چيلهه ۽ سنڌن جو سور سبب ۽ علاج

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 مارچ 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    چيلهه ۽ سنڌن جو سور سبب ۽ علاج ​


    حڪيم نذير احمد شيخ
    جيئن ڪابه عمارت مضبوط ۽ پختي بنياد کان سواءِ جڙي نه سگهندي، تيئن چيلهه جنهن کي اردو ۾ ڪمر چئبو آهي، ان کان سواءِ انسان اٿڻ ويهڻ سمهڻ هلڻ چلهڻ جي لائق ممڪن ٿي نٿو سگهي، انسان جي جسماني بناوٽ بيهڪ ۽ حسن به چيلهه سان وابسته آهي. چيلهه جو سڀ کان اهم ڪردار انسان جي جسم ۾ هي آهي ته پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ جيڪي هڏين جا مهرا پٺن يعني مشڪ ۽ گوشت ۽ رڳن کي پاڻ ۾ اهڙي سڌي طريقي سان ڳنڍيو ۽ جوڙيو بيٺا آهن جو انهن مهرن ۾ ٿورو به فرق ڪنهن سبب اچي وڃي يا خال پيدا ٿئي گيپ اچي وڃي يا پنهنجي جاءِ ڇڏي وڃي. انسان هلڻ جهڪڻ نمڻ کان لاچار ٿيو پوي، ضرورت ۽ طاقت کان وڌيڪ وزن کڻڻ، ڌڪ لڳڻ، حادثو ٿيڻ ۽ آرام نه ڪندي مسلسل ڪم ڪرڻ ۽ غلط طريقي سان اوڪڙو ٿي ويهڻ، وڏي عمر ۾ اچڻ، ڪرسي تي نملي ۽ ٽيڙو ٿي ويهڻ سان چيلهه جي مهرن ۽ رڳن تي وڌيڪ وزن پوي ٿو ۽ سور ٿيڻ شروع ٿئي ٿو، بروقت مرض جي تشخيص ۽ بروقت صحيح علاج ٿيڻ سان وڌيڪ پيچيدگي کان بچي سگهجي ٿو، چاڙهي چڙهڻ ۽ لهڻ ۾ پڻ احتياط ضروري آهي، ڪڏهن ٿوري جي احتياطي ۽ لاغرضي چيلهه ۾ سور جو سبب بڻجي سگهي ٿي، هڪ تحقيق مطابق هراهو ماڻهو جيڪو 50 کان 60 سالن جي عمر ۾ پهچي ٿو، زندگي ۾ ڪجهه وقت لاءِ گوڏن سنڌن ٽنگن ۽ چيلهه جي سور ۾ ڪنهن وقت به ضرور مبتلا ٿئي ٿو، اهي ماڻهو جن جو لاڳيتو هڪ جاءِ تي ويهڻ جو ڪم آهي ۽ چيلهه کي پٺيان ڪابه ٽيڪ يا سپورٽ نه ٿا رکن. انهن کي پڻ چيلهه جي سور ٿيڻ جو امڪان رهي ٿو، وڌيڪ نشي ۽ زناڪاري ڪرڻ پڻ چيلهه ۾ سور ٿيڻ ۽ گڪي ٿي هلڻ جو سبب ٿئي سگهي ٿو. عام طور تي جيڪڏهين چيلهه ۽ ڪرنگهي جي مهرن ۾ ڪا سوزش ۽ گهڻي خرابي ۽ سوڄ نه آهي ته سو هڪ مهيني تائين مسلسل رهي سگهي ٿو، ڪڏهين چيلهه جو سور ٿورو ٿورو ئي وڌندو آهي ۽ ڪڏهين هڪدم شديد سور جو اهڙو جهٽڪو ايمدو آهي جيڪو برداشت کان ٻاهر هوندو آهي ۽ ڪنهن هڪ ٽنگ تائين سور پهچندو آهي، مريض اٿي ويهي هلي چلي ۽ نماز به صحيح طريقي سان نه پڙهي سگهندو آهي، عمر جيئن وڏي ٿئي ٿي ته ڪمزوري ۽ ڏٻرائي سبب پڻ چيلهه جو سور پلئه پوي ٿو، ڪڏهن گردي ۽ پيٽ جي سور جي تڪليف جو احساس به ائين ڪن مريض کي محسوس ٿيندو آهي جيئن چيلهه ۾ سور هجي. هي ڳالهه به مد نظر رکجي ته پٺي جي ڪنڊي ۾ جيڪي مهرا تسبيح جي داڻن وانگر سڌائي هوندا آهن، انهن جي وچ ۾ هڪ قسم جو گودو يعني مک جنهن کي سڻڀ يا چڪنائي به چئي سگهجي ٿو، گهٽ يا ختم ٿيڻ جي صورت ۾ پڻ چرپر ڪرڻ سان پڻ سور جي تڪليف محسوس ٿيندي آهي، ڪنهن به سبب هڏين جا مهرا پنهنجي جاءِ تان کسڪي جدا ٿيڻ سبب پاڻ سان به پٺي جي ڪنڊي ۽ چيلهه ۾ سور جو سبب بنجن ٿا. پٺي جي رڳن نسن جيڪي باريڪ هونديون آهن، انهن تي دٻاءُ پڻ سور جو سبب بڻبو آهي. اهي ماڻهو جيڪي انتهائي آرام پسند هڪ ئي جاءِ تي ويهي وقت گذارڻ ۽ پاڻي جو به گلاس به ٻيو ڪير پياري جسم کي ٽنگن کي حرڪت ۽ چرپر نه ڪندا آهن، انهن جا هڏ هڪ هنڌ ويهڻ سبب بي طاقت ۽ بي حس ۽ بي وزن ٿي پوندا آهن، ٿولهه جي بيماري ٿيڻ سان گڏ چيلهه ۽ سنڌن جوڙن ۽ هڏن ۾ سور عمر وڌڻ جي
    صورت ۾ شروع ٿيندو آهي، ڪرسي تي ويهڻ جي صورت ۾ سينو ۽ ڪنڌ بلڪل سڌو هئڻ گهرجي ۽ جهڪي نمي يا ٽيڙو ٿي ويهڻ سان هڏين جي مهرن تي وزن ۽ بار پوڻ سبب سور ٿيڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو. وڌيل وزن ۽ ٿلهن ماڻهن کي هڏين مٿان وڌيڪ وزن پوڻ سبب چيلهه ٽنگن ۽ سنڌن جي سور جي شڪايت وڌيڪ رهي ٿي، يعني جهڪي ويهڻ يا هلڻ سان انسان جلدي ٿڪاوٽ ۽ بيزاري جو شڪار ٿئي ٿو، چيلهه جي سور جي شروعات ٿيندي ئي ان کي معمولي نه سمجهڻ گهرجي، بلڪه فوري طور تي قبض ۽ گيس جي شڪايت هجي ته ان جو تدارڪ ڪجي، نذير پين ايڪس اسپري سور واري جاءِ تي اسپري ڪجي اعصابي ڪمزوري ۽ وڏي عمر جي ڪمزوري سبب سور هجي ته نذير ڪلونجي آئل جا پنج ڦڙا صبح جو نيراني ماکي يا پاڻي جي اڌ ڪوپ ۾ پيئڻ گهرجي، چيلهه جي ورزش حسب طاقت ڪجي ۽ فزيو ٿراپي هڪ خاص قسم جي رڳن پٺن ۾ رت جي رواني صحيح طريقي سان ڪرڻ جي مشين وزرش آهي، جنهن سان تمام سٺو فائدو ٿئي ٿو ۽ عورتن ۾ اڪثر ڪري چيلهه جو سور گهر ۾ ڪم ڪار ڪرڻ ۽ جهڪڻ ويهي اٿڻ غلط طريقي اختيار اختيار سبب ٿئي ٿو، هيٺ پٽ تي شيءَ کڻڻ لاءِ نمي کڻڻ بجاءِ سڌو پٽ تي ويهي ائين کڻجي جيئن چيلهه ۾ ورنه پوي، نماز پنج وقت باقائدگي سان پڙهڻ بذات خود هڪ بهترين روزاني جي ورزش آهي، جنهن سان به صحت سلامت رهي ٿي، هر ماڻهو جي مزاج ۽ طبيعت ۽ سور ٿيڻ جو سبب جدا ۽ الڳ ممڪن ٿي سگهي ٿو. گهڻو نشو ۽ عياشي ۽ بي راهه وري سان زندگي گذارڻ پڻ چيلهه ۽ سنڌن جي سور جو سبب بڻجي سگهي ٿو، بطور انگريزي علاج جيترو ممڪن ٿي سگهي ڪار ٽيزون کائڻ کان پرهيز ڪجي، ڇاڪاڻ ته ان دوا جا تمام گهڻا منفي اثرات ٿيڻ ٿا. ذميدار معالج صحيح طريقي ۽ وزن سان انتهائي ضروري سمجهي پوءِ ڪارٽيزون استعمال ڪرائيندا آهن، طبي علاج طور حب بوزيدان هڪ گوري صبح شام پاڻي سان کائجي حب اذرادي هڪ گوري رات جو کائجي، هلڻ چلڻ هلڪي ورزش ڪندو رهجي. هڪ جاءِ تي سڄو ڏينهن ويهڻ سان ۽ چرپر نه ڪرڻ سبب سور هميشه لاءِ گهر ۾ ويهاري ڇڏيندو، پنهنجي کاڌي خوراڪ عذا جو مڪمل خيال رکڻ گهرجي، ساڌي طريقي علاج ۾ مڪمل شفا ٿيڻ ۾ ٿورو وقت لڳي ٿو، جنهن جو صبر تحمل سان انتظار ڪندو رهجي، شفا من جانب الله آهي، ماشاءَ الله يوناني طريقي علاج ۾ چيلهه ۽ سنڌن جي سور جو شافي علاج موجود آهي، ڪنهن به طبي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ خط لکي جوابي لقا فوائڊريس لکيل موڪلي جواب عاقل پلازه گورنمينٽ ڪاليج روڊ حيدرآباد تان حاصل ڪري سگهجي ٿو، بشڪريه عوامي آواز
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: چيلهه ۽ سنڌن جو سور سبب ۽ علاج

    سائين تمام بهترين معلومات آهي اهڙي ناياب معلومات شيئر ڪرڻ لاء توهان جي مهرباني.
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: چيلهه ۽ سنڌن جو سور سبب ۽ علاج

    تمام بهترين ادا ممتاز مهرباني اوهان جي جو اوهان اسان جهونن جي مسائلن ڏانهن به توجه ڏني ادا ماناڃ ئي اهو علاج شروع ٿو ڪيان مهرباني اوهان جي سٺي شيئرنگ جي اوهان ته هر فن مولا آهيو ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو