اسان جو دوست علي نواز خاصخيلي آهي مون وانگر آهي ته اڻ پرهيل پر پوء به تمام پڙهيل لکيل لڳندو آهي پهنجو وڏو هوٽل اٿس جڏنهن به هوٽل تي ويندا آهيون ته پاڻ ويچارو ٻئي هٿ ٻڌي بيٺو هوندو آهي ۽ پيو سائين سائين ڪندو آهي ۔۔ مهنجي لاء ته چانه هجي يا ماني پاڻ تيار ڪندو آهي مزدورن کي هٿ به لاهڻ نه ڏيندو آهي ۔ رات جو ڪهڙو به ٽايم هجي جڏنهن مان ٻاهران موٽندو آهيان ۽ رات جي ماني نه کاڌل هوندي آهي ته فون ڪري چوندو آهيانس بابا ڪاٿي پيا وسو بس جواب ڏيندو ته سائين حڪم ڪيو اوهان مان چوندو آهيان حڪم ڪهڙو بس ادا لنگر ڪندا سي جواب ۾ چوندو ته بس اوهان پهچو لنگر تيار هوندو۔۔ سو مان ان کي مزاق ۾ چوندو آهيان ته ۔ تو ادا علي نواز مهنجي امان ته هن دنيا ۾ نه رهي آهي ان جي جاء تي توکي الله مهنجي امان بڻائي ڪري موڪليو آهي اويل هجي يا سويل مهنجي پيٽ جو حل ته تو وٽ ئي هوندو آهي۔۔ کلي ڪري جواب ڏيندو آهي سائين بس ڌڻي ڪنهن کي ناهي ڇڏيندو ۔ سو جڏنهن رات جو سڪون جو ماحول هوندو آهي ته هو ويهي شاعري ڪندو آهي پوء اتي ئي دوستن کي ايس ام ايس ڪندو آهي ۔ هن جي شاعري ۾ سگهڙن وارو ذوق پاتو ويندو آهي ۔ اڄ به مون کي ايس ايم ايس ڪيائين سو اوهان سامهون ان جو ڪلام ۔۔ پيش ڪجي ٿو
موت جڏنهن مون کي مارڻ ايندو
سڄڻ تڏنهن سينگارڻ ايندو
ڏئي هٿ اکين تي انگڙا ٺاهي
ڪفن بدن تي ڏيارڻ ايندو
ڪاندهي بڻجي ڪلهو ڏيندو
نيٺ قبر ۾ وارڻ ايندو
مڻ مٽي جا موتي چاڙهي
لڙڪ ٻه ٽي ته هارڻ ايندو
خاصخيلي غريب جي قسمت ڏسجو
جڏنهن يار قبر کي ٻهارڻ ايندو
علي نواز خاصخيلي
موت جڏنهن مون کي مارڻ ايندو
سڄڻ تڏنهن سينگارڻ ايندو
ڏئي هٿ اکين تي انگڙا ٺاهي
ڪفن بدن تي ڏيارڻ ايندو
ڪاندهي بڻجي ڪلهو ڏيندو
نيٺ قبر ۾ وارڻ ايندو
مڻ مٽي جا موتي چاڙهي
لڙڪ ٻه ٽي ته هارڻ ايندو
خاصخيلي غريب جي قسمت ڏسجو
جڏنهن يار قبر کي ٻهارڻ ايندو
علي نواز خاصخيلي