• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇو گهٻراءين ٿو ڪوٽ ڏسي

shabana nawaz panhwar

سينيئر رڪن

ڇو گهٻراءين ٿو ڪوٽ ڏسي
هي اونچي اونچي اوٽ ڏسي
زندان اڏاري وينداسين زنجير پگهاري وينداسين
آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهون کي پر اءين نه مرنداسين او ساٿي
ڪا آگ لڳاءي وينداسين ڪو ٻاڙڻ ٻاري وينداسين۔



مان وارا ساٿيومطالعي دوران مونکي شيخ صاحب جي هن سٽن تمام گهڻو متاثر ڪيو جنهن جي ڪري سوچيم ته توهان قابل احترام ساٿين سان به هي من موهيندڙ ونڊ ونڊجي۔​
 
جواب: ڇو گهٻراءين ٿو ڪوٽ ڏسي

ادي شبانه پهنور صاحبه، اوهان پنهنجي مطالعي ۾ سنڌ سلامت کي شريڪ ڪري وڏا وڙ ڪيا آهن، ّشيخ اياز جا هي لفظ اسانکي ستي وانگر پيل آهن، پر چوندا آهن ته وڇ قلعي آڏر ڪڏندي آهي، انڪري پاڻ جنهن قوم سان تعلق رکونٿا ۽ قوم جنهن حالت ۾ آهي ته اهي جملا الائجي ڪڏهن سچ ٿيندا ۽ الائجي ڪڏهن انقلاب جو واچوڙو گهلندو ته پاڻ به ان سان ملي ڪا آڳ لڳائي سگهون، ۽ ڪو ٻارڻ ٻآري وڃون ۔۔۔۔

اوهانجا لک ٿورا جو ڪافي ڏينهن کانپو ڀيرو ڪيو اٿوَ ۔۔۔ اميد ته اوهان پنهنجي مطالعي ۾ سنڌ سلامت کي شريڪ رکندا ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top