نامور صحافي حاجي رجب علي جوڻيجو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 مارچ 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    نامور صحافي حاجي رجب علي جوڻيجو​


    علي نواز جوڻيجو
    سنڌ جي سڀاڳي سرزمين پنهنجي ڪک مان املهه ماڻڪ پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي هستي مستي جي تاريخ رقم ڪئي آهي. انهن ۾ سياستدان، قلمڪار، مفڪر، اديب، شاعر، صحافي جن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري غريب جي خدمت عبادت سمجهي ڪئي. انهن جفاڪش انسانن مان حاجي رجب علي جوڻيجو به آهي، پاڻ دولتپور صفن شهر ۾ 1952ع ۾ صحافت جو بنياد وڌو، پاڻ 1934ع ۾ مارچ ڌاري حاجي رب ڏنو جوڻيجو جي گهر ۾ اک کولي، پاڻ صحافت سان گهڻي دلچسپي هئڻ ڪري عبرت سان زندگي جي آخري پل تائين گڏ هئا، قلم جي نوڪ کي تلوار طور استعمال ڪرڻ سندس وڻندڙ فن هو، معاشري جي اوڻائين کي اجاگر ڪرڻ سنڌي صحافت ۾ نظر وجهبي ته ڪافي اهڙا آفتاب نظر ايندا، جن قدرت طرفان ڏنل ڏات جي روشني سان هن ڌرتي کي پيار محبت، سڪ، خلوص سچائي، سجاڳي جو پيغام ڏنو. منهنجي محسن استاد گڏوگڏ والد صاحب صحافتي دنيا ۾ مون کي آندو، تحريڪ پاڪستان جي عظيم اڳواڻي ڪندڙ ٻن ڀائرن قاضي اڪبر صاحب، قاضي عابد صاحب سان ملاقاتون ٿيون. عبرت ۾ گهڻو اچڻ ڪري قاضي عابد سان گهڻيون ملاقاتون ٿيون، پاڻ به مون کي سبق ڏيندا هئا سمجهائيندا هئا، انهي سحر انگيز شخصيت پر انهي کي گهڻ رخي شخصيت چوان ته وڌاءُ ڪو نه ٿيندو، عابد صاحب جي گفتگو جو رخ وڻندڙ ۽ دل فريب هو، بابا سائين منهنجي انهي کان سواءِ اهم روحاني گادي ڌڻين سان به ملاقات ڪرائي، عبرت معرفت بابا سائين دولتپور صفن پسگردائي جي ڳوٺن جي مسئلن، گهرجن کي ايوان اقتدار تائين پهچايون، سماجي ڪمن ۾ حصو ورتو، زيادتي هجي، جبر هجي، شهر ۾ انساني قدرن جي پائمالي هجي، ڳوٺن مان ماڻهن جي اغوا هجي، قلم جي نوڪ سان بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ لفظن جا زهريلا ڀالا هڻندو رهيو، ڇاڪاڻ ته سچائي تي ٻڌل حقيقت واري خبر کان وقت جو بااثر آمر وڌيڪ لرزجندو آهي، بندوق جي گولي کان سچ جي هڪ سٽ لکڻ يا چوڻ وقت آمر جي منهن تي چماٽ برابر آهي. جابر جي اڳيان نه جهڪڻ سچ جو ڳاٽ اوچو رکڻ بابا سائين جي عظمت دليري جو واضح ثبوت آهي. سدائين قلم سان ساٿ نڀايائين، شهر ۾ پريس ڪلب جي بلڊنگ حاصلات لاءِ جاکوڙي رهيو، مون پنهنجي صحافت جو آغاز 1976ع ۾ ڪيو، صحافت جا گر پاڻ وقت به وقت سمجهائيندا رهيا، ڀاڪر پائي ملڻ ڳل تي چمي ڏيڻ شفيق هٿن جي ڇهاءُ اڄ به مان محسوس ڪريان ٿو. شفقت جو ڪڪر وقت جي بي رحم وهڪري مان گذري جسماني طور 30 مارچ 1996ع دارلبقا روانو ٿي ويو. منهنجي زندگي جو وڏي ۾ وڏو سرمايو مرشد پاڪ ۽ امڙ جو ياد هجڻ آهي هي 2 اکر لکڻ بابا سائين جي قابليت قلم سان پيار جو نتيجو آهي، سندس مشن هو ته دولتپور صفن شهر ۾ پريس ڪلب هجي ۽ اها هينئر آهي، سندس پوکيل ٻوٽو بڙ جي وڻ جيان آهي ۽ هينئر شهر ۾ عاليشان پريس ڪلب موجود آهي، جتي صحافي پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهن. هن وقت دولتپور پريس ڪلب جو صدر مجتبيٰٰ جوکيو ۽ جنرل سيڪريٽري عظيم انڙ آهي.
    بشڪريه عوامي آواز
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: نامور صحافي حاجي رجب علي جوڻيجو

    هڪڙي پٽ جو پي تي سوانح نگاري قابل ساراھ ڳالھ آهي ، سائين جن تمام بهترين انداز سان قرض نڀايو آهي ،

    ادا ممتاز مهرباني اهڙي سهڻي ونڊ لا

    ادبي شخصيتن تي اوهان جي محنت قابل ساراھ آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو