موهن ڀڳت - شاه لطيف جي شاعريء جو عاشق
تحرير ؛ محمد سليمان وساڻ
تحرير ؛ محمد سليمان وساڻ
اڄ 10 مارچ آهي ۽ اڄوڪي ڏهاڙي 10 مارچ 1995 تي سنڌي راڳ جي ڪلاسيڪل ۽ صوفي ڳائڻي موهن ڀڳت جو وڇوڙو ٿيو هو . سنڌ ڌرتي ڪيئي مهان ڪلاڪار پيدا ڪيا آهن جن سنڌ جو نالو ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ روشن ڪيو آهي. سنڌ اهڙا سريلا فنڪار پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي آواز جي جادوء سان ماڻهن جون دليون موهي وڌيون آهن . سنڌ ۾ ٿر وارو علائقو به به فنڪارن سان ڀريو پيو آهي، جن پنهنجي گائيڪيءَ واري نرالي انداز سان گائيڪيءَ ۾ الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي . انهن فنڪارن ۾ مائي ڀاڳي، ڪالو فقير، فوزيه سومرو، شفيع فقير،صادق فقير، موهن ڀڳت ۽ ٻيا شامل آهن.
موهن ڀڳت کي ڳائڻ ورثي ۾ مليو. هن وڌيڪ سکيا موتي ڀڳت، استاد مراد فقير کان حاصل ڪئي. موهن جيئن ته ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ هو ۽ غريب گهراڻي مان هو، چوپايو مال جهنگ ۾ چاريندو هو ۽ اتي ئي موهن جهونگاريندو رهندو هو، جڏهن ته هن جو والد ڀڳت اُميد رام ۽ سندس چاچو موتي ڀڳت محفلن ۾ وڃي ڳائيندا وڄائيندا هئا. هڪ ڏينهن موهن ڀڳت کي به شوق جاڳي پيو ته ڇو نه اڄ محفل ۾ ڪجهه ٻڌائجي! هن اهڙي خواهش پنهنجي والد سان ڪئي، والد هن کي اجازت ڏني ۽ محفل ۾ پهريون ڀيرو هن ڳايو ته واهه واهه ٿي وئي. اڪثر هن سان گڏ محفلن ۾ سندس ڀاءُ ۽ پٽ گڏ ڳائيندا هئا.
موهن ڀڳت ٿر پارڪر ضلعي جي شهر اسلام ڪوٽ ۾ ڄائو، سندس پيدائش جو سال 1929ع يا 1930ع آهي، سندس ننڍپڻ ٻهراڙيءَ ۾ گذريو. موهن ڀڳت جي پرورش ڳوٺاڻي ماحول ۾ ٿي ۽ ٻڪرين جي ڌڻ سان هو جڏهن جهنگ ۾ ويندو هو ته وقت کي وندر ۾ گذارڻ لاءِ هو اڪثر ڪافي ڳائيندو رهندو هو، سندس پيءُ ڳڀت اميد رام ۽ چاچو موتي ڀڳت پنهنجي ٿر جا مشهور ڳائڻا رهيا آهن. موهن ڀڳت کي ننڍپڻ ۾ ڳائڻ جي سکيا پنهنجي پيءُ ۽ چاچي کان ملي، ننڍپڻ ۾ هو محفل ۾ جڏهن ڳائيندو هو ته کيس گهڻو پسند ڪيو ويندو هو. عارفاڻي ڪلام کي ”ڀڳتي انداز“ ۾ ڳائڻ لاءِ هن وڌيڪ سکيا تر جي مشهور ڳائڻي عمرو ڀڳت کان حاصل ڪئي.
عارفاڻي ڪلام ڳائڻ لاءِ موهن ڀڳت، استاد مراد فقير جو پڻ شاگرد رهيو، استاد مراد فقير ڪافيءَ جي گائڪيءَ ۾ سٺي شهرت رکندڙ آهي، سندس شاگردن ۾ ملڪ جي مشهور لوڪ موسيقيءَ جي ڳائڻي مائي ڀاڳي پڻ شامل آهي.
موهن ڀڳت گائڪيءَ جي هڪ مخصوص انداز جو نمائندو فنڪار هو، روحاني سرور حاصل ڪرڻ ۽ وندر لاءِ موسيقيءَ جون محفلون اڄ به سنڌ جي ثقافت جو حصو آهن. عارفاڻي ڪلام کي ڀڳت جنهن انداز سان ڳائيندا رهيا آهن اهو سوين سال پراڻو آهي. سنڌ جي موسيقي هر دور ۾ ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن تي پڻ اثر انداز رهي آهي. سنڌي موسيقيءَ جا لوڪ گيت جڏهن به پنهنجي مخصوص انداز سان پيش ڪيا ويا آهن انهن پنهنجي ”لئي“ تال ۾ ڌن جي ڪري ٻين علائقن جي ماڻهن کي به گهڻو متاثر ڪيو آهي، ننڍي کنڊ جي نامور موسيقارن سنڌي موسيقيءَ کان متاثر ٿي پنهنجي ڪجهه نغمن جي ڌن سنڌي موسيقيءَ جي سرن ۾ پڻ ترتيب ڏني آهي.
موهن ڀڳت جو آواز صاف ۽ چٽو هو، سندس آواز جي خصوصيت اها آهي جو هو ڪافي ڳائڻ وقت سنڌي موسيقيءَ ۾ عام طرح استعمال ٿيندڙ لفظ ”الو ميان“ نهايت خوبصورت انداز سان استعمال ڪندو هو، سندس ڳلو سرن جون اڍائي منزلون يا اڍائي سپتڪون طئي ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هو، يعني هارمونيم ساز جي ٽيهن سرن سان سندس آواز جي مطابقت آهي، ان کان سواءِ خوبصورتيءَ ۾ سندس ساٿين جي سنگت جي ڪري به هي جيڪي مجموعي طرح ڪافي ڳائڻ وقت صاف مڌر آواز جي آميزش جو مظاهرو ڪندا آهن
1926ع ڌاري اسلام ڪوٽ ۾ اُميد رام جي گهر ۾ جنم وٺندڙ موهن ڀڳت جو شروع کان ئي موسيقي ڏانهن لاڙ هو. ننڍپڻ کان موسيقي سان لڳاءُ هجڻ سبب سندس چاچو امرو موهن ڀڳت کي ڳائڻ جي سکيا ڏيندو هو. ننڍي عمر ۾ ٻڪريون چاريندي موهن ڀڳت جڏهن پنهنجي منهن جهونگاريندو هو، تڏهن سندس مٺڙي آواز ذريعي هو ماڻهن جون دليون موهي ڇڏيندو هو. ننڍپڻ ۾ موهن جو موسيقي سان ايترو لڳاءُ ڏسي سندس والد، چاچي ۽ ڏاڏي هن تي وڌيڪ محنت ڪئي. 1957ع ۾ جڏهن موهن ڀڳت جو خاندان مٺيءَ لڏي آيو تڏهن موهن ڀڳت سنڌ جي لوڪ فنڪار مراد فقير سان پڻ گڏ ڳائيندو هو. موهن ڀڳت پنهنجي ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل لطيف جون وايون جڏهن ڳائڻ شروع ڪيون تڏهن هو لطيف جو راڳي بڻجي ويو. انهيءَ جي انداز ۽ آلاپ کي سڄي سنڌ جا ماڻهو پسند ڪرڻ لڳا.
1968ع کانپوءِ جيتوڻيڪ موهن ڀڳت ريڊيو ۽ ٽي وي تي آيو پر مقامي سطح تي موهن ڀڳت شادين مرادين، مختلف ادبي پروگرامن، ست سنگر جي محفلن ۾ جڏهن ڳائيندو هو تڏهن کان ئي هو ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪرڻ لڳو هو. ست سنگر جي محفلن ۾ موهن ڀڳت اڪثر ڪبير جي شاعري ميران ٻائي جا ڀڄن ۽ جيوڻي ٻائيءَ جا ڪلام ڳائيندو هو. سندس موسيقيءَ جي خدمت عيوض ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن پر انهن ۾ 1980ع ۾ سهڻي ايوارڊ ۽ 1989ع ۾ لطيف ايوارڊ نمايان آهن.
موهن ڀڳت جهڙو عظيم ڪلاڪار اسان جي سنڌي موسيقيءَ کي ارپيندڙ هن عظيم راڳي کي بدلي ۾ ڇا مليو، بي حسي، ڊاڪٽرن جا دڙڪا ۽ ثقافت کاتي جون سکڻيون همدرديون، جيتوڻيڪ منهنجو موهن ڀڳت سان سندس آخري ڏينهن ۾ تعلق جڙيو هو ۽ انهن ڏينهن ۾ هو بيماريءَ جي بستري تي هو. هو ايترو سادو ۽ سٻاجهڙو ڪلاڪار هو جو بيماري جي بستري تي هوندي به سندس ڪير به وٽس لنگهي ايندو هو ته موهن پيار ۽ پاٻوهه سان ملندو هو ۽ دوستن جي فرمائش تي هو لطيف جون وايون آلاپيندو هو. موهن ڀڳت سنڌي موسيقيءَ جو سگهارو آواز هو، جنهن جي آلاپ ۾ درد هو. علڻ فقير ۽ موهن ڀڳت لطيف جي واين کي جنهن درديلي انداز ۾ آلاپيو ائين منهنجي خيال ۾ سنڌ جي ٻين فنڪارن انهيءَ انداز سان نه ڳايو آهي.
سنڌ جو هي سدا حيات آواز جسماني طور 10 مارچ 1995ع تي اسان کان هميشه لاء موڪلائي ويو.