انفارميشن ٽيڪنالوجي ۾ ترقيء کانپوء اهو احساس هر ڏينهن وڌندو پيو وڃي ته ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا خاص ڪري سوشل نيٽ ورڪ ( فيس بوڪ ، ٽئيٽر ) وغيره تي ۽ ٻين سنڌي فورمن تي پنهنجي مادري زبان ۾ چيٽ ڪجي ۽ لکپڙه ڪجي۔ سائين ماجد ڀرڳڙيء جي ڪوششن سان ڪمپيوٽر تي سنڌيء ۾ لکڻ ڪو مسئلو ناهي پر ان باوجود ڪجه دوستن کي سنڌي انسٽال ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي۔
ان مسئلي جي سستي ۽ آسان حل لاء سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي سٻاجھڙن لاءِ سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ ، سنڌ سلامت جي سهڪار سان پھريون آن لائين براھ راست ورڪشاپ پيش ڪري رهي آهي:
ان مسئلي جي سستي ۽ آسان حل لاء سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي سٻاجھڙن لاءِ سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ ، سنڌ سلامت جي سهڪار سان پھريون آن لائين براھ راست ورڪشاپ پيش ڪري رهي آهي:
عنوان: اچو ته ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ سکون
ورڪشاپ ڊزائين : ذوالفقار بھڻ
تاريخ : 12 مارچ 2011
وقت : پاڪستاني رات 9 کان رات 12 تائين
ھي ورڪشاپ ھڪ ئي وقت 10 ريسورس پرسنس مختلف ملڪن مان ھلائيندا۔ ھن ورڪشاپ ۾ حصو وٺندڙ سنڌي سافٽويئر انسٽاليشن، سنڌي لکڻ ۽ سنڌي لکڻ ۾ ڪنهن به قسم جي پيش ايندڙ مسئلن جا بروقت جواب ۽ مدد حاصل ڪري سگھندا۔
دوستن کي نماڻي وينتي آھي ته تاريخ /ٽائيم تي صاف چيٽ روم/ڪچھري ڪمري ۾ موجود ھجن.
دوستن کي نماڻي وينتي آھي ته تاريخ /ٽائيم تي صاف چيٽ روم/ڪچھري ڪمري ۾ موجود ھجن.
ريسورس پرسن :
محمد سليمان وساڻ
نثار احمد ابڙو
نثار احمد ناز
امداد سهتو
جبار بوزدار
عاشق سولنگي
نرمل کونهارو ۽ ٻيا
سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي لنڪس لاء هيٺ ڪلڪ ڪيو
لنڪ 1 صاف
لنڪ 2 صاف 1