري چارٽ مطابق، سنڌ ۾ 4.93 سيڪڙو رهندڙ آبادي اهڙي آهي، جيڪا سنڌي، اردو، پنجابي، سرائڪي يا بلوچي نٿي ڳالهائي. اندازو اهو ئي لڳائي سگهجي ٿو ته، اهڙي آبادي ڪڇين، ميمڻن، مارواڙين، سلاوٽن ۽ ٻين اهڙين برادرين جي آهي، جيڪي پنهنجون لِڇون ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڌرتي سان ئي رکندڙآهن. جيڪڏهن سنڌ دوست ڌريون ٿوري به محنت ڪن ته، ايندڙ آدمشماري ۾، گذريل ڳڻپ جي انگن اکرن مطابق، 4.93 سيڪڙو آباديءَ کي، پنهنجي ٻولي سنڌي ڄاڻائڻ لاءِ آسانيءَ سان قائل ڪري سگهجي ٿو. ڪجهه ڏينهن اڳ اهڙو ثبوت ان وقت سامهون اچي به ويو هو، جڏهن آدم شماريءَ بابت جاڳرتا مهم هلائڻ لاءِ سڏايل ساڃاهه وند سنڌين جي اجلاس ۾ ڪڇين جي اڳواڻ پاڻ ڪهي اچي اهو ڏک اوريو ته:”آخر سنڌي کين پنهنجو ڪرڻ بجاءِ اردو ڳالهائيندڙ ٽولي طرف ڇو ڌڪي رهيا آهن!؟“. تمام ٿوري محنت سان ڪراچيءَ ۾ آباد 20 کان 25 لک ڪڇي، پاڻ کي آدم شماري ۾ سنڌي طور ڄاڻائڻ لاءِ تيار آهن، فقط اسان جي طرفان ان لاءِ ڪا سنجيده ڪوشش ٿيڻ جي ضرورت آهي.
    ان سان گڏ سنڌ ۾ هڪ سيڪڙو سرائڪي ڳالهائيندڙن ۽ بلوچي ڳالهائيندڙ 2.11 سيڪڙو ڀائرن کي به پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ ۽ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن طور سڃاڻپ ڪرائڻ تي قائل ڪرڻ، ڪا ڏکي ڳالهه نه آهي، سندن اڪثريت ته پيڙهين کان سنڌ ۾ سنڌين جيان ئي رهي پئي آهي، بس سندن سوچن جو رخ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪنهن مناسب ذهني وهڪري جي ضرورت آهي، جيڪو ڪم ڪنهن ٻئي کي نه، پر اسان کي ئي ڪرڻو آهي.

    ايندڙ 10 سالن لاءِ وفاق کان سنڌ کي ملندڙ مالياتي حصي جو ڪاٿو مقرر ڪرڻ، اهو سنڌ حڪومت حوالي ٿيڻ بعد آباديءَ جي ريشيءَ جي بنياد تي ٻهراڙي ۽ شهري جي بنياد تي ورهائڻ، نوڪرين جي ورهاست لاءِ ساڳي ئي فارمولاتحت ڪوٽا مقرر ڪرڻ ۽ ٻين انيڪ معاملن جي فيصلي، ۽ خاص طور شهري آبادي کي حد کان وڌيڪ وڌيل ڏيکاري سنڌ تي مالڪي ڪرڻ ۽ سنڌ جي نمائندگي سندن ئي هٿن ۾ اچڻ جا خواب ڏسندڙن کي پنهنجي اصليت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ، هر سنڌيءَ لاءِ ايندڙ مهيني (اپريل 2011) جا 14 ڏينهن انتهائي اهم آهن. 5 کان 19 اپريل تائين سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به آدم شماري جي پهرين مرحلي طور گهر شماري جو ڪم ٿيڻو آهي، جڏهن ته آگسٽ ۽ سيپٽمبر 2011ع کان شروع ٿيندڙ ٻيو مرحلو، جنهن ۾ ماڻهن جي ڳڻپ ٿيندي، سو مڪمل طور پهرين مرحلي ۾ ڪيل مڙسي تي ئي مدار رکي ٿو. آدم شماري لاءِ چونڊ فقط اهڙن ئي گهرن جي ٿيڻي آهي، جيڪي پهرين مرحلي۾ ڳڻپ هيٺ اچي چڪا هوندا، ٻي حالت ۾ آخري مرحلي ۾ پاڻ ظاهر ڪرڻ جو ڪو فائدو نه ٿيندو. جنهن ڪري جيڪو به ڪم ڪرڻو آهي ۽ جيتري به محنت وس ۾ آهي، سا سمورن سنڌين کي 5 کان 19 اپريل 2011ع جي چوڏهن ڏينهن ۾ ئي ڪري ڏيکارڻي آهي. اهي چوڏهن ڏينهن ئي ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي قسمت جو فيصلو ڪندا. 1981ع ۽ 1998ع ۾ ٿيل ڳڻپن ۾ ڌاريا پنهنجا جوهر کلي طور ڏيکاري چڪا آهن، هن ڀيري به کين ساڳيو ئي کيڏ ٻيهرکيڏڻ کان روڪڻ سان گڏ، پنهنجي ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڳڻپ ۾ شامل ٿيڻ کان نه رهڻ کي يقيني بڻائڻو پوندو. ان لاءِ هيٺ ڏنل ڪم ڪرڻ اڻٽر آهن:

    1: سنڌ ۽ سنڌين جي نمائندگي ڪندڙ سموريون سياسي ۽ قومي تحريڪون، سماجي تنظيمون توڙي ڪنهن به ٻئي نالي ۾ ڪم ڪندڙ ڪا به تنظيم 19 اپريل تائين پنهنجون ٻيون سموريون سرگرميون معطل ڪري، عوامي سجاڳيءَ جي مهم هلائڻ لاءِ پنهنجي هر ورڪر، همدرد ۽ هر واسطيدار کي استعمال ڪري.

    2: ساڳيون ئي تنظيمون ۽ تحريڪون اهڙو ماحول جوڙڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن جو، ڪراچي توڙي ٻين شهرن ۾ غيرقانوني طور رهندڙ 40 کان 45 لک ڌاريا، پاڻ کي سنڌ واسي ثابت ڪري نه سگهن. ان لاءِ وڏن شرن ۾غير قانوني طور رهندڙ افغانين، پٺاڻن، برمين، بنگالين ۽ بهارين جي ڳڻپ سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙهڪ ڌاري ملڪ جي شهري جي حيثيت ۾ ڪرائڻ ۽ فقط سندن رڪارڊ رکڻ خاطرڳڻپ ڪرائڻ لاءِ، هڪ ڀرپور مهم هلائي، حڪومت کي اهڙو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي.

    3: ٻوڏ هزارين سنڌي خاندانن کي بي گهر ڪري ٻين شهرن ۾ وڃي پناهه وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. اهڙن سنڌين جو وڏو تعداد اڃا تائين پنهنجن گهرن ڏانهن واپس ٿي ناهي سگهيو، سندن علائقن ۾ رهندڙ سمورا سنڌي، خاص طور سياسي ۽ سماجي تنظيمن جا ڪارڪن اهو ڪم پنهنجو قومي فرض سمجهي ڪن ته، اهڙي ڪنهن به ٻوڏ متاثر ڪٽنب جو گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي، جيڪو اڃا تائين پنهنجي اجهي ۾ واپس اچي نه سگهيو آهي.

    4: جن به استادن توڙي ڪلارڪن يا ٻين سرڪاري ملازمن جي ڊيوٽي گهرشماريءَ لاءِ لڳائي وڃي، اهي ڪنهن به ريت پنهنجي علائقي ۾ هڪ به گهر ڳڻپ ٿيڻ کان نه رهڻ کي يقيني بڻائين. اهو علائقو ڀلي ڪچو هجي يا پڪو، ڪاڇو هجي، ٿر هجي يا ڪو جابلو علائقو.

    5: جيڪڏهن انهن مخصوص ڏينهن ۾ ڪو گهر ڳڻپ کان رهجي به وڃي ته، اهڙو اطلاع آدم شماريءَ وارو ڪم ڪرائيندڙ سپروائيزر يا ٻئي ڪنهن به لاڳاپيل آفيسر تائين پهچايو وڃي ۽ پوءِ به جي ڪجهه ٿيندي نه ڏٺو وڃي ته، فوري طور سول جج وٽ اهڙي شڪايت ڪئي وئي.

    پاڻ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ دوستيءَ جي نالي ۾ فقط انيڪ ڳالهيون ئي ڪندا رهيا آهيون ۽ اڃا ڪيترائي ڏهاڪا ساڳيون ڳالهيون ڪندي رهڻ جو ارادو به رکون ٿا. پر هي وقت تمام ٿوري عرصي لاءِ پنهنجي ننڊ ڦٽائڻ جو گهرجائو آهي، ماڻهن تائين پهچڻ ۽ کين سمجهائڻ جو طالبو آهي، سنڌ اسان کان ڪجهه ڏينهن جو عمل گهري رهي آهي، اهو ڪم ڪو سر جي سانگي وارو به نه آهي جو گهرڀاتين کان روئي موڪلائي پوءِ روانو ٿجي. ڳالهه سنڌ جي بقا ۽ سنڌين جي پنهنجي ڌرتيءَ تي مالڪي ۽ کين گهٽ ۾ گهٽ پنهنجا حق بڻيل وسيلا ڏيارڻ جي آهي، سنڌ اسان ڏانهن ڏسي رهي آهي، سندس اکين ۾ هڪ سوال آهي ته:” ڇا سندس ڪروڙين فرزند، سندس جياپي لاءِ فقط چوڏهن ڏينهن جي قرباني ڏئي سگهن ٿا!؟.“ ڇا اسان ايترا نالائڪ ثابت ٿيڻا آهيون جو، پنهنجي ڌرتي ماءُ جي سڏ کي ورنائي به نه سگهون......!؟، اهو هڪ اهڙو قومي سوال آهي، جنهن جو جواب فقط هڪ مهيني بعد اسان سڀن جي اکين آڏو اچي ئي ويندو، طئه فقط اهو ٿيندو ته اسان جو جواب سنڌ جي سڏ سان سڏ ڏيندڙ رهيو، يا دشمن جي خواهشن جي عين مطابق. !!؟[/justify]

    عوامي آواز سنڊي ميگزين تان ورتل
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌين کان 14 ڏينهن جي قرباني گهرندڙ سنڌ

    سائين سليمان وساڻ صاحب، انتهائي قيمتي ليک اسد چانڊئي جو ونڊ ڪيو اٿوَ، بيشڪ اسان سڀني سنڌين کي تمام ٿورڙي جدوجهد سان سنڌ کي هڪ انمول تحفو ڏيڻو آهي ۔۔۔

    آدم شماري ۾ ڀرپور حصو وٺو ۔۔۔ سنڌ بچايو

    هي ايندڙ ڏينهن هر سنڌي جو هر فورم تي اهو نعرو هجي ۔۔۔۔ سنڌ بچايو ماڻهون ۽ گهر ڳڻپ پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجا رشتيدار ۽ پاڙي وارا ڳڙيايو ۔۔۔

    سلام دوستو ۔۔۔ اچو ته پاڻ ملهايون

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌين کان 14 ڏينهن جي قرباني گهرندڙ سنڌ

    [​IMG]
     
  4. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: سنڌين کان 14 ڏينهن جي قرباني گهرندڙ سنڌ

    جي سائين بالڪل هر قوم جي طاقت ۽ سرمايو سندس افرادي قوت هوندي آهي، جنهن ۾ ماڻهن جي انگ اکر جو وڏو دخل هوندو آهي ۽ گڏ و گڏ ماڻهن جي علم ۽ ڏاهپ جو به۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو