گُردا بچايو، دل بچايو - گُردن جي عالمي ڏينهن تي لکيل

'صحت سرير جي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    گردن جو عالمي ڏينهن
    گُردا بچايو، دل بچايو

    مرلي ڌر


    [JUSTIFY]هن سال جو نعرو آهي ”گُردا بچايو، دل بچايو“. هي ڏينهن هر سال مارچ جي ٻي خميس تي ملهايو ويندو آهي ان سال ملهائڻ جو مقصد ماڻهن ۾ گردي جي مستقل خرابي کان بچڻ جي سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ 10 مان هڪ ماڻهو گردي جي خرابي ۾ مبتلا ٿيو وڃي هر سال فقط پاڪستان ۾ گردي جي مستقل خرابي جا 25000 ماڻهو مريو وڃن. پهريون دفعو هي سال 2006ع ۾ ملهايو ويو، دنيا جون ٻه وڏيون تنظيمون انٽرنيشنل سوسائٽي آف نيفرالوجسٽ (آءِ ايس اين) ۽ دنيا جو گردي جو ادارو World kidney foundation اهو ڏينهن ملهائيندا آهن.
    گردن جي خرابي جا هيٺيان سبب آهن. پٿري، مٺا پيشاب، وڌيڪ بلڊ پريشر ۽ سگريٽ ڇڪڻ جي عادت هن ڏينهن تي سڄي دنيا ۾ گردي جا ماهر ۽ ادارا عام ماڻهن جو پيشاب ۽ رت چڪاسيندا آهن ۽ هر ماڻهو جو الٽرا سائونڊ ۽ بلڊ پريشر به چڪاسيا ويندا آهن ان جو مقصد وقت تي ئي گردي جي خرابي کي پڪڙڻ هوندو آهي. هڪ دفعو جيڪڏهن گردا خراب ٿي ويندا آهن ته پوءِ سڄي عمر لاءِ خون جي صفائي جو محتاج رهڻو پوندو يا وري گردي جي پيوندڪاري وارو آپريشن ڪرائڻو پوندو آهي، جيڪو ئي مستقل علاج آهي، اهو علاج به زندگي لاءِ ڪرائڻو پوندو آهي، يعني آپريشن کان پوءِ دوائون ۽ علاج مانگو پڻ آهي.

    سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته اهو علاج فقط وڏن شهرن ۾ ئي موجود آهي. ننڍا شهر ۽ ڳوٺ ان علاج جي سهولت کان محروم هوندا آهن، مٿيان ٽيسٽ جيڪي گردي جي خرابي کي وقت سر سوگهو ڪري سگهن ٿا فقط ڪراچي شهر ۾ ئي ٿين ٿا، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ان متعلق ڪو شعور ڪونهي، باوجود ان جي ته اڄ ڪلهه حيدرآباد، نواب شاهه، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾به گردي جا ماهر ڊاڪٽر ۽ گردي جا وارڊ موجود آهن پر اتي اهڙي قسم جا پروگرام ترتيب ڪونه ٿا ڏنا وڃن، شايد اسان جا ڊاڪٽر ڀائر سُتل آهن ۽ اسان جي اسپتالن جي انتظاميا بي خبر، نتيجي ۾ نقصان عام ماڻهو جو پيو ٿئي، سموريون سهولتون جيڪي به محدود پئماني تي آهن، وڏن شهرن ۾ موجود آهن، ڳوٺن جي ماڻهن خبر ناهي ته ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، سوين ميل پري کان اسان جا مريض علاج لاءِ سفر ڪري وڏي شهر اچڻ لاءِ مجبور آهن، گردي جي بيمارين کان بچاءُ جا جيترا مستحق ڳوٺن جا ماڻهو آهن ان جي ڪا حد ڪونهي.

    بُڪيون اسان جي جسم جو اهم عضوو آهن، ان سان جي جسم ۾ ٻه گردا ٿيندا آهن، جيڪي ٻنهي ڪُکين ۾ هوندا آهن، بڪيون روزانو 200 ليٽر رت صاف ڪنديون آهن، اهي بلڊ پريشر کي به قابو ڪنديون آهن، رت جا ڳاڙها جزا ٺاهڻ ۾ مدد ڪنديون آهن ۽ هڏين کي مضبوط ڪنديون آهن، بڪي جي بيماري جي هڪ خراب عادت اها آهي ته ڪڏهن ڪڏهن بغير اطلاع جي لڪي لڪي اندران ئي اندران ماڻهو جي جسم ۾ پروان چڙهندي آهي ۽ اوچتو علامتون شروع ٿي وينديون آهن. بڪيون رت مان خراب مادا پيشاب رستي خارچ ڪنديون آهن، جيڪڏهن اهي خراب ٿي پون ته زهريلا مادا رت ۾ جمع ٿيندا آهن ۽ ماڻهو کي اُلٽيون، بک جو ختم ٿي وڃڻ ۽ پيشاب جو مقدار گهٽجي وڃڻ جون علامتون ظاهر ٿينديون آهن.

    انهي ڪري اهو ضروري آهي ته هر سال گردي جا ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجن، سنڌ جا ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتالون اهو ڏينهن سولائي سان ملهائي سگهن ٿا، جيڪڏهن اتان جي انتظاميا اهو ڪم ڪونه ٿي ڪري ته سرڪار کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ضلعي سطح تي هر ضلعي هيڊ ڪوارٽر (گهٽ ۾ گهٽ) ۾ اهو عالمي ڏينهن ملهائڻ گهرجي، هن دفعي تحقيق مان اهو به پتو پيو آهي ته جيڪڏهن گردا چاڪ نه هوندا ته دل به مضبوط نه رهندو، تنهن ڪري چيو ويو آهي ته ”گردا بچايو، دل بچايو“ اسان جي پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا به ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪري سگهي ٿي. هن دفعي اهو ڏينهن 10 مارچ 2011ع، تي خميس ڏينهن ملهايو ويندو، گردي جو ادارو سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي ۽ ٽرانسپلانٽيشن ڪراچي اهو ڏينهن 9 کان 5 وڳي تائين مٿيان ٽيسٽ ڪري ملهائيندو، منجهند جو 12 وڳي کان 1:30 وڳي تائين هڪ سيمينار جو بندوبست به ڪيو ويو آهي ته جيئن ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪجي، اوهان اچو ۽ مفت ۾ بڪيون چڪاس ڪرايو[/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز تان ورتل
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گُردا بچايو، دل بچايو - گُردن جي عالمي ڏينهن تي لکيل

    جيرا جڪر بڪيون، سر سوڌو صدقي ڪيان

    سائين سليمان! تمام سٺو ليک آهي پر اسين سنڌي عاشق قسم جا ماڻهون۔ انهن اهم عضون جي خبر ئي ڪون پوي ته اندر ڇاٿو وهي واپري ۔۔۔ خبر تڏهن پوندي آهي جو ماڻهون گيت ڳائيندو آهي

    دل آهي هٿن ۾ ٿو خريدار کي ڳولهيان ۔۔۔

    مطلب دل جون بيماريون ۽ خون جون بيماريون اچي وڪوڙينديون آهن ۔۔۔ انڪري اسان سڀني کي پنهنجي صحت جو خاص خيال ڪرڻ گهرجي،

    ۔۔۔صحت نعمت آهي ۔۔۔

    رب جي نعمت جو قدر نه ڪرڻ به پنهنجي جاءِ ته گناهه آهي ۔۔۔

    رب سنڌ ۽ سنڌ واسين کي صحت جي نعمت سان مالا مال ڪري ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو