گهريلو ٽوٽڪا منهن جي داڻن (موهيڙن) ۽ خراب داغن کي ختم ڪريو ... • سمهڻ کان اڳ ڏندن واري پيسٽ ( جيل نه هجي) ٿورڙي آڱر تي رکي داڻن تي هڻي ڇڏيندا ... اها پيسٽ داڻن کي سڪائي ڇڏيندي ... • ليمونءَ جو رس ۽ گلاب جو پاڻي هڪ جيترو ملائجي، منهن تي ڪپهه جي ٻڙي سان لڳائجي ... اڌ ڪلاڪ ويهي سنڌ سلامت جي دوستن سان ڪچهريون ڪجن ۽ پوءِ منهن ڌوئي ڇڏجي ... پندرنهن يا ويهن ڏينهن جي استعمال سان داڻا ختم ٿيندا ۽ منهن جي رنگت به سٺي ٿيندي ۽ ڪارا داغ به ختم ٿيندا... • رات جو سمهڻ کان اڳ ليمونءَ جو رس داڻن تي ۽ داغن تي هڻي ڇڏجي ۽ صبح جو منهن ڌوئي ڇڏجي ... • اهڙا داڻا يا داغ جي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺن ته اهڙن داڻن يا داغن لاءِ ، انگريزيءَ ۾ڄاڻيل Basil Leaves, ، عربيءَ ۾ ورق ريحان چوندا آهن ....سُڪلَ ۽ ڪُٽيلَ ٻه ٽي چانهه وارا چمچا ، هڪ ڪوپ ٽهڪيل پاڻيءَ ۾ ملائجن، 10 کان ويهه منٽ ٿڌو ڪري، منهن جي داغن يا داڻن واري جڳهه تي صاف ڪپهه جي ٻڙي سان هڻجن .... فائدو ٿئي ته دعائن ۾ ياد ڪجو ....
ادا نثار ابڙا تمام بهترين ٽوٽڪا کڻي آيا آهيو توهان۔ بس دوست هن شعبي کي في الحال توهان اڳيان وڌايو پنهنجي بهترين لکڻين سان جيستائين اسان جون ڀيڻون، ڀيڻ ساره، ڀيڻ نور، ڀيڻ رابيا ميمڻ يا ڀيڻ نجما ڪنول پنهنجي مصروفيات مان ڪجهه لمحا ڪڍي هن شعبي جي سرواڻي ڪن۔ مهرباني سائين
جواب: منهن جي داڻن (موهيڙن) ۽ خراب داغن کي ختم ڪريو ... دوستن جون مهربانيون، پر يار ڪو نسخو آزمايو به ويو آهي يا هروڀرو تمام سٺو لکيو ويو آهي ۔۔۔ جي ڪنهن دوست آزمايا هجن ته اسانکي به ٻڌائن ته پاڻ به بسم الله ڪريون ۔۔۔ ڏسجي ته ڪير ٿو منهن تي ليمون مهٽي ۔۔۔؟
جواب: منهن جي داڻن (موهيڙن) ۽ خراب داغن کي ختم ڪريو ... ادا توهان جي ٻڌايل نسخن مان لڳي ٿو ت اهي لاجواب آهن مان سمجهان ٿو توهان اهي استمعال ڪيا آهن.
جواب: منهن جي داڻن (موهيڙن) ۽ خراب داغن کي ختم ڪريو ... يار گلال، پوڙهپ ۾ وري ڪهڙا داڻا ۽ ڪهڙا داغ؟ ۔۔۔ پاڻ ته استعمال نه ڪيو آهي پر استعمال ڪرائڻ جي چڪر ۾ آهيان، سستا ۽ ٽڪائو نسخا آهن پر ڪو دوست يا ڪي ادڙي استعمال ڪري ته خبر پوي۔۔؟