ادامنصور، منصور مهنجي ڀاڻيجي جو نالو آهي تمام پيارو نالو آهي ادا ۔ اوهان کي ڏسي ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي ته منصور جو تعلق فوٽو گرافي سان آهي مطلب جهڙو اوهان جو نالو اهڙا اوهان ۔ ادا سچل ڳوٺ ڪراچي جي سنڌين جي سونهن آهي ۽ سچل ڳوٺ وارن سان ته اسان جو روح جو رشتو آهي اصل مکڻ ماڻهون آهين پوء ڀلي اهو سائين نثار ابڙو جي صورت ۾ هجي يا سليمان وساڻ جي صورت ۾ هجي ۔ ادا اوهان به اسان سان روح جي رهاڻ ڪرڻ آيا آهيو انشاء الله ااوهان سان به ڪچهريون ڪري دل خوش ٿيندي ۔ بس اوهان جلدي ٽائپنگ سکي وٺو ادي سليمان وساڻ جي اوطاق تي ڀيرو ضرور ڀريندا جي ڪنهن رهنمائي جي ضرورت پوي اهي سنڌين لاء ساه ڏيڻ لاء تيار هوندا آهن ۔۔
ادا منصور احمد ۔۔۔ توهان کي سنڌسلامت تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار۔۔۔ سچل ڳوٺ جي دوستن سدائين سنڌ سلامت جي فورم سان ساٿ نڀايو آهي۔۔ اميد ته اوهان به اهڙي طرح ساٿ نڀائيندا۔۔
سهڻا منصور احمد، دل جي گهراين سان سنڌ دوست اوطاق تي ڀليڪار ۔۔۔ اوهانجي تصويرنگاريءَ کان ضرور سنڌ سلامت کي به فائدو ٿيندو ۽ سهڻيون سهڻيون تصويرون نظر اينديون ۔۔۔
اوهان سنڌي لکندا رهندا ته اميد آهي هڪ ڏينهن تمام بهتر سنڌي لکي سگهندا ، انگريزيءَ جي هڪ ڪهاوت جيئان ۔۔۔۔ Practice Makes a man perfect
ادا اوهان کي هن محبتي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار، اميد ته ٻين دوستن وانگر اوهان به هن قافلي جي اوسر ۾ ساٿ ڏيندا۔
توهان جي تصويرن ۽ تحريرن جو انتظار رهندو۔هميشه خوش رهو۔ه