تون ڳاله ڪرين ٿو زلفن جي مان اڻڀن اڻڀن وارن جي تون ڪوڪ سڻين ٿو ڪوءل جي مان پيٽ بکايل ٻارن جي معزز دوستو جيئن ته توهان ڄاڻو ٿا ته آء هڪ فلاحي ڀلائي جي اداري ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهيان. آء ٻارن جي حقن جي تحفظ تي ڪم ڪري رهي آهيان ان لاء دادو جي دل بخاري بادشاه جو هي ولولو ڏياريندڙ عظيم تحفو توهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان پئي۔
جواب: تون ڪوڪ سڻين ٿو ڪوءل جي اسلاموعليڪم محترمه ڀيڻ شبانه نواز عرض ته جنهن شعر کي توهان دادو جي دل بخاري جو عظيم تحفو ڪري پيش ڪيو آهي اهو حقيقت ۾ منهنجي والد پروفيسر محمد عمر ملاح جو شعر آهي۔ پاڻ 70 جي ڏهاڪي ۾ عمر ملاح جي نالي سان شاعري ڪندو هو۔ بابا سائين هي شعر اُن وقت حيدرآباد جي بسنت هال ۾ ٿيل سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ پڙهيو هو جنهن جي صدارت محترم امداد حسيني ڪئي هئي۔ هي شعر پو اُن وقت حيدرآباد مان نڪرندڙ ماهوار تحريڪ رسالي ۾ پڻ شايع ٿيو هو۔ اُستاد بخاري بيشڪ هڪ مهان شاعر آهي پر هن شعر جو خالق عمر ملاح آهي۔ اُميد ته هن وضاحت کانپو رڪارڊ کي درست ڪيو ويندو ۔ مهرباني