هڪ پاڪستاني ڇوڪري آمريڪا جي اسڪول ۾ داخلا ورتي۔۔ ٽيچر پڇيو: تنهنجو نالو ڇا آهي؟؟؟ ڇوڪرو: ميڊم منهنجو نالو اُساما آهي! ٽيچر ڪاوڙ مان چيو: تون هاڻ آمريڪا ۾ رهين ٿو! تنهنجو نالو به آمريڪن هجڻ گهرجي! اڄ کان تنهنجو نالو جوني آهي۔۔!! سمجهيئي۔ ڇوڪرو موڪل کان بعد گهر ويو۔۔ والدين پڇيو: اُساما پُٽ! اڄ اسڪول ۾ ڇا سکيئي۔۔۔؟؟؟ ڇوڪرو: سوري۔۔ مان آمريڪن آهيان، هاڻ منهنجو نالو جوني آهي۔۔!! ڊونٽڪال مِي اُساما!!! ماءُپيءُ اهو ٻڌي ڪاوڙ ۾ اچي ويا ۽ کيس مارڪٽ ڪيائون۔۔۔ ٻئي ڏينهن ڇوڪرو وري اسڪول ويو۔۔ سندس موڊ آف ۽ منهن سڄيل ڏسي ٽيچر پڇيو! ڏي خبر ڇا تي موڊآف اٿئي۔۔ ڇوڪرو: ميڊم ڇا ٻڌايان۔۔ منهنجي آمريڪي ٿيڻجي صرف چار ڪلاڪن اندر ئي مون کي ٻن پاڪستانين ملي ڪري ڏاڍي مارڪٽ ڪئي آهي۔۔۔۔۔۔ ۔۔
جواب: صرف چار ڪلاڪن ۾۔۔۔ ادي۔۔۔۔۔! اهي ته هيا پاڪستاني ٻار جن پنهنجي تهذيب کي ايترو جلدي وساري ڇڏيو۔۔۔ پاڻ انشاءَالله سنڌي تهذيب کي نه وسارينداسين۔۔۔۔ باقي ويچاري سان ٿي ڏاڍي۔۔۔۔۔
جواب: صرف چار ڪلاڪن ۾۔۔۔ بس ادا۔۔۔۔!!! بچي رهجان۔۔ متان تون به پاڪستاني ٿي وري آمريڪن اسڪول ۾ داخلا وٺين۔۔
جواب: صرف چار ڪلاڪن ۾۔۔۔ ها ادا ! اُساما پاڻ ته لڪيو ويٺو آهي همراهه مسلمانن ۽ پاڪستانين لاءِ ويل ڪري ويو۔۔۔۔