• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ورلڊ ڪپ 2011 - ڀارت جي ڪاميابين جو سلسلو جاري هالينڊ کي شڪست

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دهلي ۾ کيڏيل ورلڊ ڪپ 2011 جي اڄوڪي ميچ ۾ ڀارت جي ٽيم توقعات تي پورو لهندي هالينڊ جي ٽيم کي آسانيء سان شڪست ڏئي ڇڏي۔ پهريان کيڏندي هالينڊ جي ٽيم پهريان بئٽنگ ڪندي 47 هين اوور ۾ 189 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔ ڀارت پاران ظهير خان 20 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون۔

جواب ۾ ڀارت جي ٽيم ميدان ۾ لٿي ته هن جي رانديگرن جا ارادا ٻڌائي رهيا هئا ته هو ميچ جلدي ختم ڪرڻ چاهين ٿا۔ جارحانه بئٽنگ جي شروعات ٿي پر 99 رنسن تي 4 وڪيٽون ڪرڻ کانپوء ڀارتي رانديگر وڌيڪ محتاظ ٿي ويا ۔ يوراج سنگھ جي 51 ناٽ آئوٽ جي مدد سان ڀارت گهربل اسڪور 37 هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو ۽ 5 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 191 اسڪور ڪيو۔ هالينڊ پاران پيٽر سيلار 3 وڪيٽون ورتيون۔ اڄوڪي ميچ ۾ سچن ٽنڊلڪر هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪيو ۽ ورلڊ ڪپ ۾ 2000 رنسون مڪمل ڪيون۔

اڄوڪي ميچ ۾ به يووراج سنگھ هيرو رهيو هن 2 وڪيٽوب به ورتيون ۽ 51 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو
mwy4g0.jpg

 
جواب: ورلڊ ڪپ 2011 - ڀارت جي ڪاميابين جو سلسلو جاري هالينڊ کي شڪست

ميچ ۾ يوراج سنگهه پنهنجي پرفارمنس کي بهترين ثابت ڪندي آخري بال تي چار رنسون ٺاهي پنهنجي ففٽي سان گڏ انڊيا کي ميچ به کٽرائي۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=XJrrDodEafc

ظهير خان 3 وڪيٽون وٺي هالينڊ کي 189 رنسن تائين محدود ڪرڻ ۾ خاص ڪردار نڀايو۔۔۔


http://www.youtube.com/watch?v=uYu3ln5kgBQ

جڏهن ته انڊيا جي مضبوط بيٽنگ لائين کي ڪجهه دير لاءِ ئي سهي پر جهٽڪو رسائيندڙ پيٽر سيلار پڻ ٽي وڪيٽون ورتيون

http://www.youtube.com/watch?v=ykdypUJ2s2Q

انڊيا جا ايندڙ مقابلا ٻڌائيندا ته انڊيا پنهنجو ڪوارٽر فائينل سري لنڪا، بنگلاديش وري پنهنجي هوم گرائونڊ تي کيڏندو۔۔۔ جڏهن ته انڊيا جا فينس پاڪستاني فينس وانگر اها پڻ خواهش رکن ٿا ته ڪوارٽر فائينل ۾ مقابلو پاڪستان ۽ انڊيا جو ٿئي ۔۔ جنهن ۾ انڊيا روايت ورجائڻ جي جڏهن ته پاڪستان ساک بچائڻ جي ڪوشش ڪندا۔۔۔
 
Back
Top