اسلام عليڪم مان علي جواد ميرجت آهيان سکيو مير جت هالا منهنجو جنم هنڌ آهي هن محبتي اوطاق جو پتو ادا ابو جواد وٽان مليو هن اوطاق تي اچي گهڻو مزو آيو نالي لکڻ ۾ ٿوري غلطي ٿي وئي علي جواد جي جڳه علي ڇواد لکجي ويو اگر ڪو دوست ان کي سيٽ ڪري ڇڏيندو ته ان جي مهرباني
جواب: سلام دوستو واهڙي جواد واهه ابو جواد جي ڏس ۾ تون جيم بجاء ڇِ لکي ويئن؟ادا علي علي اجهو ٿو اوهان کي (ڇواد مان جواد) ڪري رڳو ان جي نظر پوي باقي سڀ ڏسندا رهجي ويندا؟ ادا ڀليڪار ته چوڻ اوهان کي وسري وئي ڀاء ڀلي ڀلي ڪري آيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔ادا
جواب: سلام دوستو مائٽ! السلام عليڪم يا علي مدد۔۔۔۔ منهنجو نالو اسد علي ميرجت آهي ۽ رهندڙ ڄامشورو جو آهيان۔۔ سنڌ سلامت تي اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار۔۔ ادا ابوجواد جي مهرباني جنهن اوهان کي هن محبتي اوطاق جو ڏس پتو ڏنو ۽ هتي وٺي آيا۔۔ ادا ابوجواد به هن محفل جو راڻو آهي ۽ خاص ڪري منهنجي دل ۾ سندن لاءِ گهڻو احترام آهي۔۔ سکيو ميرجت ڳوٺ جي باري ۾ ٻڌو ڏاڍو آهي پر وڃڻ اڃان تائين نه ٿيو آهي۔۔
جواب: سلام دوستو مانوارا ادا علي جواد هن محبتي اڱڻ تي ڀلي ڪري آيو اوهان کي دل جي گهراين سان خوش آمديد هتي توهان کي بهترين دوست ملندا جن سان ملندي شايد توهان کي اهو احساس به نه ٿيندو ته توهان انهن سان پهريون دفعو ملي رهيا آهيو هن فورم جي جنهن به ميمبر جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي پر آ خاص طور تي سائين محترم نثار ابڙو، سليمان وساڻ، اداعلي علي، سائين مست صاحب جن جو نالو کڻندس ته انهن جي بي انتها محبتن سبب هي فورم اڄ ايڏي بلند مقام تي پهتو آهي آ وري به عرض ڪندس ته فورم جا سڀ دوست انتهائي مانوارا آهن ادا علي جواد اسان کي اوهان جي علمي لکڻين جو انتظار رهندو
جواب: سلام دوستو السلام عليڪم ادا علي جواد ڀلي ڪري آيا جي ڪري آيا اسان کي تمام دلي خوشي ٿي اوهان جي فورم جوائن ڪر ڻ شل آباد هجو شاد هجو اوهان جي علمي لکڻين جو اسان کي شدت سان انتظار رهندو ادا اوهان جي نالي جي درستگي به ڪري ڇڏي آهي مهرباني اوهان جي ۽ هڪ دفعو ٻيهر اوهان کي خوش آمديد
جواب: سلام دوستو ادا جواد ميرجت صاحب اوهان کي ڀليڪار سنڌ سلامت جي سهڻي فورم ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي ٿي۔ اميد ته اوهان پنهنجي خوبصورت لکڻين سان فورم کي سونهن بخشيندا رهندا۔