• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موت جو کوه

علي ظفر

نائب منتظم
انتظامي رڪن

ننڍڙا هوندا هئاسي سائين ابراهيم شاه بخاري جو ميلو لڳندو هو اتي ڀلي ٻيو ڪجه نه ڏسون پر 5 رپيا ٽڪيٽ جا ڀري موت جو کوه ضرور ڏسندا هئاسي ۔ جنهن مهل موٽر سائيڪل هلندي هئي ته ساه پيٽ ۾ نه هوندو هو پر مزي ۽ ڊڄ واري ڪيفيت به مزيدار هوندي هئي ۔ پر افسوس جي جهوني ٿيڻ کان پوء ميلين تي وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو سين هاڻي به جڏنهن پاڪستان ويس ته ڀر ۾ ئي ميلو لڳل هو پر ان ڪري نه وڃي سگهيس ته هاڻي ميلو شايد شريف ماڻهون جي جڳه ئي نه رهيو آهي ملهه ۽ ملاکڙي جي جڳه تي ميجڪ شو ۽ سگهڙن جي ڪچهري ڪدڙن ۽ ناچن ورتي آهي سو نه رهيا اهي وڻ نه رهيا پرين جا ديرا پر اڄ هن ويڊيو تي نظر پئي پهنجو بچپن ياد اچي ويو ۔ دل ۾ اهو خيال آيو ته ڪاش ۔۔۔ مون کان سڀ ڪجه وٺو مون کي مهنجو بچپنو موٽائي ڏيو۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔پر شايد۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=J7frD9VP85k
 
Back
Top