رستا جاڳيل لوڪ سُتل آ (زيب نظاماڻي)

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏9 مارچ 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]ساري دنيا جا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو جيئي سنڌ هن غزل ۾
    تمام شاندار تخيل جي اُڏار آهي ائين لڳي ٿو ته سانئڻ زيب ساري جهان جو درد پنهنجي اندر ۾ اُهاءُ وانگر سانڍيو آهي، ۽ پنهنجي قلم جي نوڪ تي ان پيڙاهه کي چوڏهين جي چنڊ وانگر نکاري نروار ڪيو اٿس وڏي ڳالهه ته پازيب جي ڇم ڇم ڇمڪي واريءَ ڇوري جيان سازن جي سرگم تي پائي آزاديءَ جي هُل ۽ هُڳاءُ کي گلابن جي پتين جيان ورکا ڪري مظلوم ۽ محڪوم قومن کي تمام زبردست سنديسو ڏنو اٿس ته[/JUSTIFY]
    سو وقت نيٺ ايندو مهڪي چمن به ويندو
    آزاد هن فضا ۾ ڪو هو جمالو ٿيندو
    رهندي نه رات هاڻي ڪا رات هت اُماسي
    سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي
    مولا ڪندو سڻائي هر ڳالهه هوندي خاصي
    نثاراحمد ناز​


    [​IMG]
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: رستا جاڳيل لوڪ سُتل آ (زيب نظاماڻي)

    ماشاالله۔۔تمام بهترين سائڻ زيب جي شاعري۔۔۔مٿان وري اوهان جا ڏنل رنگ۔۔اُصلي شاعري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن۔۔۔ونڊڻ جي مهرباني سائين۔​
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: رستا جاڳيل لوڪ سُتل آ (زيب نظاماڻي)

    مهرباني ادا عاشق توهان کي اسان جا ڏنل رنگ وڻيا، هونئن به سائڻ زيب صاحبه جي شاعري تمام سُندر هوندي آهي، اسان پنهنجو فرض سمجهي سانئڻ جي شاعري هتي آڻيندا آهيون وڌيڪ سموري سنڌ ميڊم جي شاعري کي پسند ڪندي آهي ۔ لک لائق توهان جا ادا۔
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: رستا جاڳيل لوڪ سُتل آ (زيب نظاماڻي)

    گهر جو در نه کولي ڇڏجان
    پل پل ۾ اڃ موت لڪل آ


    تمام بهترين خيالات آهين زيب صاحبه جا سائين ناز اوهان اسان جي لاء ناز آهيو اهڙي شآعري ونڊ ڪرڻ جي تمام گهڻي مهرباني .۔۔
     
  5. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: رستا جاڳيل لوڪ سُتل آ (زيب نظاماڻي)

    واهه سائين واهه۔۔
    لاجواب۔۔
    مهربانيون سائين الله اوهان کي هميشه خوش رکي۔۔۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رستا جاڳيل لوڪ سُتل آ (زيب نظاماڻي)

    سائين نثار ناز سلام

    مهرباني اوهان محترمه زيب جي شاعري ونڊ ڪئي۔

    گهر جو در نه کولي ڇڏجان
    پل پل ۾ اڄ موت لڪل آ


    اسان جا ته در کليل ئي آهن ڇو ته موت کان ڊڄڻ پاڻ ڪونه سکيا آهيون ، اسان ته در ان ڪري به کولي ڇڏيا آهن جيئن شمشير الحيدري چيو آهي ته :

    دروازو کليل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري
    سڀ لوڪ سمهيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: رستا جاڳيل لوڪ سُتل آ (زيب نظاماڻي)


    دا سيلمان سائين شمشير الحيدري واري ڳاله به پهنجي جاء تي صحيح آهي پر زيب نظاماڻي صاحبه جو خطاب به ڪنهن مخصوص پاسي آهي ۔۔ ادا (جيئن ته ڪاله انهن سان فيس بڪ تي ڪنهن جاء تي ڪمينٽس دوران ڳاله ٿي ) بقول انهن جي ته پٽ اها عشق جي منزل آهي اوهان جي سمجهڻ کان چڙهيل آهي ۔۔۔سوا دا اوهان جي سمجه کان به اها ڳاله چڙهيل آهي اوهان خوامخواه اعتراض نه ڪيو انهن ڪهڙي منزل تي نظر کپائي اهي جملا چيا هجن اها انهن کي خبر ۔ ۔۔۔ تمام بهترين شاعري آهي تمام بهترين ونڊ آهي جس هجي انهن جي خيالات کي ۔۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رستا جاڳيل لوڪ سُتل آ (زيب نظاماڻي)

    يار علي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    شاعريء تي اعتراض ڪرڻ ته پاڻ سکيائي ناهيون، شاعر جيڪا شاعري ڪندو آهي اها ان مخصوص گهڙيء، ان وقت جي جذبن جي ترجمان هوندي آهي، ان وقت جي ، ان منظر جي ڪيفيت بيان ڪندي آهي ۔ بهترين شاعري آهي محترمه زيب جي پر اسان پوء به در کولي ڇڏيا آهن يار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڀلي اوهان سچل ڳوٺ جي پاسي کان لنگهي وڃو پر پوء به ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ در کليل ئي آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ من ڪوئي اچي نڪري
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: رستا جاڳيل لوڪ سُتل آ (زيب نظاماڻي)

    بيشڪ شاعر ڄاڻي ۽ شاعر جا جذبا ۔۔۔

    پر ڪجهه ڳالهيون شاعرن جون يا اديبن جون اهڙيون هونديون آهن جن جو تعلق ماحول سان هوندو آهي ۔۔۔ ماحول جو مقصد، ان علائقي جي حالتن، ماڻهن جي اٿ ويهه ۽ انهن جي روين سان هوندو آهي ۔۔۔ انهن ڳالهين جو تعلق شاعر سان گهٽ عام ماڻهن سان گهڻو هوندو آهي ۔۔۔

    سنڌي شاعر وٽ هن وقت ۔۔۔ سماجي براين جا ڀنڊار، ماڻهن جون بي وفايون ۽ ويساهه گهاتيون ۽ آس پاس ۾ بدي ۽ بڇڙائن جا رنگ آهن، هاڻ هڪ شاعر يا اديب جنهن جو من آئيني جهڙو هوندو آهي، اهو اسانکي ڇا ڏيکاريندو ۔۔۔ ؟ اهو منظر جيڪو اسان ڏسي به ناهيون ڏسندا، سمجهي به ناهيون سمجهندا ۽ ٻڌي اڻٻڌو ڪري ڇڏيندا آهيون ۔۔۔

    لک شاباسون زيب نظاماڻي صاحبه کي ۽ ٿورا دوست نثار ناز جا جو چهنڊڙيون پائيندڙ نظم چون ٿا ۔۔۔ لکن ٿا ۽ اسان سان ونڊ ڪنٿا ۔۔۔

    سورن وارن کي ئي سورن جي خبر پوندي آهي ۔۔۔

    بند اکئين نظر آئي روشني، کوليم ته انــــــڌيرو،
    يا رب!، ڪر ڪو سنڌ تي ظاهر باطن سويـرو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو