[justify]ٻڙيءَ کي ڪي صفر چون، ڪي زيرو، ڪي پوائنٽ، ڪي ڊيسيمل، ڪي ناٽ ۽ ڪي ڪجهه! پر ٻُڙي چوڻ سڀ کان وڌيڪ وڻندو اٿوَ. هيءَ ٻڙي جنهن کي نه آهي ٿولهه، نه آهي ڊيگهه، نه آهي ويڪر، نه آهي گهاٽائي، نه آهي منجهس ٻيو ڪو گڻ. ان جا ڪم ته ڏسو! ايڪو لکي ان جي کاٻي پاسي ٻڙي ڏيو ته هڪ جو ملهه ڏهه ٿي وڃي، ٻي ٻڙي ڏيو ته سؤ، ٽي ڏيو ته هزار. ائين ڪروڙن تائين وڃيو پهچي. پر وري جي ان کي ايڪي جي ساڄي پاسي رکوس ته سؤ ٻڙيون کڻي ڏيو پر ايڪي جو اگهه اوتري جو اوترو، هڪ تِرُ به نه وڌي. ٻڙيءَ جو اهو جادو منتر به عجيب آهي. جَسُ هجي ان ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ کي، جنهن هيءَ ٻُڙي ڳولي لڌي، ليکي چوکي جي ڪم ۾ سولائي ڪري وڌي ۽ هاڻي ساري جڳ جو ليکو انهيءَ ٻڙيءَ تي آڌار رکي ٿو. ٻڙي نه هجي ته ڏهه ايڪا، سؤ ايڪا ۽ هزار ايڪا ڪڍي، اسان جا هڏ ئي ڳري وڃن ۽ جڏهن انگ پڙهون ته ايڪا ڳڻي ڳڻي اڌمُئا ٿي پئون. ڳڻپ ۾ ڪو ايڪو ڀلجي وڃون ته وري ڳڻيون ۽ ڪم سڄو هيٺ مٿي ٿي پوي. جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو هاج ڪم رُلي ويندو آهي ته سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”بس ٻڙي اچي ويس.“ شاگرد ويچارا ته ٻڙيءَ سان مٿو به گهڻو کپائين، پر ان کان ڀڄن به اهڙو جهڙو ”ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان.“ شل نه ڪنهن کي ڪنهن پيپر ۾ ٻُڙي مارڪون ملن ته سندس ڪارپَت ڌوپي ويندي، ۽ روئي ڏيندو. پڙهائيندڙن جي اک ۾ هڪ پاسي، هڪ جيڏن جي اکين ۾ ٻئي پاسي، مائٽن جا موچڙا مار يا ڇنڀ ٽئي پاسي، ڄمار ئي وِهُه. سچ پچ ته ٻڙي آهي سا ننڍڙي پر آهي وِهُه جي ڳنڍڙي. ڪنهن به ٻوليءَ جا اکر ۽ ٻول تيستائين سڃاڻي نه سگهبا، جيستائين ٽُٻڪا ڏنل نه هجن. اهي ٽٻڪا وري ڇا آهن، اهي ئي ٻڙيون آهن، جي نه ڏجن ته ٻولي پڙهي نه سگهجي. دمن جون نشانيون به اهي ئي ٻڙيون آهن، سڄو دم رڳو هڪ ٻُڙي، اڌ دم ننڍڙي ابتي واءُ مٿان ٻڙي ۽ ”ٻٽي دم“ ۾ اُڀيون ٻه ٻڙيون. جيستائين اهي اهڃاڻ لکت ۾ نه ڏبا، تيستائين ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي، لکڻ پڙهڻ ۽ پرجهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. مون مٿي چيو آهي ته ٻُڙيءَ کي نه ڪا ڊيگهه نه ڪا ويڪر. ڪنهن به هنڌ جو وچ لهڻو هوندو ته اهائي ٻُڙي ڪم ايندي. ڊرائنگ ڪڍڻ لاءِ ته ليڪون کپن، پر ليڪون به ٺهيل انهن ئي ٻڙين مان آهن. هڪ ٻڙيءَ کي ٻي ٻڙيءَ سان ملائبو ته سڌي ليڪ ٺهي پوندي. ڪنهن شڪل، جهڙڪ ٽڪنڊي چوڪنڊي وغيره جون ڪنڊون ماپڻيون هونديون ته اهائي ٻڙي ڪم ايندي، جنهن تي ڪنڊ ماپ رکي ڪُنڊ جا درجا لهبا. ڇا ٻڙين مان ڪا ڊرائنگ نه نڪرندي؟ ڪير ٿو چوي. ٻڙين جي ميلاپ سان اهي ڊرائنگون نڪرن ٿيون، جي ڏسي کڻي چُپ ڪر. ڀرت جي ڪم ۽ ڇُرَ جي ڪم ۾ به ٻُڙيون ڪم اچن. پهريائين ٻڙين جي پور سان ڪپڙي تي ڇاپو ڪڍي، پوءِ اچي پَٽ جي ڌاڳي سان انهن مان گل ڦل ۽ ٻيا جيڪي ڀرت جا نمونا ڀرڻا هجن، سي ڀرين. واهه مائي ٻُڙي، تنهنجون اوجون ويهي لکان ته پوريون نه ٿين. توکي ماڻهو تِڇ سمان ٿا ڀانئن، پر اهي پاڻ ڀُليل آهن. تو جهڙي نه ڪا ٿي، نه ڪا ٿيندي، جنهن جي توسان بان آهي. [/justify] ڪتاب جو نالو : نياريون وِٿون مصنف : محمد اسماعيل عرساڻي
جواب: ٻُڙي جو انگ سائين تمام بهترين معلوماتي ونڊ جي مهرباني، بي شڪ هر زبان جو دارومدار سندس الفاظ جي بهترين ذخيري تي هوندو آهي۔