[FONT="Al_Mushaf"]سنڌ ۾ تعليم جو زوال[/FONT] جنيد انور جوکيو اڪثر صبح جو ڪاليج ويندي جڏهن ننڍڙن ٻارڙن کي اسڪول يونيفارم ۾ ڏسندو آهيان ته مون کي اهو منظر ڏاڍو وڻندو آهي، جيڪي اڌ اکيون بند ۽ اڌ کليل هوندي اسڪول ڏانهن ويندا آهن، پر پوءِ به شرارتن کان ڪونه مڙندا آهن ۽ اهي اهڙيون شرارتون ڪندا آهن، جيڪي دل کي وڻي وينديون آهن. ڪالهه صبح جو اهو منظر ڏسندي دل چاهيو ته انهيءَ منظر کي دل ۾ سمائي ڇڏيان، پر ان وقت انهيءَ معصوم ٻار جون اوجاڳيل اکيون، ڪپڙا ڦاٽل، ميرا ۽ هٿن ۾ بوٽ پالش وارو سامان ڏسي حيرت وچان اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ سوچڻ لڳس ته اسان جو معاشرو ۽ ملڪ، اِهو صبح ڪڏهن ڏسندو، جنهن صبح ملڪ جو هر هڪ ٻار اسڪولن ڏانهن ويندو، جنهن صبح جو ڪوبه ٻار بوٽ پالش وارو سامان هٿن ۾ نه کڻندو، جنهن صبح ڪوبه معصوم مزدوريءَ لاءِ نه پر پڙهڻ لاءِ نڪرندو. الائي ڪڏهن اسان اِها صبح ڏسنداسين، جنهن صبح جو اسان کي ڪوبه مجبور ٻار روڊن تي پورهيو ڪندي، پنندي ۽ رلندي نظر نه ايندو، الائي ڇو ملڪ جي حڪمرانن جا حال ڏسي غربت، بيروزگاري، محروميءَ ۽ ماڻهن جون انيڪ مجبوريون ڏسي لڳي ٿو ته اهو ڏينهن ويجهڙ ۾ ته نظر ڪونه پيو اچي. ملڪ ۾ سوين هزارين قانون موجود آهن، جن تحت، اهي ٻار تعليم پرائي سگهن ٿا ۽ جبري پورهئي کان بچي سگهن ٿا، پر ملڪ جي هر قانون جيان انهيءَ قانون تي عمل ڪڏهن ٿيندو. اهو رڳو مان نه ٿو سوچيان پر هر ساڃاهه وند ۽ شعور واري لڏي جي اها سوچ آهي، اهڙي گهڙيءَ جو انتظار به ڪريون ٿا، پر اهو انتظار تمام ڊگهو ٿي ويو آهي. اسان کي نظر نٿو اچي ته اسان جا ٻار حڪمرانن جي رحم وارين نگاهن جو نشانو بڻجن، اسان وٽ هر دور ۾ ڪونه ڪو ٻار پورهيو ڪندي تشدد جو نشانو بڻجندي نظر پيو ايندو آهي. اسان وٽ اهو ڏينهن خالي نه آهي، جنهن ڏينهن اسان جي اخبارن کي ڪنهن ٻار سان زيادتيءَ جي خبر نه ملي هجي. اسان وٽ اهڙو ڏينهن قسمت سان به نه آيو آهي، جنهن ڏينهن ڪنهن معصوم ٻار کي معاشري ۾ رهڻ جي سزا تحت زندگيءَ تان هٿ کڻائڻو نه پيو هجي. هر روز معاشري ۾ رهڻ جي سزا تحت اسان جا ڪيترائي ٻار ذهني دٻاءُ جو نشانو بڻجڻ ٿا، اسان وٽ قانون به آهي پر اسان وٽ کوٽ آهي رڳو عمل جي- جيڪو عمل 60 سالن تائين ٿيندو اسان کي نظر نه آيو آهي. اهو اسان جي ملڪ سان وڏو الميو آهي، حادثو آهي. جيڪڏهن قانون تي عمل ٿيندو اچي ها ته اڄ اسان کي اهڙا ڏينهن ڏسڻا نه پون ها. اسان وٽ ملڪ جي حالتن جو حال اهو آهي جو اسان جي ملڪ ۾ 40 سيڪڙو ٻار اسڪول نٿا وڃن، 28 سيڪڙو ٻار جبري پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن، 80 سيڪڙو ٻارڙن لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر نه آهي، 35 سيڪڙو ٻارڙن لاءِ صحت جون سهولتون نه آهن ۽ 28 سيڪڙو ٻار کليل آسمان هيٺ تعليم پرائي رهيا آهن. جڏهن ته ملڪ ۾ 46 سيڪڙو اسڪول اڌوري پوزيشن ۾ آهن، ڪن کي ڇتيون نه آهن، ڪن ۾ فرنيچر نه آهي، ڪن ۾ استاد نه آهن. سنڌ جي تعليم واري نظام تي جو ڪجهه مهينا اڳ سنڌ جي تعليم واري وزير پاڻ سنڌ اسيمبليءَ ۾ چيو هو ته سنڌ ۾ 6 هزار اسڪول وڏيرن جي اوطاقن طور استعمال ٿي رهيا آهن، جڏهن ته استاد ويزا تي ويل آهن، جيڪي پگهارون کڻن ٿا، پر اسڪول ڪونه ٿا اچن. اسان وٽ تعليم جو حال اهو آهي جو اسان جي مئٽرڪ پاس کي به ٻئين درجي جو حساب نه ايندو. هزارين معصوم تعليم کان سواءِ مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن. اسڪول اوطاقن گودامن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. استاد پڙهائڻ کان جواب ڏئي ويٺا آهن، پر ملڪ جي ڪابه طاقت هنن کي پڙهائڻ تي مجبور نٿي ڪري سگهي، ڇو ته استادن کي به اڄڪلهه پئسن سان واسطو آهي، هنن کي هر مهيني پگهار ملي ٿي ته هو ڇو ذميواري کڻندا؟ هڪ طرف تعليم جو اهڙو حال آهي ته ٻئي طرف استاد يونين ۾ پاڻ لڪائي ڊيوٽين کان آزاد ويٺا آهن. يعني هر طرف کان تعليم تباهه ٿي رهي آهي. هرطرف کان تعليم تباهه ٿي رهي آهي. پر انهيءَ تباهيءَ کي روڪڻ وارو ڪوبه نه آهي. استاد يونين بازيءَ سبب تعليم کي مذاق بڻايو ويٺا آهن. حڪمران الائي ڇو سنجيدا ٿيڻ جو سوچي به نٿا سگهن!! انهيءَ وچ ۾ تعليم ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندي پئي وڃي ۽ اسان جا معصوم ٻار انهيءَ الميي سبب ڪڏهن جبري پورهيي جي جهڙپ ۾ ٿا اچن ته ڪڏهن موت جو نشانو بڻجن ٿا. ڪي وڏا ٿي نشو واپرائن ٿا ته ڪي ڏوهن جي دنيا وسائن ٿا. ان کان سواءِ اسان وٽ ڀيانڪ زندگي گذاريندڙ ٻارڙن جي مستقبل کي روڪڻ لاءِ سوين اين جي اوز به آهن، جيڪي مهيني ۾ ڪروڙين رپيا بجيٽ ٺاهي پاس ڪرائن ٿيون. انهن اين جي اوز ۾ ڪم ڪندڙ ڪک پتي مان لک پتي ٿي ويا آهن. جيڪي صبح جو هڪ ملڪ ۾ آهن ته شام جو ٻئي ملڪ ۾، پر انهن ٻارڙن لاءِ ڇا ڪيو آهي، رڳو تقريرن ۽ فوٽو ڪڍرائڻ کان سواءِ اين جي اوز انهن ٻارڙن جي سڌاري بابت پاڻ کي مالي حالت ۾ سڌاري رهيا آهن. پر مان سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن هنن جي ڪروڙين رپين مان ڪجهه سڪا جيڪر اسان جي ٻارڙن جي بهتريءَ لاءِ استعمال ٿين ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو ۽ گهڻو فائدو پئجي سگهي ٿو، هن وقت سنڌ جي ٻارڙن جو حال رحم جوڳو آهي. اسان جا معصوم ٻارڙا خودڪشيون ڪري رهيا آهن ۽ ڪي معاشي بدحاليءَ جو شڪار بڻجي رهيا آهن. اسان پنهنجي ٻارڙن کي انهيءَ خوفناڪ موڙ تان ترقي، زندگي ۽ تعليم ڏانهن ڪيئن موٽائي سگهون ٿا؟ جيڪڏهن اسان حڪمرانن ۽ اين جي اوز ڏانهن ڏسڻ ڇڏي ڏيون ۽ پنهنجو ڪارروهنوار پورو ڪيون ته ممڪن آهي اسان ٻارڙن جو مستقبل سنواري سگهون. اسان سڀ باشعور ماڻهو ڳالهين کان سواءِ انهن ٻارڙن لاءِ هڪ روشنيءَ جي راهه بڻائي سگهون ٿا. جيڪڏهن هر هڪ گهر مان هڪ هڪ ماڻهو نڪري پوي ۽ هو اِهو سوچي نڪري ته اهي به اسان جا ٻارڙا آهن، اهي به اسان جي اولاد جيان آهن. جيڪڏهن هرهڪ گهر مان هڪ ماڻهو هڪ ٻار جا ڪتاب وٺي ۽ ٻيو گهر وارو انهن لاءِ فيس ڀري ۽ ٽيون گهروارو هنن کي رڳو هڪ جوڙو وٺي ڏئي ته مان سمجهان ٿو ته اسان جا معصوم ٻارڙا مجبورين ۽ محرومين کان گهڻو بچي سگهن ٿا. هن وقت اسان کي پاڻ تي ڀاڙڻو آهي، ڇو جو اسان 60 سال حڪمرانن جون راهون ڏٺيون آهن، انهن مان اسان کي ڪجهه به نه وريو آهي، پر هاڻي اسان کي پاڻ اٿڻو آهي، پنهنجي لاءِ پنهنجي ٻارن لاءِ جيڪڏهن اسان پاڻ اٿي پياسين ته اهو ڏينهن پري نه آهي جو اسان جي ٻارڙن جو مستقبل سنوارجي وڃي، پوءِ جيڪڏهن اسان پنهنجو پاڻ ٻارڙن لاءِ وقف ڪيو ته اسان جا ٻارڙا مستقبل جا اهي مضبوط حصيدار ٿي ويندا، جيڪي انهن قوتن کي مات ڏئي ڇڏيندا، جن ٻارڙن جي مستقبل تي سياست ڪئي، جن ٻارڙن جي مليل رقم پنهنجي رياستن ۾ استعمال ڪئي، جن ٻارڙن لاءِ مليل معاوضو پنهنجي ٻارڙن جي پڙهائي لاءِ رکيو، جن حڪمرانن اسان کان هميشه ووٽ ورتا، پر انهن اسان جي ٻارڙن لاءِ ڪڏهن به ڪجهه نه ڪيو ۽ پنهنجي لاءِ هنن سڀ ڪجهه ڪيو. junaid_jokhio@yahoo.com عبرت آرٽيڪل
جواب: سنڌ ۾ تعليم جو زوال جنيد احمد جوکيو صاحب جي هن آلين اکين سان اسانجون اکيون به آليون آهن ۔۔۔ قانون ڪونهي، تعليم ڪونهي ۔۔۔ ڀلا سوال اهو آهي ته ۔۔۔۔ آخر سٺي شئي آهي ڪهڙي هن ملڪ ۾ ۔۔۔۔ ادو جنيد ئي ٻڌائي ته صرف قانون نه هجڻ سبب تعليم ڪونهي ۔۔۔ پر ادا هت ته کوڙيءَ کي ئي گهمرو آهي ۔۔۔ پر روئون ٿا ته ماڻهون چون ٿا ته روئڻ سان ڪجهه ڪون ٿيندو ۔۔۔ بغاوت ڪيون ٿا ته ماڻهون چون ٿا ته اهو ڪم به خراب آهي، بغاوت سان ڪجهه ڪون ملندو ۔۔۔ هاڻ ڪري ته ماڻهون ڪري ڇا ۔۔۔ مٿو چڪرايل آهي ۔۔۔؟؟؟؟؟ الله جي پياري رسول صلعم کان هڪ اصحابي پڇيو ته فتنن جو زمانو اچي ته اسانکي ڇا ڪرڻ گهرجي ته الله جي رسول چيو؛ ته پاڻ سنڀالجي ۽ صبر ڪجي ۽ فتنن کان پري رهجي” سو دوستو پاڪستان ۾ به عجيب فتنن جو زمانو هلي رهيو آهي ۔۔۔ سو پاڻ سنڀالجي، صبر ڪجي ۽ فتني کان ڀڄي پاسو ڪجي ۔۔۔ ڇا ڪجي؟ سائين افتخار سٺو ليک ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔ اوهان پاڻ ئي ڪا صلاح ڏيو ته هنن حالتن ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
جواب: سنڌ ۾ تعليم جو زوال سائين چوهاڻ صاحب مهرباني جنيد جوکيو صاحب جن جيڪو به لکيو آهي اهو بلڪل سچ آهي۔ اسان جي تعليم تباه ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ ٻين سان گڏ اسان جا پنهنجا به آهن۔ سيڪريٽري تعليم ۽ منسٽر تعليم کانوٺي پٽيوالن تائين سڀ پنهنجا سنڌي آهن، استاد به پنهنجا آهن، ادارا به پنهنجا آهن پوء به خبر ناهي ڇو اسان اهو سڀ پيا ڪيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهو اسان پانهنجي پاڻ کي برباد پيا ڪيون۔ ان کان وڌيڪ ڇا چئجي۔۔۔۔۔۔۔ پوء به اميد ڪانهي هاري ، ڪٿان ڪو ڪرڻو ضرور نظر پيو اچي ۽ اهو ڪرڻو هڪ ڏينهن سموري سنڌ کي روشن ڪندو۔
جواب: سنڌ ۾ تعليم جو زوال ادا محترم ڇو اسان غريبن کي گنهگار ٿا ڪيو ، اسين پاڻ طفلِ مڪتب آهيون اوهان جهڙن وڏڙن جي رهنمائي ۾ مڙئي پيا ٽٽل ڦٽل ڪم ڪيون ، اوهان ئي ڪا واٽ ڏسيو؟؟؟؟ اوهان جو تجربو اسان کان وڌيڪ آهي ، عمر ۾ به اسان کان وڏا آهيو ڪا صلاح ڏيڻ به گستاخي ٿو سمجهان۔
جواب: سنڌ ۾ تعليم جو زوال جي ادا اميد تي ئي دنيا قائم آهي ، الله تعالى چنگي ڪندو ، مهرباني تحرير تي نظر ڪرڻ جي