اڄ 10 مارچ آهي ، جيڪو سيد امداد حسيني جو جنم ڏينهن آهي۔ امداد حسيني (سڄو نالو: سيد امداد علي شاهه ولد سيد فضل محمد شاهه) ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ٽکڙ شهر ۾10 مارچ 1941 ۾ ڄائو. سندس ادبي نالو امداد حسيني/سانول آهي. پاڻ موجوده دؤر جو سرموڙ سنڌي شاعر آهي. پاڻ ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ٽماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيو. امداد تمام سٺي شاعري ڪئي آهي ۽ نوجوان ٽهيءَ جو هميشه هيرو رهيو آهي. امداد جي شعرن جو مجموعو “امداد آهي رول” گهڻو مشهور ٿيو ، هي ڪتاب 1976 ۾ ڇپيو هو. امداد جي شاعري جو هڪ ٻيو ڪتاب “هوا جي سامهون” پڻ آهي.
امداد حسيني دراصل پيار ۽ پريت جو شاعر آهي پر شيخ اياز چواڻي، ”شاعرِ محبت شاعرِ انقلاب ٿي سگهي ٿو پر شاعرِ انقلاب شاعرِ محبت ٿي نه ٿو سگهي“ سو اسان جي نوجوان نسل کي شيخ اياز جي شاعريءَ سان گڏوگڏ امداد حسينيءَ جي شاعريءَ پڻ بيحد متاثر ڪيو آهي. ان جو سبب امداد حسينيءَ جا نڪورا خيال ٻوليءَ جي چاشني، شاعراڻيون خوبيون ۽ انتهائي سادگي ۽ بنا رک رکاءَ واري شاعري هئڻ ڪري، سندس شاعريءَ تي به ترقي پسند تحريڪ، ترقي پسند نظرئي ۽ سنڌي عوام جي مسئلن تي نظر واهه جا جوهر ڏيکاريا. هو جڏهن به ڪنهن محفل ۾ جلسي يا ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ پنهنجي شاعري پڙهندو آهي ته هر سنڌي هم تن گوش (ڪنائتو) ٿي کيس ٻڌندو ۽ سندس سٽ سٽ داد ٿيندو آهي. سندس شاعري جو مجموعو ”امداد آهي رول“ جي هڪ نظم ”دانهن“ ۾ ڏيهي دولتئي يا جاگيردار کي مخاطب ٿيندي ۽ پنهنجي هاري ناريءَ سان ڏاڍ جي هلت هلڻ ڏانهن اشارو ڪندي هيئن ٿو مخاطب ٿئي:
ڌارين کي ته شراب پيارين،
پنهنجن جو ٿو رت پئين تون،ڌڻي نڌڻڪا ڪري ڇڏيئي ڙي،
بي ڏوهن کي ڏوهه ڏئين تون،
روهه رليا ڇا ڊوهه ڪيا ٿئي،
جو به جيين سو جاڙ جيين ٿو.
تو جو چاهيو سو ٿيو، هاڻي،
ٿيندو سو جو هيءَ چاهيندي،
هيءَ ڌرتي توتي دانهيندي.
[/CENTER]
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: