• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موت جڏنهن مون کي مارڻ ايندو

علي ظفر

نائب منتظم
انتظامي رڪن
اسان جو دوست علي نواز خاصخيلي آهي مون وانگر آهي ته اڻ پرهيل پر پوء به تمام پڙهيل لکيل لڳندو آهي پهنجو وڏو هوٽل اٿس جڏنهن به هوٽل تي ويندا آهيون ته پاڻ ويچارو ٻئي هٿ ٻڌي بيٺو هوندو آهي ۽ پيو سائين سائين ڪندو آهي ۔۔ مهنجي لاء ته چانه هجي يا ماني پاڻ تيار ڪندو آهي مزدورن کي هٿ به لاهڻ نه ڏيندو آهي ۔ رات جو ڪهڙو به ٽايم هجي جڏنهن مان ٻاهران موٽندو آهيان ۽ رات جي ماني نه کاڌل هوندي آهي ته فون ڪري چوندو آهيانس بابا ڪاٿي پيا وسو بس جواب ڏيندو ته سائين حڪم ڪيو اوهان مان چوندو آهيان حڪم ڪهڙو بس ادا لنگر ڪندا سي جواب ۾ چوندو ته بس اوهان پهچو لنگر تيار هوندو۔۔ سو مان ان کي مزاق ۾ چوندو آهيان ته ۔ تو ادا علي نواز مهنجي امان ته هن دنيا ۾ نه رهي آهي ان جي جاء تي توکي الله مهنجي امان بڻائي ڪري موڪليو آهي اويل هجي يا سويل مهنجي پيٽ جو حل ته تو وٽ ئي هوندو آهي۔۔ کلي ڪري جواب ڏيندو آهي سائين بس ڌڻي ڪنهن کي ناهي ڇڏيندو ۔ سو جڏنهن رات جو سڪون جو ماحول هوندو آهي ته هو ويهي شاعري ڪندو آهي پوء اتي ئي دوستن کي ايس ام ايس ڪندو آهي ۔ هن جي شاعري ۾ سگهڙن وارو ذوق پاتو ويندو آهي ۔ اڄ به مون کي ايس ايم ايس ڪيائين سو اوهان سامهون ان جو ڪلام ۔۔ پيش ڪجي ٿو


موت جڏنهن مون کي مارڻ ايندو
سڄڻ تڏنهن سينگارڻ ايندو
ڏئي هٿ اکين تي انگڙا ٺاهي
ڪفن بدن تي ڏيارڻ ايندو
ڪاندهي بڻجي ڪلهو ڏيندو
نيٺ قبر ۾ وارڻ ايندو
مڻ مٽي جا موتي چاڙهي
لڙڪ ٻه ٽي ته هارڻ ايندو
خاصخيلي غريب جي قسمت ڏسجو
جڏنهن يار قبر کي ٻهارڻ ايندو


علي نواز خاصخيلي​
 
جواب: موت جڏنهن مون کي مارڻ ايندو

واهه سائين واهه
بهترين ونڊ۔۔۔۔
 
جواب: موت جڏنهن مون کي مارڻ ايندو

خاصخيلي غريب جي قسمت ڏسجو
جڏنهن يار قبر کي ٻهارڻ ايندو

واه واه تمام بهترين شاعري آهي۔

پر ادا علي نواز اسان کي الاهي ماني کارائيندو يا نه؟
 
جواب: موت جڏنهن مون کي مارڻ ايندو

ادا شاعري دل جي حساس خيالن جي تر جماني ڪندي آهي ان جي لاء پڙهيل هجڻ ضروري نه آهي جنهن جو مثال خاصخيلي صاحب جي مٿين شاعري آهي جيڪا پنهنجي اندر تمام گهڻي معنئ ٿي رکي۔سٺي شاعري شيئر ڪئي اٿو توهانجي مهرباني۔​
 
جواب: موت جڏنهن مون کي مارڻ ايندو

مڻ مٽي جا موتي چاڙهي
لڙڪ ٻه ٽي ته هارڻ ايندو
خاصخيلي غريب جي قسمت ڏسجو
جڏنهن يار قبر کي ٻهارڻ ايندو

توهان جي دوست خاصخيلي جي هن شاعريءَ‌جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي۔۔ دل کي ڇهندڙ شاعري آهي۔۔۔
 
Back
Top