شمائلا نواز سولنگي دنيا ۾ جيڪي به عالمي ڏينهن ملهايا وڃن ٿا انهن جو مقصد لاڳاپيل اشوز تي شعور اجاگر ڪرڻ هوندو آهي پر اسان وٽ اهڙا ڏهاڙا صرف ڏيکاءُ طور ملهايا وڃن ٿا، عالمي ڏهاڙو اچي ٿو ۽ گذري وڃي ٿو ”ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه“. ڪجهه به نٿو بدلجي سڀ ڪجهه ساڳيو ئي رهي ٿو، هاڻي جڏهن سڀاڻي عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، تڏهن به ان جو ڪو اثر ٿيڻ جي ڪابه اميد ناهي، عورتون اڳي ئي ناانصافي ۽ ظلم جو شڪار رهيون آهن، خاص طور تي اسان جي سنڌ ۾ عورتن سان اهڙيون ته ويڌنون ٿينديون رهن ٿيون جن جا قصا ٻڌڻ سان ئي ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون ۽ شايد ان کان ته پٿر جو دور به بهتر هوندو، اڄڪلهه ماڻهن ۾ تعليم هجڻ باوجود عورتن بابت منفي سوچ جو خاتمو نه آيو آهي، پڙهيل لکيل خاندانن ۾ به عورتن کي محدود رکيو ويو آهي، انهن کي ڄڻ ته گهرن ۾ قيد رکيو ويو آهي، اهي ويچاريون ٻاهر جي هوا کائڻ لاءِ به سڪنديون رهنديون آهن، حڪومت کان وٺي عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ ادارن تائين ڪير به عورت کي انصاف نه ڏئي سگهيو آهي، عورتن کي مردن جي برابر حق ملڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر انهن کي بنيادي حق به نه ملي سگهيا آهن، اسان جي معاشري ۾ ته اڃا نياڻين کي تعليم ڏيارڻ به غلط سمجهيو وڃي ٿو، ننڍي عمر جي نينگرين جون شاديون پوڙهن سان ڪرايون وڃن ٿيون، عورت سان ايترو ظلم آخر ڇو آهي، هاڻ وقت ڏاڍو بدلجي ويو آهي، دنيا الائي ڪٿي وڃي پهتي آهي ۽ زندگي جون تقاضائون تبديل ٿي ويون آهن، دنيا ۾ جدت آيل آهي، اهڙي وقت ۾ به اسان جي معاشري جي عورت رڳو ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهجندي رهي ٿي، آخر ائين ڪيستائين ٿيندو رهندو. روزاني ڪاوش جي ٿورن سان