سنڌ جي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ جي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي
    اسحاق سومرو
    حوالو؛ عبرت اخبار
    ________________________________________
    ڪجهه مهينا اڳ ”آءِ بي اي“ جي ٽيسٽ پاس ڪرڻ کانپوءِ اٽڪل 7 هزار پرائمري ماسترن کي سموريءَ سنڌ ۾ مقرر ڪيو ويو. انهن مقررين جي جاچ لاءِ ٿرڊ پارٽي ويلڊيشن ”ٽي پي وي“ سروي ڪيو ويو. انهي ٽين ڌر ذريعي ڪيل سروي کي گذريل هفتي ورلڊ بئنڪ ۽ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ جمع ڪرايو ويو آهي. انهيءَ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀرتي ڪيل نون ماسترن مان 32 سيڪڙو ماستر اسڪولن مان غائب هئا ۽ تعليم کاتي جي رڪارڊ ۾ هلندڙ ڄاڻايل 37 اسڪول نئين مقرري ٿيڻ جي باوجود بند پيل آهن ۽ سروي واري ڏينهن تي سروي دوران 21 سيڪڙو ماستر غير حاضر هئا.
    ٿرڊ پارٽي سروي دوران خاص ڪري انهن نُقطن کي ڏٺو ويو ته نوان ڀرتي ٿيل ماستر طئي ٿيل پاليسيءَ تحت پورا لهن ٿا، اُهي اسڪولن ۾ ڊيوٽيون ڏين ٿا. واقعي به انهن 60 سيڪڙو مارڪون کنيون آهن ۽ انهن جي ڀرتي ۾ واضح چيل آهي ته انهن جي ٽن سالن تائين ڪٿي به بدلي نه ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به پنهنجي اصلي مقرريءَ واري اسڪول مان بدلي ڪرائي ته سندس نوڪري پاڻمرادو ختم ٿي ويندي.
    هن ٽين ڌر طرفان ڪيل سروي ۾ سيمپل طور تي 6 ضلعا شامل هئا جن ۾ ڪراچي، لاڙڪاڻو، خيرپور، گهوٽڪي، مٽياري ۽ ٿرپارڪر جي اهڙن 599 اسڪولن کي شامل ڪيو ويو، جتي ٽيسٽ پاس ڪندڙ ماسترن جي مقرري ٿيل هئي. سروي ۾ اُهو به انڪشاف ٿيو آهي ته آءِ بي اي جو امتحان پاس ڪرڻ جي بنياد تي ڀرتي ڪيل ماسترن مان 30 کي اهڙن اسڪولن ۾ مقرر ڪيو ويو، جيڪي سرڪاري رڪارڊ ۾ اڄ به هلندڙ ڏيکاريل آهن، پر عملي طور تي اُهي اسڪول بند پيا آهن. جڏهن ته 166 ماستر سروي لاءِ طئه ڪيل ڪنهن به اسڪول ۾ موجود نه هئا. انهن بند اسڪولن ۾ ڪراچيءَ جا 4 اسڪول، لاڙڪاڻي جا 15 اسڪول، خيرپور ۾ 5، گهوٽڪي ۾ 4، مٽياري ۾ 8 ۽ ٿرپارڪر جا 8 اسڪول شامل آهن.
    سروي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ ماسترن مان 16 سيڪڙو ۽ مستقل طور تي ڀرتي ٿيل اسڪولن جو 22 سيڪڙو ماستر غير حاضر رڪارڊ ڪيا ويا. سروي دوران ٽيم کي ڪجهه اهڙا اسڪول مليا جن جو ڪوبه وجود ئي نه هو. سروي ٽيم کي ڪراچيءَ جي 10 اسڪولن ۾ گهڙڻ ئي نه ڏنو ويو، يعني اتي به نوان مقرر ٿيل ماستر يا ته موجود ئي نه هئا ۽ نه ئي اُهي اسڪول هلندڙ هئا.
    هيءَ اها سروي آهي جيڪا ملڪ جي اهم ۽ سٺي ساک رکندڙ اداري سوشل پاليسي اينڊ ڊولپمينٽ سينٽر "spdc" ٽين ڌر طور تي دنيا جي وڏي ۾ وڏي مالياتي اداري ورلڊ بئنڪ طرفان ڪئي. ياد رهي ته انهن 7 هزار ماسترن جي مقرري لاءِ اڳوڻي حڪومت ۾ سکر جي آءِ بي اي اداري طرفان اهليت جي ٽيسٽ ورتي هئي، جنهن جو اُهو لازمي شرط هو مقرريءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 60 سيڪڙو مارڪن جو هئڻ لازمي هوندو، ڪنهن به مقرر ٿيل ماستر جي بدلي نه ٿي سگهندي، بدلي ڪرائڻ تي ان جي نوڪري ختم ٿي ويندي.
    هڪ ڳالهه جيڪا انتهائي اهم آهي ته انهن 7 هزار ماسترن جي مقرريءَ لاءِ ورلڊ بئنڪ سنڌ صوبي کي وياج تي قرض ڏنو آهي ۽ اُهي ماستر سنڌ حڪومت قرض کڻي مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن سنڌ جي تعليم ۾ واڌارو ۽ سڌارو اچي ۽ اُهو ورلڊ بئنڪ جو قرض ۽ وياج خبر ناهي سنڌ جو عوام ڪيترن سالن تائين ادا ڪندو رهندو.
    ايس پي ڊي سي جي انهي تازي جاري ڪيل سروي واري رپورٽ کانپوءِ اهو ظاهر ٿي ويو آهي ته سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي طرفان جاري ٿيندڙ وقت به وقت جا بيان ته نون ماسترن جي ڀرتيءَ کانپوءِ اڍائي هزار اسڪول کوليا ويا آهن، جيڪي بند پيل هئا ۽ ٻين 5 هزار بند پيل اسڪولن کي به کوليو ويندو جيڪي اسڪول کُليا آهن ۽ جهڙي نموني سان کُليا آهن. رپورٽ جي جاري ٿيڻ کانپو اصل صورتحال سنڌ جي ماڻهن جي اڳيان ظاهر ٿي پئي آهي. اڃا ته صرف 599 اسڪولن ۽ سنڌ جي صرف 6 ضلعن جي سروي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ به فوڪس نوان ڀرتي ٿيل ماستر ۽ انهن جي مقرريءَ کانپوءِ کوليا ويل اسڪول هئا. جيڪڏهن سنڌ ۾ سالن کان موجود 45 هزار پرائمري اسڪولن جي وجود، انهن جي کُليل هجڻ، ماسترن جي موجودگي ۽ انهن جي تعليمي معيار جي جيڪڏهن تفصيلي سروي ڪرائي وڃي ته ڪهڙي نه ڀيانڪ رپورٽ سامهون ايندي هاڻي ان جو اندازو لڳائڻ ڪو وڌيڪ ڏکيو نه آهي.
    جڏهن کان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آئي آهي ته اُن ۾ عام ماڻهو توڙي پڙهيل لکيل طبقي جون اميدون به وڌي ويون آهن ته هيءَ عوامي حڪومت سنڌ جي تعليم جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ ۽ خصوصن پرائمري تعليم کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪي سخت قدم کڻندي ۽ جن تي عمل به ڪرائيندي پر هن جاري ٿيل رپورٽ کانپوءِ جيڪا صرف 599 اسڪولن جي رپورٽ آهي. حقيقت ان جي ابتڙ آهي ۽ هن وقت تائين گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي پرائمري تعليم ۾ ڪابه بهتري ۽ سڌارو نه اچي رهيو آهي.
    سنڌ جا ماڻهو سوچين ٿا ۽ اُهو سوال ٿا ڪن ته تر جي وڏيرن ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن اسڪولن کي مال جي وٿاڻن، اوطاقن، گدامن ۽ گهرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ جن جي بلڊنگن تي سنڌ حڪومت جا اربين روپيه خرچ ٿيا آهن. انهن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ تعليم واري کاتي کي ڪهڙن اختيارن جي ضرورت آهي؟؟ ڇا ان لاءِ به سوات ۽ وزيرستان جيان پاڪستاني فوج جون خدمتون ورتيون وينديون؟ انهيءَ دکدائڪ صورتحال مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن وقت تائين سنڌ جي تعليم کاتي جون سموريون ڪوششون ۽ حڪمت عمليون اجايون وڃي رهيون آهن. ۽ وزير موصوف جي انهن بيانن تي ته گوسڙو ماسترن ۽ ڪرپٽ انتظامي ڪامورن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو ۽ بند پيل اسڪول کوليا ويندا ۽ ماسترن جي حاضريءَ کي يقيني بنايو ويندو. اُهو گوسڙو ماستر ۽ انتظاميه آفيسر هڪ ڪن مان ٻُڌي ۽ ٻئي ڪن مان وهائي ڇڏيندا هوندا ۽ هاڻي وري ٻيهر سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ٽيسٽ کانپوءِ اٽڪل 17 هزار پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊريءَ جا ماستر ڀرتي ٿي رهيا آهن. خبر نه آهي ته انهن جي حاضريءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، ائين نه ٿئي ته اُهي به گهر ويٺي پگهارون کڻندا رهن ۽ سنڌ جا لکين معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي ”نور“ کان محروم رهن. ڇو ته ٽيسٽ جي پاس ڪرڻ، بنا ڪنهن ڪوٽا ۽ سفارش جي ڀرتين کانپوءِ جيڪڏهن اسڪول نٿا هلن ۽ ماستر غير حاضر رهن ٿا ته سنڌ جي تعليم کاتي ۽ خصوصن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ واري قيادت کي انتهائي اهم سمجهي نه رڳو ان تي سوچڻ گهرجي پر مصلحتن کان هٽي سخت قدم کڻڻ کپن ۽ ان لاءِ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ويٺل ڪارين رڍن ۽ گوسڙو ماسترن، تعلقن ۽ ضلعن ۾ مقرر ڪرپٽ ڪامورن جي خلاف هڪ وڏو آپريشن ڪيو وڃي. ڇو ته سنڌ جي تعليم جي بهتريءَ ۾ بنيل انهي رڪاوٽ ۽ مافيا کي فوري طور تي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي، جيڪا هر سال سنڌ جهڙي پوئتي پيل صوبي جي بجيٽ جا اربين روپين ضايع ڪري رهيا آهن ڇو ته هاڻي بيان بازي ۽ ڪوڙا رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ کان ڪم چڙهيل آهي.
    سال 2003ع ۾ پڻ انهيءَ ساڳئي اداري Spdc جي طرفان سنڌ جي تعليم جي معيار، پرائمري اسڪولن جي (ايس ايم سيءَ) جي فيسن جي استعمال جي ٿرڊ پارٽيءَ ويلڊيشن جاپان جي حڪومت طرفان ڪئي وئي هئي، ان وقت ان اداري جو سربراهه، ملڪ جو ناميارو اقتصادي ماهر ۽ سماجي سائنسدان قيصر بنگالي هو. آءٌ به ان ٽيم جو ميمبر هوس ۽ اٽڪل هڪ مهيني تائين سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃڻ ٿيو هو.
    انهيءَ سروي دوران اسان جي ٽيم کي مٺيءَ جي هڪ گرلس اسڪول جي هيڊ ماسترياڻيءَ چيو ته هي سروي ۽ تحقيقون ڪابه بهتري آڻي نه سگهنديون ۽ توهان به سچ ڪونه لکندؤ ۽ حڪومت توڙي هيءَ سروي ڪندڙ ادارا ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي رهيا آهن. هن اسڪول جي انهيءَ هيڊ ماسترياڻي آن دي رڪارڊ چيو ته سنڌ حڪومت جي ان وقت جي ڪاموري ۽ هن وقت سنڌ جي تعليم کاتي ۾ انتهائي اهم جڳهه تي ويٺل ساڳئي ڪاموري جي مائٽياڻين جي 10 اهڙين ماسترياڻين جا نالا ٻُڌايا هئا جيڪي مقرر ته ٿر جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ آهن، پر اُهي رهن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيون ۽ پگهارون هر مهيني باقاعدگيءَ سان کڻڻ ٿيون. هن وڌيڪ چيو ۽ دعويٰ ڪئي ته انهن ماسترياڻين ڪڏهن به پنهنجي مقرريءَ وارن اسڪولن کي ڏٺو به نه آهي. Spdc جي انهيءَ تفصيلي رپورٽ کي سنڌ جي عام ماڻهو، خصوصن تعليم کاتي جي وزير ۽ سنڌ جي مڙني گهَڻگهُرن کي ضرور پڙهڻ گهرجي. هيءُ ته هئا اڄ کان 6 سال اڳ هڪ تعليم جو درد رکندڙ عورت استاد جا رمارڪس ڇا اڄ به اهڙا گوسڙو ماستر ۽ ماسترياڻيون ۽ ڪرپٽ ڪامورا ڪنهن کان ڳجها آهن؟
    صرف اها ضرورت آهي ته حڪومت هن صوبي جي عوام تي رحم کائي سخت قدم کڻي هڪ دفعو تعليم کاتي ۾ ويٺل انهن سمورين ڪارين رڍن ۾ هٿ وجهي ته شايد سنڌ جي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي بچي وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو