غير قانوني حراست يا غيرقانوني قيد ۽ ان جو حل

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2011۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    غير قانوني حراست يا غيرقانوني قيد ۽ ان جو حل

    پوليس يا وڏيرا سياسي دشمني جي ڪري يا ڪجھ ٻيا مقصد حاصل ڪرڻ جيِ لاءِ يا با اثر ماڻهن جي هدايتن تي ماڻهن کي کنڀي غيرقانوني طور تي پوليس اسٽيشن جي لاڪپ يا پرائيويٽ جاين تي پابندسلاس ڪن ٿا. زميندار ڪڏهن ڪنهن هاري کان قرض جا پئسا واپس وٺڻ يا ڪنهن ٻئي لڪيل وجهه جي ڪري، هاري ۽ ان جي ٻارن کي نجي جيل خانن ۾ قيد رکندا آهن جنهن جي ڪري انهن انسانن جا بنيادي حق، گھمڻ ڦرڻ ۽ زندگي سٺي نموني گذارڻ جيڪو اسلامي جهموريه پاڪيستان جي آئين 1973 جي شڪ 13 جي تحت پروٽيڪٽ ٿيل آهن، ان جي ڀڃڪڙي ڪئي ويندي آهي. پوليس جڏهن ڪنهن ڏوهاري کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويندي آهي ته ان ڏوهاري کي زير بار ڪرڻ لاءِ ته هو پنهنجي پاڻ کي پيش ڪري، ڏوهاري جي ويجهن عزيزن کي پڪڙي غيرقانوني طور تي لاڪپ ۾ يا ڪنهن ٻي جاءِ تي قيد ڪندي آهي. ڪنهن به انسان کي غيرقانوني پابند سلاس بنائڻ (لاڪپ ۾ يا ڪنهن پرائيويٽ جاءِ تي) قانونن جرم آهي (سيڪشن 340 پاڪيستان پينل ڪوڊ) ۽ ان جي سزا هڪ سال ۽ ٽي هزار روپيه ڏنڊ پاڪيستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 342 جي تحت ڏيئي سگهجي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن انسان جي رهائي جو پروانو قانوني طور جاري ڪيل هجي ۽ ان کان پوءِ به ان شخص کي غيرقانوني حراست مان نه ڇڏيو وڃي ته پاڪيستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 345 تحت نافرماني ڪندڙ عملدار کي ٻه سال سزا به ڏيئي سگهجي ٿي.
    غيرقانوني حراست يا پرائيويٽ طور تي قيد ماڻهن جي وارثن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
    جڏهن به ڪو انسان غيرقانوني قيد ڪيو وڃي پوليس لاڪپ ۾ يا ڪنهن زميندار جي خانگي جيل ۾ يا ڪنهن ٻي جڳهه تي ته مظلوم (Detenue) جا مائٽ يا دوست يا ڪو ٻيو ماڻهو سيڪشن 491 ڪرمينل پروسيدير ڪوڊ جي تحت هڪ درخواست سيشنس جج کي سڌي طرح سنڌي يا انگريزي ۾ يا وڪيل جي معرفت موڪلي يا داخل ڪري، ان ۾ ٻڌايو وڃي ته مظلومDetnue/ ......... وقت کان غيرقانوني ۽ غيرطريقي سان قيد ڪيو ويو آهي (پبلڪ يا پرائيويٽ جڳهه تي). ان جي آزادي کي نقصان پهچايو ويو آهي. سيشنس جج جوديشل مئجسٽريٽ کي يا ڪنهن ٻئي قانوني عملدار کي ٻڌايل جڳهه تي (غيرقانوني قيد ڪرڻ واري جڳهه) تي ڇاپي هڻڻ جي هدايت ڏيندو. جوديشل مئجسٽريٽ ٻڌايل جڳهه تي ڇاپو هڻندو ۽ جيڪڏهن پرٽيڪيولر ماڻهوDetenue/ کي غيرقانوني قيد ۾ ڏسندو ته ان جو اندراج ٿاڻي جي روزنامچه رجسٽر ۾ ڪري، ان ماڻهو کان بانڊ وٺندو ته هوسيشنس ڪورٽ ۾ ڏسيل تاريخ تي حاضر ٿيندو، ان کان پوءِ ان Detenue کي آزاد ڪندو. ذميوار پوليس آفيسر يا پرائيويٽ ماڻهو کي حڪم ڏيندو ته هو سيشنس ڪورٽ ۾ تاريخ تي حاضر ٿين ۽ رپورٽ پيش ڪن ته ڇا لاءِ ماڻهو کي حبس بيجا ۾ رکيو ويو هو. ٻڌايل تاريخ تي غيرقانوني پابندسلاس ماڻهو ۽ پوليس سيشنس ڪورٽ ۾ حاضر ٿيندا. سيشنس جج ٻنهي ڌُرين کي ٻڌڻ کان پوءِ پوليس جي رپورٽ ۽ ٻين ڪاغذن تي غورويچار ڪرڻ کان پوءِجيڪڏهن هن نتيجي تي پهچندو ته پرٽيڪيولر ماڻهو کي غيرقانوني قيد ۾ رکيو ويو هو (پرائيويٽ يا پبلڪ جڳهه) ته پوليس يا زميندار جنهن جي ڪري اهو غير قانوني ڪم ڪيو ويو هو جي خلاف ڪرمينل ڪيس انڍرسيڪشن 340 پاڪيستان پينل ڪوڊ جي تحت داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي. سيشنس جج (Detenue) کي هرجاڻي طور پوليس يا پرائيويٽ پارٽي جنهن جي چوڻ تي ان کي غيرقانوني قيد ڪيو ويو کان ڏنڊ طور پئسا به ڏياري سگهي ٿو. غيرقانوني پابندسلاس جي مائٽن ۽ دوستن کي درخواست 491 ڪرمينل پروسيدير ڪوڊ جي تحت داخل ڪرڻ لاءِ وڪيل ڪرڻ جي ضرورت نه آهي ۽ درخواست سڌي طور سيشنس جج کي اماڻي سگهجي ٿي. پوسٽ ذريعي به موڪلي سگهجي ٿي.
    غيرقانوني حراست مان مطلب آهي ته ڪنهن ماڻهو کي بغير گرفتاري وارنٽ، بغير مشيرنامه گرفتاري، بغيرڪنهن ڏوهه ۾ شموليت، بغير ڪنهن قانوني وجهه، بغير روزنامچه رجسٽر ۾ انٽري، بغير ڪورٽ ريمانڊ جيڪڏهن هن جي گرفتاري کي 24 ڪلاڪن کان مٿي ٿي ويو آهي ٿاڻي جي لاڪپ ۾ يا ڪنهن ٻئي هنڌ قيد ڪيو وڃي. [COLOR="Black[COLOR="Purple"]"]اميد ته اسان جي فورم جا ميمبر هن معلومات مان مستفيد ٿيندا ۽ جيڪڏهن هو يا انهن جو ڪو مائٽ يا دوست هنن معاملن کي مُنهن ڏيئي رهيو هوندو، ان جي صحيح نموني رهنمائي ڪندا. جيڪڏهن هڪ ميمبر کي به هن قانوني ڄاڻ مان فائدو ٿيو ته اسان سمجهنداسين ته اسان کي محنت جو صلو ملي ويو
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: غير قانوني حراست يا غيرقانوني قيد ۽ ان جو حل

    سائين ميمڻ صاحب مهرباني

    قيمتي مضمون ونڊ ڪرڻ لاء اوهان جا خاص ٿورا۔ مان سمجهان ٿو اوهان جو هي مضمون يقينن دوستن لاء فائديمند رهندو۔ اڄڪله جي حالتن کي ڏسي ڪوبه ماڻهو اهڙي صورتحال مان گذري سگهي ٿو۔

    اميد ته اوهان اهڙا قانوني ڄاڻ وارا ليک ونڊ ڪندا رهندا۔ جيتو ڻيڪ هڪ ٻيو وڪيل دوست عبدالڪريم چانڊيو به فورم تي موجود آهي پر لڳي ٿو ته هو اڃان سنڌي سکڻ جي مرحلي مان پيو گذري ۽ اميد ته هو به جلد سرگرم نظر ايندو۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: غير قانوني حراست يا غيرقانوني قيد ۽ ان جو حل

    ڪجهه ڏينهن پهرين مون هڪ اخبار ۾ پڙهيو هو ته ۔۔۔ سوئٽزرلينڊ ۾ جانورن کي عدالت ۾ نمائندگي جو آئيني حق ڏيڻ جي تجويز تي ملڪ ۾ ريفرنڊم ٿي رهيو آهي. جانورن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جو چوڻ آهي ته جانورن جي نمائندگي جي لاءِ ملڪ ۾ حڪومتي خرچ تي وڪيل مقرر ڪرڻ انهيءَ ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته جانورن جي ڀلائي لاءِ قائم ٿيل قانونن جو احترام ڪيو وڃي ۽ جانورن سان بي رحمي جي واقعن جي روڪٿام ٿيڻ گهرجي۔۔۔ملڪ ۾ 1992 کان جانورن سان بي رحمي جي ڪيسن ۾ جانورن جي نمائندگي لازمي آهي. جانورن جي نمائندگي ڪندڙ موجوده وڪيل آنتوان گوئشيل آهي. هو عدالت ۾ ڪُتي، ٻلي، ڳئون، رڍ سميت مڇي جي نمائندگي ڪري چُڪو آهي.سندس خيال آهي ته جانورن جي حقن جي لاءِ ڳالهائڻ جيڪي ڳالهائي نٿا سگهن انصاف جي اصل روح آهي. سندس چوڻ آهي ته ”منهنجي لاءِ جانور معاشري جو سڀ کان ڪمزور حصو آهن ۽ انهن جو بهتر تحفظ ڪرڻ جي ضرورت آهي.“۔۔۔ پر ادا هت ته اسان جي ماروئڙن لاء به ڪو سرڪاري وڪيل ميسر ڪوني، جيڪو هنن جو دفاع ڪري، ادا توهان کي لک شابس آهي جو توهان اهڙا قيمتي قانوني طور طريقا ٻڌائي رهيا آهيو، جنهن لاء منهنجي طرفان توهان کي سلام پيش آهي، اميد ته اهڙين قانوني پوائنٽن مان اسان جي مون سميت عام ماڻهون کي واقف ڪندارهندا ته مهرابي، ادا اسان جي فورم تي ماشاءالله سان هر مڪتبِ فڪر وارو ساٿي اچي رهيو آهي، جنهن لاء مان ته اهيو چوندس ته اسان ان معاملي ۾ خوشنصيب آهيون۔

     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: غير قانوني حراست يا غيرقانوني قيد ۽ ان جو حل

    ادا سليمان وساڻ ۽ ادا ممتاز علي وگهيو توهان جا لک ٿورا جو اوهان اسان ناچيز جون هئ ننڍڙيون ڪوششون پسند ڪيون۔ادا سائين اسان وڪيل نه آهيون پر هڪ سرڪاري جاب جيڪو قانون سان رلٽيڊ آهي ڪندا آهيون۔
     
  5. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: غير قانوني حراست يا غيرقانوني قيد ۽ ان جو حل

    ادا ميمڻ صاحب، تمام بهترين معلومات ڏني اٿو، اسان وٽ ته ڪو قانون نه هوندو آهي، ماڻهو بغير ڪنهن جرم جي ثابت ٿيڻ جي عمر قيد ڪاٽي ايندا آهن تازو ئي اسان جو هڪ مائٽ ڏه سال جيل ۾ گذاري آيو آهي جنهن دوران مقدمو به هلندو رهيو، پر ان جي ڪڏهن به قانوني ڪاروائي نه ڪئي وئي۔ بهرحال اوهان جا لک لائق جو اها بهترين معلومات فراهم ڪئي۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: غير قانوني حراست يا غيرقانوني قيد ۽ ان جو حل

    محترم آريسر صاحب جو هڪ قول مون پڙهيو هو ته پاڪستان جو قانون ڪوريئڙي جو ڄار آهي، جيڪو مڇر ۽ مک ته ڦاسائي سگهي ٿو پر زورآور جو زور برداشت ڪري نٿو سگهي ۔۔۔؟ جيتوڻيڪ اها ڳالهه پاڪستاني قانون تي پوري لهي ٿي ۔۔۔ پر تنهن هوندي به ادي ميمڻ صاحب جي ڳالهه به پنهنجي جا تي تمام ڪم واري آهي ۔۔۔۔ ويڙه ڪجي ته قانوني فتح حاصل ڪري سگهجي ٿي ۔۔۔ بس ماڻهون ڏوهاري نه هجي ۔۔۔؟

    تمام معلوماتي ونڊ آهي دوست ميمڻ صاحب ۔۔۔ جزاڪ الله خئير
     
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: غير قانوني حراست يا غيرقانوني قيد ۽ ان جو حل

    ادا غلام مصطفى صاحب اوهان جي وڏي مهرباني جو غريب عوام جي پريشانيون کي فوڪس ڪري مٿان وري سهڻي نموني حل ڪڍي ٻڌايو ٿا ، فورم جي سڀنن دوستن کي پڻ عرض آهي ته جيڪر اوهان جي علائقي ۾ ڪو اهڙو پريشان ۽ مصيبت ۾ ورتل ماڻهن ملن ته ضرور هن جي مدد ڪن ،

    ادا لک ٿورا اوهان جا ، الله اوهان کي اڃان مزيد عمل صالح ڪرڻ جي توفيق عطا فرما ، آمين
     
  8. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: غير قانوني حراست يا غيرقانوني قيد ۽ ان جو حل

    تمام بهترين ونڊ
    سائين اميد ته آئينده به رهنمائي ڪندا رهندا۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو