جڏهن کان اليڪٽرونڪ ميڊيا ترقي ڪئي آهن ان ڏينهن کان آهستي آهستي ادبي سرگرميون گهٽجي ويون آهن ، جنهن ڪري رسالن جو وڪرو به گهٽجي ويو آهي ۽ ڪافي رسالا ان ڪري بند به ٿي ويا آهن۔ جڏهن ته ادبي مشاعرا ، ڪتابن جي مهورت ۽ ٻيا پروگرام پڻ نه ٿيڻ جي برابر آهن۔
تازو ئي انٽرنيٽ ذريعي فيس بڪ تي وري اهي سڀ شيون نئين نموني متعارف ٿيون آهن۔ فيس بڪ تي هن وقت ادبي پروگرام به عروج تي ٿي رهيا آهن، جيڪو پڻ اسان لاءِ هڪ فائديمند عمل ثابت ٿي رهيو آهي. تازو ئي فيس بڪ تي جديد سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ھڪ منفرد ۽ ڪامياب پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعروڪوٺايو ويو۔
امن محبت زندھ باد جي عنوان تحت سنڌي ادبي اسوسيئيشن (صاف) طرفان14 فيبروري تي ويلنٽائين ڏھاڙي جي مناسبت سان پاڪستاني وقت رات 9 بجي کان12 بجي تائين ھي مشاعرو ڪوٺايو ويو۔ فيس بڪ جي استعمال ڪندڙن سڄي دنيا جي سنڌي اديبن جي تمام وڏي انگ ھن مشاعري ۾ شرڪت ڪئي، صاف ھن مشاعري جو انتظام ڪيو ھو، جيتوڻيڪ ھي ادب جي تاريخ ۾ پھريون تجربو ھو۔ ھن منفرد مشاعري جي انفراديت ھن ڪري به ھئي ته ادب ۽ شاعري سان ذوق رکندڙ سنڌين وڏي انگ ۾ پنھنجي گھر جي ڪمرن مان ويھي شرڪت ڪئي ۽ مشاعري ۾ حصو ورتو.
ھي مشاعرو ذوالفقار بھڻ ڊزائين ڪيو ھو، مشاعرو ڊزائين ڪندڙ جو چوڻ ھو ته ھن مشاعري تي ڪو به خرچ نه آيو آھي۔ مشاعري کي ظابطي ۾ رکڻ لاءِ تقريبن 10 ڄڻن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي ھئي.جن جو تعلق مختلف ملڪن سان ھو۔ ھن مشاعري جي مڪمل ڪاروائي سعودي عرب مان نئين شاعر ۽ پراڻي نثر نويس محترم نثار احمد ابڙو ۽ ڪراچي مان محمد سليمان وساڻ ھلائي رھيا ھئا۔
ھن منفرد عالمي مشاعري جي صدارت لاءِ چار نالن جو اعلان ڪيو ويو ھو جن ۾ سنڌ مان شاعرشمشيرالحيدري ۽ ھدايت بلوچ جڏھن ته ھند مان اندرا شبنم پوناوالا ۽ ومي سدرآگناڻي پر مشاعري جي ٻن شاعرن ھند مان اندرا شبنم پوناوالا ۽ سنڌ مان شاعرھدايت بلوچ صدارت ڪئي. مشاعري ۾ شرڪت ڪندڙن ھن قسم جي مشاعري جي تمام گھڻي واکاڻ ڪئي.
جن شاعرن پنھنجي شاعري پيش ڪئي انھن ۾ ڪجه نالا هي آهن:
اندراشبنم پوناوالا ، ھدايت بلوچ، امر پير زادو، نثار احمد ناز، رخسانه پريت چنڙ، رضوان گل، ذوالفقار بهڻ، امداد سهتو، نند ڪُمار سنمُکاڻي، نرمل کونهارو، جبار بوزدار، ساجد سنڌي، آغا مشتاق ، شبير ڪنڀر، ملهار چانڊيو، وفا سومرو، رئوف پارس دايو، حسين سارنگ، مختيار جاگيراڻي، عرفان رڪ، وشنو جمراڻي ، فهد ملڪ، محمد سليم دايو، مدثر نور ، ماجد سمون، فدا حسين شاه، ابراهيم صالح محمد، جاويد نواز ۽ ٻيا ڪافي دوست به آن لائين ٿيا هئا، جن پنھنجي شاعري پيش ڪئي
۔تازو ئي انٽرنيٽ ذريعي فيس بڪ تي وري اهي سڀ شيون نئين نموني متعارف ٿيون آهن۔ فيس بڪ تي هن وقت ادبي پروگرام به عروج تي ٿي رهيا آهن، جيڪو پڻ اسان لاءِ هڪ فائديمند عمل ثابت ٿي رهيو آهي. تازو ئي فيس بڪ تي جديد سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ھڪ منفرد ۽ ڪامياب پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعروڪوٺايو ويو۔