نثارابڙو
نائب منتظم
نوٽ؛ مون هن کان اڳ هڪ مضمون لکيو هو “ شاهه جي ڪلام ۾ تنظيم سازيءَ جو تصور” ، ان ئي سلسلي سان ڳنڍيل، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ انگريزي سائيٽ تي هي مضمون نظر آيو ته سوچيم ڇو نه دوستن سان ونڊ ڪجي، ڇاڪاڻ ته هن وقت سنڌ اڳواڻن جي ڳولها ۾ آهي، سنڌ جو فڪر ته سولو ۽ چٽو آهي، عوام ۽ ڪارڪن به عام ۽ جام آهن، بس جيڪڏهن ڪمي آهي ته سٺي، سچي ۽ هڏ ڏوکي اڳواڻ جي جيڪو قوم جي اڳواڻي ڪري منزل تي رسائي ۔۔۔۔ هن مضمون سان پڙهڻ سان اسانکي پنهنجي اڳواڻن کي تورڻ ۽ تڪڻ جي هڪ ڪسوٽي ملندي ۽ جيڪڏهن اوهانکي هن ڪسوٽي تي 100 فيصد نه پر 75 فيصد به ڪو اهڙو اڳواڻ نظر اچي ٿو جيڪو عمل ڪري سگهي ٿو ته پو خدارا ان جا هٿ مضبوط ڪريو ۽ انجي اڳواڻي قبول ڪندي ۔۔۔ قوم کي منزل رسايو ۔۔۔
رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
********************************************

http://imageshack.us

اڳواڻيءَ جا اصول؛
مترجم؛ نثار ابڙو
مترجم؛ نثار ابڙو
علم اڳواڻيءَ ۾ هڪ ڪهاوت آهي ته ”اڳواڻ آسمان تي ناهن ٺهندا“. اڳواڻ زمين تي پئدا ٿيندا آهن، ۽ جيترو اهي اڳواڻ زمين سان لاڳاپيل هوندا اوترو ئي ڪارائتا هوندا آهن. پر اڪثر ڪري هڪ عجيب ڳالهه ڪيترن ئي اڳواڻن ۾ ڏٺي ويندي آهي ته هو هر ممڪن ڪوشش ڪري پاڻ کي لڪائيندا، سُسائيندا رهندا آهن ۽ خاص فيصلا پاڻ ڪرڻ جي بجاءِ هيٺين جي ڪلهن تي اڇلائي ڇڏيندا آهن، اهڙي قسم جو رويو سندن نااهلي ظاهر ڪندو آهي ۽ پوري جماعت کي هيٺاهينءَ طرف وٺي ويندو آهي.
جيتريون به جماعتون/ادارا اڳواڻن جي پويان هوندا آهن ته انجو مقصد آهي ته انهنکي اڳواڻن جي ضرورت آهي. ۽ ڪجهه اهڙيون شيون آهن جيڪي سڀني اڳواڻن ۾ ممڪن هڪجهڙيون هونديو آهن. ۽ سڀ کان بنيادي هڪجهڙائي ۽ حقيقت اها هوندي آهي ته اهي پنهنجي خواهش سان پنهنجي مٿان اڳواڻي ڪرڻ واري ذميوارين جو بار رکندا آهن ۽ پنهنجن ماتحتن/پوئلڳن جي خدمت پوري ايمانداري ۽ خلوص سان ڪندا ۽ موٽ ۾ پنهنجن پوئلڳن/ارڪان کان به ساڳي خواهش رکندا آهن. اهي پرخلوص هوندا آهن، سندن دل وڏي هوندي آهي ۽ سوچ وسيع هوندي آهي، پنهنجي اختيار ۽ اقتدار ۾ بهادري ۽ اهليت هوندي آهي، ممڪن سندن طريقه ڪار هڪ اڳواڻ جا ٻي اڳواڻ کان الڳ هوندا هجن پر بنياد ساڳيو هوندو آهي، سگهارو نظريو اڳواڻي ڪرڻ جو جنهن سان هو پنهنجي جماعت/اداري کي ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ طرف وٺي ويندا آهن.
عزت ۽ اوچو مقام حاصل ڪرڻ لاءِ هميشه سگهاري نظريي يا سگهاري خواهش جو هجڻ ضروري هوندو آهي. ۽ جيڪي عزت وارا ۽ مشهور اڳواڻ هوندا آهن سي پنهنجي جماعت جي حاصلات ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. هڪ ماڻهون جيڪو سوڀاري ۽ ڄاڻ واري اڳواڻ جي ماتحت ڪم ڪندو آهي، انجو عمل ساراه ۽ فخريا هوندو آهي.
عظيم ۽ اعلا اڳواڻن جا پنهنجا ذاتي يا شخصي مسئلا ٻي درجي تي هوندا آهن، پنهنجيون سمورون سگهون جماعت/اداري جي سامهون ايندڙ مشڪلاتن ۾ استعمال ڪري سوڀارو ڪندا آهن. ناڪاميابين ۽ وقتي شڪستن کان مايوس ناهن ٿيندا . هر شڪست کانپوءِ وري نئين سري سان اٿي کڙا ٿيندا آهن ۽ پنهنجين شڪستن کي فتح ۾ تبديل ڪندا آهن.
هو سمورو ڪم پاڻ ڪون ڪندا آهن، ڪمن کي ورهائيندا آهن، ته جيئن هر ماڻهون پنهنجي صلاحيت مطابق ان ڪم کي نڀائي سگهي ۽ تنظيم/اداري کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪري. اڳواڻ هڪ اهڙي تيل جيئان هوندوآهي جيڪو سموري مشنيري کي سڻڀو رکي هلائڻ جي قابل رکندو آهي.
ڪامياب اڳواڻ اهو ناهي جيڪو پنهنجي چوڌاري تارن جو جهرمٽ يا رنگينيون ٺاهي رکي. هن جو اصل ڪم هوندو آهي اوچتا ۽ وقتائتا فيصلا ڪرڻ، پر انهن جي پويان هڪ گهري سوچ هوندي آهي ته جيئن فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ سان يقيني فتح حاصل ٿي سگهي. ننڍڙي ڪم مان وڏا نتيجا حاصل ڪرائي تنظيم/اداري يا انهن جي رڪنن کي وڏي مشقت کان بچائي وٺڻ کي اڳواڻي چئبو آهي ۽ اهڙا مثال قائم ڪرڻ گروهه ۽ اڳواڻ ٻنهي لاءِ لاڀائتو عمل هوندو آهي.
هر معاملي ۾ عظيم يا اعلا اڳواڻ کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته هو هميشه عمل کان اڳ هڪ سوچ قائم ڪري يا عمل کان اڳ سوچجي واري محاوري تي عمل ڪري. جيڪو اڳواڻ پنهنجي عمل جو خاڪو تيار نٿو رکي سو ائين آهي جيئن منزل جي خبر کان بغير هلندو رهي. قسمت تي ڀاڙي ويهڻ کي اهليت ناهي چئبو ان لاءِ عمل ڪرڻو پوندو آهي.
سٺن اڳواڻن وٽ صرف خيال نه هوندا آهن بلڪه انهن خيالن جو عملي خاڪو پڻ موجود هوندو آهي، انهن وٽ هڪ منصوبو هوندو آهي جنهن ۾ ڪارڪنن جو مناسب استعمال ۽ وسيلن جو ڪارائتو استعمال ته جيئن گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهجن. هڪ اڳواڻ جيڪو ممڪن وسيلن کي استعمال ڪرڻ کان ڪنڌ ڪڍائيندو آهي اهو ائين آهي جيئن پنهنجي پيرن کي پاڻ ڪهاڙي سان ڌڪي. هڪ اڳواڻ جيڪو پنهنجي صلاحڪارن کي نه ٻڌي سو سمجهو ته ڪوڙو اڳواڻ آهي ۽ غرور سبب يقيني شڪست کائيندو. سياڻا اڳواڻ ٻڌندا آهن، اڳتي وڌندا آهن ۽ حقيقت کي سامهون رکي منصوبا ٺاهيندا آهن.
هڪ سٺو اڳواڻ پنهنجي ماتحت رڪنن جي سٺن عملن جي ساراهه ڪندو آهي، ۽ خراب اڳواڻ هميشه انهن سٺن ۽ ساراه جوڳن رڪنن کان خوفزده رهندا آهن. عظيم اڳواڻي ڦٽي نڪرندي آهي ماتحت رڪنن جي واڌاري مان ۽ جڏهن انهن کي اڳتي آڻڻ جي ضرورت ٿيندي آهي ته اهي رڪن ڏاڪو چڙهي مٿي ٿيندا آهن. ۽ جيڪو اڳواڻ ان کان منهن موڙيندو ۽ ڪارڪنن جي ترقي ۽ واڌاري جو خيال نه ڪندو ته هو پاڻ به پوئتي رهجي ويندو آهي ۽ گهربل نتيجا حاصل ڪري ناهي سگهندو.
هڪ اڳواڻ جا ٻين تنظيمي اڳواڻن سان رابطا هجن ته جيئن هو ٻين تنظيمن جي اندر ٿيندڙ عملن ۽ نواڻ کان واقف ٿي سگهي. هن کي رابطن جو هڪ ڄار ٺاهڻو هوندو آهي ۽ پنهنجي اصلاح ۽ ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ خاطر کيس سماجي رشتا قائم رکڻا پوندا آهن. هُنَ کي وسيع سوچ سان گڏ مشاهداتي شخصيت هجڻ کپي ۽ هر ان پاسي تي نظر رکندو هجي جتان سندس تنظيم لاءِ ڪا بهتري ٿيندي هجي ۽ انهن جي ڪارڪردگيءَ ۾ واڌارو ٿيندو هجي.
اڳواڻن ۾ بدلاءُ ضروري هوندو آهي پر ڪنهن بهتريءَ لاءِ، اڳواڻ کي تنظيمي واڌاري لاءِ سکيا ۽ تربيت جا نوان رستا ڳولهڻ گهرجن، ۽ کيس هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته تنظيم جا ٻيا عهديدار پڻ چمڪي پون ۽ انهن جي ڪارڪردگي اڳ کان اڳري ٿئي. تنظيمي اڳواڻ کي هر پاسي جي محنت ۽ صلاحيت کي گڏ ڪري پاڻکي اهڙو ته سهڻو ٺاهڻ گهرجي جو سندس جا مثال قائم ٿين ۽ هر تنظيم چاهي ته سندس جهڙو اڳواڻ نصيب ٿئي.
ان جو اهو مطلب به ناهي ته اڳواڻ صرف ڏيکاءُ ڪندو هجي، ۽ ڪاميابين جا ڪوڙا راڳ ڳائيندو هجي، ڏيکاءُ يا فخر اڳواڻ کي عظيم يا اعلا ناهي ٺاهيندو، ها سمجهداري، خبرداري ۽ سادگيءَ سان ٿيندڙ ڪمن ۾ فتح يقيني هوندي آهي، ڪاوڙ يا ڏيکاءَ جي جڳهه تي احتياط، خبرداري ۽ خيال ڪرڻ سان هيٺ ڪم ڪندڙن ۾ پڻ سچائي ۽ سگهه پئدا ٿيندي آهي.
عظيم اڳواڻ پنهنجي پوري تنظيم يا گروهه سان هميشه گڏ هوندا آهن پر اهم فيصلن وقت اڪيلائي ۾ سوچ ويچار ۽ فڪر کان ڪم وٺندي فيصلا ڪندا آهن. هيٺ ڪم ڪندڙن ۾ اڳواڻ جو خوف نه پر عزت قائم ٿيڻ گهرجي. ۽ کيس اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ گهرجن جن سان ڪنهن جي مشڪل ڏور ٿيندي هجي نه ڪي وڌي وڃي. هو پنهنجن ماتحت لاءِ هميشه موجود هجي پر پنهنجي اوقات ڪار کي نظر ۾ رکڻ ضرور هوندو آهي، انڪري ماتحت رڪن سان ملڻ جو وقت مقرر ڪيو ويندو آهي.
سٺن اڳواڻن کي پنهنجين ڪمزورين يا غلطين جي پڻ ڄاڻ هوندي آهي، انهن کي قبول ڪندي، انهن کي ختم ڪرڻ جي مسلسل ڪوشش ۾ هوندا آهن، هڪ اڳواڻ جيڪڏهن پنهنجين غلطين تي قابو ڪري وڃي ته سمجهو ته هو پاڻ ۽ تنظيم سان سچو آهي.
ڪيترا ماڻهون اهو سمجهندا آهن ته اڳواڻي ڪرڻ آسان ۽ سهل آهي پر انجو مثال ائين آهي جيئن هڪ جوڳي مسلسل محنت سان نانگ کي قبضي ۾ ڪندو رهندو آهي تئين ئي هڪ اڳواڻ پنهنجي ماتحت رڪنن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري سگهندو آهي، ٻي صورت ۾ ڪڏهن به سندس تنظيم يا سندس مقصد پنهنجي هٿن مان نڪري ويندو اٿس ۽ هو هيٺ پٽ تي اچي پوندو آهي.