ٻئي خطبي جو ترجمو صفين جي جنگ کان واپسئَ جي موقعي تي پڙهيل خطبي جو هڪ حصو جنهن ۾ ان وقت جي ماڻهن جا پيغمبرﷺ جي نبوت جي اعلان کان پهرين جا حالات آل رسول عليهم السّلام جا اوصاف ۽ ٻين ماڻهن جون صفتون. آئون پنهنجي پروردگار جي حمد ڪريان ٿو. سندس ڏنل نعمتن جي تڪميل لاءِ ۽ هن جي عظمت اڳيان سر جھڪائيندي آئون هن جي نافرماني کان بچاءُ چاهيان ٿو. آئون هن کان پنهنجي سنڀال ۽ حفاظت لاءِ مدد گھران ٿو. هو جنهن کي سڌي واٽ تي لڳائي ٿو اهو ٽيڪي نه ٿو سگھي. هو جنهن جو دشمن ٿي وڃي ان کي ڪٿي به پناه نه ٿي ملي سگھي. جنهن جي ڪفايت هو ڪري اهو ڪنهن جو محتاج نه ٿيندو آهي. هو هر وزن کان ڀاري آهي ۽ هو هر خزاني کان وڌيڪ قيمتي آهي. آئون گواهي ڏيان ٿو ته هو اڪيلو آهي ۽ هن جو ڪوبه شريڪ نه آهي. هي (منهنجي گواهي اها گواهي آهي جنهن جي خلوص جو امتحان ٿي چڪو آهي. جنهن جو نچوڙ عقيدي جو جزء بڻجي چڪو آهي. آئون ان شاهدي تي پوري ڄمار قائم رهندس ۽ ان کي قيامت جي ڏکن ڏکڙن لاءِ ذخيرو بڻائيندس. اهائي ايمان جي مضبوط بنياد آهي ۽ اها گواهي ئي) نيڪين جي شروعات آهي ۽ انهئَ ۾ ئي رحمان جي رضا ۽ شيطان جي ويراني سمايل آهي. آئون گواهي ٿو ڏيان ته محمد ﷺ الله جو ٻانهو ۽ ان جو (سچو) رسول آهي. جنهن کي موڪليائين مشهور دين سان مضبوط نشاني سان لکيل ڪتاب سان روشني پکيڙيندڙ نور ۽ چمڪندڙ روشنائي سان ۽ واضح حڪم سان ته جيئن شڪ ۽ دو دلئَ کي ماڻهن جي دلين مان ٻاهر ڪڍي ۽ دليلن جي ذريعي ماڻهن تي حجت قائم ڪري سگھي. آيتن وسيلي هنن کي سجاڳ ڪري سگھي ۽ مثالن وسيلي کين ڊيڄاري سگھي. جاهليت جي زماني جا حالات. رسول الله کي ان وقت موڪليائين جڏهن ماڻهو اهڙن ڦڏن ۾ ڦاٿل هئا جو دين جو رستو ٽٽي چڪو هو ۽ يقين جا ٿنڀ لڏي ويا هئا. دين جا اصول مختلف ٿي ويا هئا ۽ ماڻهو انتشار جو شڪار مشڪلاتن مان نڪرڻ جون سڀ واٽون سوڙهيون ۽ انهن تي انڌيرو ڇانيل هو. (ان وقت) هدايت اڻ لڀ ۽ گمراهي هر هنڌ موجود هئي. ان وقت الله جي نافرماني پئي ڪئي وئي ۽ شيطان جو ساٿ پئي ڏنو ويو. ان وقت ايمان اڪيلو رهجي ويو هو. ان جا ٿنڀ ڪري چڪا هئا. ان جون علامتون اڻ لڀ ٿي ويون هيون ان جي رستن جا نشان مٽجي ويا هئا ۽ شاهراهون بي نشان ٿي چڪيون هيون. ماڻهن شيطان جي پيروي ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي ۽ ان جي راه جا راهي ٿي چڪا هئا ۽ ان جي ئي ماڳن تي مهمان ٿي رهيا هئا. انهن جي ساٿ جي ڪري ئي هر هنڌ شيطان جا پرچم بلند ۽ ان جا جھنڊا ڦڙڪي رهيا هئا. اهي ماڻهو اهڙين مصيبتن ۾ گرفتار هئا جو شيطان هنن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيو هو ۽ پنهنجي سنبن سان ڇيپاڙي چڏيو هو. ۽ پاڻ انهن مٿان اڀو ٿي بيٺو هو ۽ ماڻهو حيران ۽ پريشان اڻ واقف ۽ دوکو کاڌل هئا. (خداوند عالم پيغمبر کي ان جاء) تي موڪليو جيڪو بهترين گھر هو پر ان جا پاڙيسري بڇڙا هئا. انهن جي ننڊ سجاڳي هئي ۽ انهن جي اکين جو سرمو سندن لڙڪ هئا. اهڙي سرزمين جنهن ۾ عالم جي زبان تي لغام چڙهيل هو ۽ جاهل محترم سمجھيو ويندو هو. فضائل آل رسول ﷺ هي (اهلبيت) اسرار الهٰي جي منزل ۽ الهٰي امر جا مرڪز آهن. اهي خدا جي علم جا مرڪز ۽ خدا جي حڪم جا مرجع آهن. اهي آسماني ڪتابن جا محافظ ۽ دين جا نه هِلندڙ پهاڙ آهن. انهن جي وسيلي الله سائين دين جي چٻي ٿيل چيلهه سڌي ڪئي آهي ۽ انهن جي ئي ذريعي دين جي جوڙ جي درد جو علاج ڪيو آهي. هڪ ٻي قوم انهن ماڻهن برائي جو ٻج ڇٽيو آهي ۽ ان کي غرور ۽ تڪبر جي پاڻي سان سيراب ڪيو آهي ۽ نتيجي هلاڪت ۽ گمراهئَ جو فصل لُڻيو اٿن. ياد رکو آل محمد سان هن امت مان ڪنهن جي به ڀيٽ نه ٿي ڪري سگھجي. نه وري ڪنهن کي انهن جي برابر قرار ڏئي سگھجي ٿو. جن تي سدائين هنن جي نعمتن جو سلسلو جاري رهيو آهي. آل محمد دين جي بنياد ۽ يقين جا (مضبوط) ٿنڀ آهن هن کان اڳتي وڃڻ وارو هنن ڏانهن موٽ کائي ٿو ۽ پوئتي رهجي وڃڻ وارو به انهن سان ئي اچي ملي ٿو. هنن وٽ ولايت جي حق جون خاصيتون آهن ۽ انهن ۾ ئي پيغمبر وصيت ۽ ان جو ورثو آهي ۽ هاڻ جڏهن حق پنهنجي حقدارن ڏانهن موٽي آيو آهي ۽ پنهنجي اصل جڳھ ڏانهن منتقل ٿي چڪو آهي.
جواب: نهج البلاغه ٻئي خطبي جو ترجمو ادا سلام خان هي اڱڻ جي تعارف وارو ڪمرو آهي مهرباني ڪري اوهان اقوال زرين ۾ اهڙا ونڊ موڪليندا ڪريو۔ انتظاميه کي به گذارش آهي ته هن ونڊ کي هتان شفٽ ڪري مناسب سيڪشن ۾ رکيو وڃي۔