نثارابڙو
نائب منتظم
وات جا مالڪ ٿيو؛
هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي ته هڪ ڪراڙي پنهنجي پاڙي ۾ رهندڙ نوجوان لاءِ اها ڳالهه هُلائي ته نوجوان چور آهي ...
نتيجي ۾ هڪ ڏينهن پوليس آئي ۽ نوجوان کي گرفتار ڪري وٺي وئي.
ڪجهه ڏينهنِ ۾ نوجوان ثابت ڪيو ته هو چور ناهي ۽ آزاد ٿي ويو...
آزاد ٿيڻ کانپوءِ ان نوجوان پوڙهي تي عزت جي خرابيءَ جو ڪيس داخل ڪيو ...
عدالت ۾ ڪراڙي چيو، جج صاحب! مون ته صرف هڪ تبصرو ڪيو هو ۽ هڪ ڳالهه ڪئي هئي، جنهن سان ڪنهنکي ڪهڙو نقصان؟
جج فيصلي ڏيڻ کان اڳ ڪراڙي کي چيو؛ ” تون هينئن ڪر جو جيڪي به ڳالهيون هن نوجوان بابت چيون هيون سي هن ڪاغذ جي ٽڪري تي لکو، ان ڪاغذ جا ٽڪر ٽڪرا ڪري جڏهن گهر ڏانهن وڃو ته رستي تي اڇلائيندا وڃو.“ سڀاڻي واپس اچي فيصلو ٻڌجانءِ.
ٻي ڏينهن تي جج ان ڪراڙي کي چيو، “ فيصلي ٻڌڻ کان اڳ ٻاهر وڃ ۽ جيڪي ڪاغذ جا ٽڪڙا تو ڪالهه اڇلايا هيا سي موٽائي کڻي اچ”
ڪراڙي جواب ڏنو، “ آءُ اهو ڪئين ڪري سگهندس، هوا انهن ٽڪڙن کي کڻي اڏاري ڇڏيو آهي، ۽ ڪيڏانهن اڏري ويا اها مونکي ڪهڙي خبر.؟
تنهن تي جج وراڻيو، “ بلڪل ساڳيءَ طرح معمولي ۽ ننڍڙا چيل خراب لفظ ڪنهن عزت واري ماڻهونءَ جو مان ۽ عزت وڃائي سگهنٿا ۽ وات مان نڪتل ڳالهه ورائي وات ۾ آڻي نه ٿي سگهجي. ۽ اها بيعزتي وري عزت ۾ تبديل ٿي نه ٿي سگهي.
“جيڪڏهن اوهان ڪنهن لاءِ سٺو نه ٿا ڳالهائي سگهو ته سٺو آهي ڪجهه به نه چئو”
اچو ته اسين سڀ پنهنجي وات جا پاڻ مالڪ ٿيون ۽ پنهنجن لفظن جا غلام نه ٿيون.