[FONT="Al_Mushaf"] سقوط سلطنت عثمانيه ۽ يهودين جو ڪردار[/FONT] پهرين عالمي جنگ جو سلسلو 1914ء کان شروع ٿيو هو ، جيڪو 1918ء ۾ ترڪي ۽ جرمني جي شڪست تي انٿ آندو . هن جنگ ۾ برطانيه ۽ هن جا ساٿاري هئا ته ٻئي طرف قيصر جرمني ۽ ترڪي جو آخري خليفو سلطان عبدالحميد جون فوجون صف آرا هيون . جنگ جي پڄاڻي کان پوءِ ترڪي ۾ اسلام پسندن طاقتن جو زوال ايندو رهيو ۽ مصطفى ڪمال پاشا جي قيادت ۾ دهرين جو دسترس وڌندو رهيو جنهن جو نتيجو خلافت عثمانيه جي پڄاڻي جي شڪل ۾ نڪتو ، محققن جي نظر ۾ الله جي رسول صلى الله عليه وسلم جي وفات کان پوءِ تاريخ اسلام جو بدترين ۽ دردناڪ سانحو شايد 1923 ء ۾ خلافت عثمانيه جي خاتمي جي صورت ۾ نمودار ٿيو . ڇو ته ترڪي ۾ خلافت جهڙي به هئي هن جي ختم ٿيڻ سان ملت اسلاميه جي رهيل سهيل مرڪزيت کي به ختم ڪري ڇڏيو . اهو ئي سبب هيو جو هندستان جي مسلمانن خلافت عثمانيه جي خاتمي تي تڙپي اٿيا ۽ علي برادران محمد علي جوهر ۽ شوڪت علي خلافت تحريڪ شروع ڪئي ، هن جو اثر ڪيترو پيو هن جو اندازو لڳايو ته جڏهن هندستان جي گهٽين ۾ اهو شعر گونجندو هو . ” بولي امان محمد علي ڪي . جان بيٽا خلافت په ديدو .“ چيو وڃي ٿو ته سلطان عبدالحميد جي دورِ حڪومت ۾ يهودين جي هڪڙي وفد خليفي سان ملاقات ڪئي هئي . اها 19 صدي جي پڄاڻي جي ڳالھ آهي ، هن زماني ۾ خلافت عثمانيه گهڻي ڪمزور ٿي چڪي هئي . ترڪي جي مالي حالت تمام خراب هئي . حڪومت به مقروض هئي ، هن وفد خليفي کي چيو هو ته “ جيڪڏنهن اوهان بيت المقدس اسان کي ڏيو ته اسان خلافت عثمانيه جو سڄو قرض لاهي ڇڏينداسين ۽ ويتر ڪيترا ئي ٽن سون جا ڏينداسين “ . هن هيڻي خليفي عبدالحميد جي ديني غيرت ته ڏسو هن اهو جواب ڏنو جنهن کي تاريخ ڪڏنهن به فراموش نٿي ڪري سگهي . خليفي پنهنجن پيرن جي اڱر سان زمين ڏانهن اشارو ڪندي ڇيو . ” جيڪر پنهنجي سڄي دولت ڏئي ڇڏيو ۽ بيت المقدس جي ٿورڙي مٽي گهرو ته اسان ڪون ڏينداسين “ . هن وفد جو سربراھ هڪ ترڪي يهودي قره صوه آفندي هو . پوءِ ڇا ٿيو ؟ خلافت عثمانيه جي خاتمي جو پروانو مصطفى ڪمال پاشا جي طرفان خلافت عثمانيه جي خاتمي جو پروانو خليفي عبدالحميد وٽ ويو هو ٻيو ڪو به نه هو بلڪه اهوئي ترڪ يهودي قره صوه آفندي هو . پاڻ مصطفى ڪمال پاشا يهودي نسل هو ، هن جي ماءُ يهودڻ هئي ۽ پيءُ ترڪ نسل جو مسلمان هو . پوءِ سڄي دنيا ڏٺو ته خلافت عثمانيه جي خاتمي کان پوءِ ترڪي ۾ نوجوان ترڪي جو غلبو شروع ٿي ويو . هتائين (young turks) جي اصطلاح نڪتي . جنهن مصطفى پاشا جي قيادت ۾ اسلام پسندن تي ظلم ڪيرايو ، علمائن جو قتل عام ڪيو ، نماز جي آدائگي ۽ سڀئي اسلامي رسمن تي پابندي لڳائي وئي ، عربي زبان ۾ خطبو ، آذان ۽ نماز بند ڪئي وئي . مسجدن جي امامن کي پابند ڪيو ويو ته هو ترڪ زبان ۾ آذان ڏين ، نماز ادا ڪن ، خطبو پڙهن اسلامي لباس لاهي عوام کي يورپين ڪپڙا پائن تي مجبور ڪيو ويو . مصطفى ڪمال پاشا ۽ هن جا ساٿي نوجوان ترڪي ۾ اسلام کي ڪچلڻ لاءِ جيتري گرمجوشي ڏيکاريو ۽ مسلمانن کي جيترو نقصان پهچايو هن جي مثال روس ۽ ٻين ڪميونسٽ ملڪن جي سواءِ ئي ڪٿي ملي . خلافت عثمانيه جي اندرين ملڪ يهودي جيڪي سازشي ڄار وڇائي هئي هن جي هڪ جهلڪ ڏيکارڻ لاءِ خليفي عبدالحميد جو هڪ تاريخي خط پيش ڪيو ٿو وڃي جيڪو هن پنهنجي شيخ ابوالشامات محمود آفندي کي هن وقت لکيو هو جڏهن هن کي معزول ( اقتدار تان لاهي) ڪري ” سلائيڪي “ ۾ جلا وطن ۽ قيد تنهائي تي مجبور ڪري ڇڏيو هو ، هن خط جي ليک مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته امت مسلمه جي نظام خلافت جي بيخ ڪني لاءِ صهيوني (يهودي ) طاقتورن ڪئين سازشون ڪيون هيون ۽ هن سازشن ۾ ڪير شريڪ هئا ؟ خليفي جي خط جو ترجمو پيش ڪجي ٿو ؛ ” مان هنايت نياز مندي سان طريقه شاذليه جي هن عظيم مرتبي واري شيخ ابو الشامات آفندي جي خدمت ۾ بعد احترام جي عرضگذار آهيان ته مونکي اوهان جو 22 مئي 1913ء جو لکيل خط مليو . جناب عالي ! مان اها ڳالھ واضح ٿو ٻڌائڻ چاهيان ته مان امت مسلمه جي خلافت جي ذميدارين کان پاڻ دستبردار ناهيان ٿيو ، بلڪه مونکي ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو . يونينسٽ پارٽي (unionist party ) منهنجي رستي ۾ ڪيتريون رڪاوٽون وجهي ڇڏيون هيون . منهجي مٿان هر طرح جو دباوءَ وڌو ويو ، رڳو ايترو نه پر ڌمڪيون به ڏنيون ويون ۽ سازشن جي ذريعي مونکي خلافت ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو . يونينسٽ پارٽي جيڪا ، نوجوانانِ ترڪ (young turks ) جي نالي سان به مشهور آهي ، پهريان ته مون تي هن ڳالھ جو دباوءَ وڌو ته مان سرزمين فلسطين ۾ يهودين جي قومي حڪومت جي قيام لاءِ اتفاق ڪيان ، مون کي هن ڳالھ لاءِ مجبور به ڪيو ويو ، پر سڀنن دباوئن جي باوجود مون هن مطالبي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو . منهنجي انڪار کان پوءِ مونکي هڪ سو پنجاھ ملين پاونڊ سون ڏيڻ جي پيش ڪش ٿي ، مون هن پيش ڪش کي اهو چئي رد ڪري ڇڏيو ته اهو ته هڪ سو پنجاھ اسٽرانگ پاونڊ سون هڪ پاسي ، جيڪر روءِ زمين به سوني سان ڀري ڏيو ته مان هن مڪروھ تجويز کي ڪون مڃيندس . 30 سالن کان گهڻو عرصو مون امت محمديه جي خدمت پئي ڪيم ، هن عرصي ۾ مون ڪڏهن به هن امت جي تاريخ کي داغدار نه ڪيو ، منهنجا وڏا خلافت عثمانيه جي حڪمرانن به ملت اسلاميه جي خدمت پئي ڪئي آهي تنهنڪري ڪنهن به حالت ۾ مان هن تجويز کي نٿو مڃي سگهان . منهنجي هن صاف انڪار کان پوءِ مونکي خلافت تان لاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو . هن فيصلي سان مونکي اطلاع ڏنو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته مونکي سلائنيڪي ۾ جلا وطن ڪيو پيو وڃي . مونکي هن فيصلي کي قبول ڪرڻو پيو ، ڇو ته خلافت عثمانيه ۽ ملت اسلاميه جي چهري کي داغدار نه پيو ڪري سگهان . خلافت جي دور ۾ فلسطين ۾ يهودين جي قومي حڪومت جي قيام ملت اسلاميه لاءِ نهايت شرمناڪ حرڪت ٿئي ها۽ هميشه لاءِ رسوائي جو سبب بڻجي پوي ها . خلافت ختم ٿيڻ کان پوءِ جيڪو ڪجه ٿيڻو هو سو ٿي ويو مان الله تعالى جي بارگاھ ۾ هن سر سجدي ۾ ڏئي هميشه لاءِ هن جو شڪر ادا ڪندس ته هن رسوائي جو داغ منهجي هٿن سان نه لڳو، بس هن عرض سان مان پنهنجي تحرير ختم ٿو ڪيان “ . (والسلام ) 22 ايليول 1329 ( عثماني ڪلينڊر جي مطابق) ستمبر 1913 عيسوي ملت اسلاميه جو خادم عبدالحميد بن عبدالمجيد خليفي عبدالحميد جو هن خط جو غور سان مطالعي کان پوءِ گهڻين حقيقتون اڳيان اچن ٿيون ، سڀ کان پهريون ته الله تعالى تي غير متزلزل يقين هو ، هن يهودين جي ايتري وڏي مادي پيشڪش ٺڍي ڇڏي ، ملت اسلاميه جي تاريخ کي پنهنجي دور ۾ داغدار ٿيڻ نه ڏنو، اهل الله ۽ اهل علم وارن سان قلبي (دلي) تعلق هو ، قلب جي تزڪئي لاءِ باقائده شاذليه سلسلي سان وابسته هو ، يهود ۽ مغرب جي سامراجي طاقتن اڳيان عزم ۽ استقامت سان ڏٽيو رهيو ، پنهنجي خلافت ۾ يهودين کي سر زمين فلسطين جو ٽڪڙو به ڪنهن قيمت تي خريد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني .... اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته جيسيتائين ترڪي ۾ خلافت عثمانيه قائم رهي ، هن وقت تائين استعماري طاقتن جو يهودي مملڪت جي قيام جو خواب پورو نه ٿي سگهيو . ............................................................................................................................................................................................................... ( مسلمانن ۽ يهودين جي ڪشمڪش) مسلمانن ۽ يهودين جي ڪشمڪش جئين ته گهڻي پراڻي آهي ، پر نئي انداز ۾ هن جو آغاز 1897ء ۾ ٿيو ، جڏهن يهودين جي وڏن خفيه طور گڏ ٿي اهو طي ڪيو ته خلافت عثمانيه تي ڪاري ضرب لڳايو وڃي ، جئين ته هنن جي ارادن جي تڪميل ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ عالم اسلام جي مرڪزيت هئي ، تنهڪري رٿيل پروگرام تحت خليفي سلطان عبدالحميد جي خدمت ۾ هڪ درخواست پيش ڪئي ته اسان کي فلسطين ۾ هڪ ٽڪڙو زمين جو ڏنو وڃي اسين هن جي وڏي قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون . زيرڪ (ڏاهي) سلطان يهودي چالاڪين کي سمجهي ورتو ۽ هنن جي درخواست رد ڪري ڇڏي .پوءِ ڇا ٿيو ؟ سلطان جي خلاف اندر ۽ ٻاهر زهريلا پروپيگنڊا جي مهم هلائي وئي ، عيسائي حڪومتون پهرين ئي خلافت عثمانيه کان کار کائي ويٺيون هيون . هنن جون فوجي طاقتون ۽ يهودين جو ڳجهيون سازشن ذريعي مسلمانن جي مرڪزيت هميشه لاءِ ختم ڪئي وئي ۽ ترڪي جي اندر مصطفى ڪمال پاشا جي قيادت ۾ هڪ تنظيم يونينسٽ پارٽي جي بنياد وڌي وئي ، هن ۾گهڻو ڪري ڀٽڪيل ترڪ نوجوان شامل هئا . هن انجمن جي اجتماعن لاءِ ” فري ميسن “ لاج هئا . فري ميسن تحريڪ دراصل يهودين جي دماغ جي ٺاهيل هئي . جنهن ۾ خاص ڪري اهڙن ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويندو هو جنهن جو تعلق ڪنهن نه ڪنهن مذهب سان هجڻ ضروري آهي ، پر حقيقت ۾ اهي مذهب کان بيزار هوندا آهن تنهڪري اهي وڏا ماڻهو جن جي باري ۾ متعين طور تي معلوم آهي ته اهي فري ميسن تحريڪ جا سرگرم ڪارڪن هئا ، هنن ۾ مصطفى ڪمال پاشا به شامل آهي . هن تنظيم جي ئي هٿان خلافت عثمانيه کي ٽوڙيو ويو۽ استعمال ڪيو ويو مصطفى ڪمال پاشا کي ، پوءِ عالم اسلام هڪ اهڙي انتشار جو شڪار ٿي ويو جو اڄ تائين اسلامي ملڪن جو اتحاد جي سڀني تحريڪون بي اثر ثابت ٿي چڪيون آهن . بهرحال 1923ء ۾ خلافت عثمانيه جو باب بڄاڻي تي پهتو ، يونينسٽ پارٽي اقتدار ماڻيو ، آخري خليفي سلطان عبدالحميد کي اقتدار تان لاٿو ويو ۽ جلاوطني جي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو . ترڪي ۾ دهرين جو راج ٿي ويو . مذهب بي زار فوج جو ڳالھ مٿي ٿي وئي ۽ ٺيڪ 25 سالن کان پوءِ 15 مئي 1948 ء ۾ فلسطين ۾ يهودي مملڪت اسرائيل جو قيام عمل ۾ آيو . حالات جي ستم ظريفي ته ڏسو ” خليفي “ ته هر لالچ ۽ ڌمڪين جي باوجود يهودين کي فلسطين جي هڪ ٽڪڙي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو هنئي فلسطين ۾ اسرائيل کي تسليم ڪري هن سان گڏ سفارتڪاري تعلقات قائم ڪرڻ وارو پهريون ملڪ ٻيو ڪو به نه بلڪه اتاترڪ ڪو ترڪي هيو . ............................................................................................................................................................................................................... اسلام جو ڳاٽ اوچو ٿيڻ اها ڳالھ اڳ ۾ به ٻڌائي وئي آهي ته ڪمال اتاترڪ اسلام کي مٽائڻ لاءِ جيتري گرم جوشي جو مظاهرو ڪيو ۽ ترڪي ۾ اسلام ۽ مسلمانن کي جيترو نقصان هن جي ذات کان پهتو ، اوترو روس جي ڪميونسٽن به نه ڪيو هو پر 86 سال تائين اذيتون ڀوگيندي اڄ ترڪي جي ڪنڊ ڪنڊ مان ٻيهر ” الله اڪبر “ جي گونج ٻڌڻ ۾ پئي اچي ، سڄي ترڪي ۾ ننڊي وڌي مسجد ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي.......................... هن وقت ترڪي ، 54600 امام ۽ 560 ديني تعليم جي مدرسه آهن . فوج 90 جي ڏهاڪي ۾ طاقتور هئي هن ڪري وزير اعظم اربڪان جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو ، هن کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان هڪ عرصي تائين فوج حمايتي حڪومتون ايندي ويندي رهيون. گذريل پنج ڏهاڪن ۾ ترڪي جي چار چونڊيل حڪومتون فوجي انقلاب ذريعي هٽائي ويون آهن ، البت هڪ عظيم سياسي ۽ جمهوري انقلاب ذريعي گذريل انتخابن ۾ ترڪي جي اسلام پسند عوام پارليمنٽ جي 550 سيٽن مان 341 سيٽون جسٽس اينڊ ڊيوليمينٽ پارٽي کي ڏياري وزير اعظم طيب اردگان ۽ صدر عبدالله گل کي اقتدار ڏنو ويو تانته اهي ترڪي ۾ اسلامي نظام نافذ ڪري سگهن ، صدر جي زال اسڪارف ( رئو) پائيندي آهي. ............................................................................................................................................................................................................... سازشن جو سلسلو ترڪي ۾ اسلام جي نئي اوسر سان گڏ مغرب ۾ اسلام جي مقبوليت مان ظاهر آهي ته صهيونيت جي زير اثر طاقتن جا تاڪ نڪري ويا آهن ۽ راتين جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن . هن ڪري اهڙن پروپيگينڊن کي شروع ڪري ڏنو اٿن ته اقتدار ماڻيل پارٽي پنهنجن پروگرامن جي مشهوري ۽ پنهنجن سرگرمين جي لاءِ ترڪي مسجدن کي استعمال ڪري پئي . اسلام دشمن حلقن جو الزام آهي ته ترڪي وڃين طبقي سان تعلق رکندڙ وارن جي مذهب ۾ دلچسپي ۾ اضافي سان بنياد پرستي کي هٿي ڏئي رهي آهي. تنهن ڪري مبينه طور تي انقلاب آڻڻ ۽ طيب اردگان جي حڪومت جو تختو الٽڻ جي ڪوشش ۾ ملوث هجڻ جي ڪري هڪ قوم پرست تنظيم ” آرگنڪون “ سان تعلق رکڻ وارن 88 جڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي . هن تنظيم جو چوڻ آهي ته اردگان جي حڪومت ترڪي ۾ سيڪولر تشخض کي ختم ڪري اسلامي اقدار کي هٿي ڏئي رهي آهي . ٻئي طرف هن قسم جا به لڳاتار الزام لڳايا پيا وڃن ته فوج به حڪومت جو تختو الٽڻ جي منصوبه بندي ڪري رهي آهي ، پر فوج جي سربراھ هنن الزامن جي ترديد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته فوج هن معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي ، هن پس منظر ۾ وزير اعظم طيب اردگان سرڪاري وڪيلن کي چيو آهي ته اهي مسلح افواج خلاف تحقيق ڪن ، هن تنبيه ڪيو آهي ته ضروري ٿيو ته هن سازش ۾ ملوث افرادن جي خلاف عدالتي ڪاروائي ڪئي ويندي .وزير اعظم چيو آهي ته پارٽي جي خلاف غير قانوني سرگرمين جي سد باب لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو . هاڻي ڏسڻو آهي ته اندرين ملڪ دهرين ، عدليه ، فوج ۽ هر ٻاهرين ملڪ صهيوني ۽ مغربي طاقتن جي سازشن جي خلاف طيب اردگان کي اسلام پسند حڪومت ڪيتري ڪامياب رهي ٿي؟ بظاهر ته ترڪي جي نئي اوسر جو سلسلو شروع ٿيو آهي اهو جاري رهندو ۽ اسلام دشمن طاقتن کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو ( انشاء الله ) الفاروق اردو تان کنيل سنڌيڪار افتخار علي چوهاڻ
جواب: سقوط سلطنت عثمانيه ۽ يهودين جو ڪردار ادا افتخار اسلام عليڪم ۔تمام بهترين ۽ معلومات سا ڀريل پنهنجي ليک مان اسان کي رهنمائي حاصل ڪرڻ جو موقعو تو هان فراهم ڪيو آهي ان لاء توهان جون مهربانيون۔الله سبحان تعالئ قران پاڪ ۾ فرمايو آهي;؛ترجمو"اي ايمان وارو! يهود ۽ نصارا کي دوست نه ٺاهيو۔اوهئ هڪ ٻئي جا دوست آهن۔۽ جيڪو شخص توهان مان هنن کي دوست بنائيندو اهو انهن مان هوندو۔بيشڪ الله ظالم ماڻهن کي هدايت نه ڏيندو آهي"(المائده 51،,,52سپاره5) انهي آيت مان ظاهر آهي ته يهودي پنهنجي سازشي ذهن ۽ حرڪتن جي ڪري ڪڏهن به مسلمانن جي دوست ٿيڻ جي لائق نه آهن۔توهان جو آرٽيڪل به انهن جي سازشي ذهن ۽ حرڪتن جو هڪ کليل مثال آهي۔الله پاڪ توهانجي قلم کي وڌيڪ طاقت ڏيئ ۽ اسان کي يهودين ۽ نصارا جي شر ۽ شازشن کان پنهنجي پناه ۾ رکي۔
جواب: سقوط سلطنت عثمانيه ۽ يهودين جو ڪردار [font="al_mushaf"] يَٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تَتَّخِذُوا۟ ٱلْيَهُودَ وَٱلنَّصَرَىٰٓ أَوْلِيَآءَ ۘ بَعْضُهُمْ أَوْلِيَآءُ بَعْضٍۢ ۚ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِّنكُمْ فَإِنَّهُۥ مِنْهُمْ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلظَّلِمِينَ[/font] . اي مؤمنؤ يھودين ۽ نصارن کي دوست ڪري نه وٺو، انھن مان ھڪڙا ٻـين جا دوست آھن، ۽ اوھان منجھان جيڪو کين دوست ڪري وٺندو سو بيشڪ منجھانئن آھي، بيشڪ الله ظالم ٽوليءَ کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي. سورت مائده آيت 51 ترجمو امروٽي رحمةالله عليه سبحان الله ادا قرآن مجيد سان جيڪر مڪمل طور تي عمل ڪيون ته اسان جي هر پريشانيون دور ٿي وڃن ، يهودين جي حرام پايون ڪي اڄ ڪل جون ناهن ، هي قوم ازل کان ئي سرڪش قوم رهي آهي ، خود قرآن مجيد هنن مٿان گواھ آهي شل الله تعالى مسلمانن کي هنن جي دغائن ۽ فريب ڪارين کان بچائي ، اسان کي گهرجي ته هنن بابت معلومات حاصل ڪري پنهنجو بچاو جو رستو متعين ڪيون نه ته اوهان پاڻ ڏسو پيا پوري دنيا هنن جي چالاڪين سببان ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار ٿيل آهي ۔ بس الله پيو پناھ ڏي ، مهرباني ادا مضمون پسند ڪرڻ لا