جيڪڏهن ائين چئجي ته جادوگر رشيد سمون سنڌ سلامت آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاء ناهي۔ سنڌ سلامت جي سمورن ميمبرن ۽ انتظاميه جي رڪنن طرفان سنڌ سلامت جي باني ، منتظم اعلي ۽ جاکوڙي دوست رشيد سمون کي 600 موضوع مڪمل ڪرڻ تي دلي مبارڪ.
سائين رشيد سمون هڪ بيباڪ ، محنتي ، ايماندار ، هڏ ڏوکي ، يارن جو يار ۽ وفادار انسان آهي. سنڌ سلامت جي هن اڱڻ کي محبتي ميلي ۾ تبديل ڪري رشيد اسان سنڌين کي هڪ مالها ۾ پوئي رکيو آهي جيئن گل فروش مختلف رنگ برنگي ۽ خوشبوئن سان ٽمٽار گلن کي هڪ هار ۾ پوئي رکندو آهي.
ادا رشيد کي مان شاه لطيف جو هيٺيون بيت ارپيندس جيڪو سندس اڻٿڪ ڪوششن تي ٺهڪي پيو اچي :
اڄڪله ڀاء رشيد سنڌ سلامت کي وي بليٽن 0۔4 تي آڻڻ جا جتن ڪري رهيو آهي ۽ ان ڪري گهڻو مصروف به آهي۔ دعا آهي ته رب پاڪ ادا رشيد کي وڌيڪ همت ، حوصلو ، جذبو ۽ سٺي صحت ڏي جيئن هو دوستن جي اميدن تي پورو لهي ۽ سنڌ سلامت کي ترقيء جي بلندين تي پهچائي۔

جِتِ نه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي؛
ٻِيو ٻارِيندو ڪيرُ، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري؟