اک، خلقڻهار جي وڏي ۾ وڏي نعمت آهي، خلقڻهار! پوري ڪائنات جا جيترا به انسان يا حيوان خلقيا آهن هر هڪ جي اک جو نمونو به الڳ الڳ خلقيو آهي، پاڻ مشاهدو ڪريو ...
ادا نثار جڏهن سنڌ سلامت جي پهرين پيج تي توهان جي موڪليل هن پوسٽ اکڙيون جو عنوان پڙهيم سمجهم ته ادو نثار اڄ سُهڻن ماڻهن جي سُهڻين اکين کي ايڪسپوز ڪندو ۔ شاعر آهيان جڏهن اکين يا اکڙين جو ذڪر ٻُڌندو آهيان ته مُنهنجي دل ۾ ڪُجهه ڪُجهه ٿيندو آهي۔ ٻِيءَ ٻوليءَ جي شاعرن جي خبر ڪانهي پر اردو، پنجابي، سرائڪي ۽ پنهنجي اباڻي ٻولي سنڌيءَ ۾ جيتري شاعري پرين جي اکڙين تي ڪئي ويئي آهي ۔ سا سڄڻ جي زُلفن کي ڇڏي باقي ڪنهن تي به نه ڪئي ويئي آهي۔ سو شاعر جي حيثيت سان توهان جي هن پوسٽ تي ڪلڪ ڪيم ، يار اکڙيون ته نظر آيون پر مون شاعر جا ڇيهه ئي ڇڄي پيا۔ توهان جي موڪليل هن اکڙين جي ڪهڙي ڪهڙي تعريف ڪيان۔ ڪاش مان ڀي هن جيتامڙن جو ڪوجيتامڙو شاعر هُجان ها خير جيتامڙو توهان مونکي هينئر به چئي سگهو ٿا پر ماڻهن جو۔ پاڻ وٽ وڏا ناميارا شاعر آهن جن جي اڳيان ته مُنهنجِي ۽ مُنهنجي شاعري جي حيثيت جيتامڙي آهي۔ ڪاش مونکي اها خبر پئجي سگهي ها ته توهان جي هنن موڪليل اکين مان ڪجلاري اکيون ڪهڙيون آهن، غزالي اکيون ڪهڙيون آهن، ترڇي نظرون ڪهڙيون آهن، تيرَ اکيون ڪهڙيون آهن، نماڻيون اکيون ڪهڙيون آهن ، ۽ هڻ کڻ اکيون ڪهڙيون آهن ، سو سوچيندو رهيس آخر هڪ ڳالهه مغز ۾ آئي جيئن ته ڪالهه کان وٺي سنڌ سموريءَ ۾ برسات تمام زور سان وٺي آهي سو اها فطرتي ڳالهه آهي ته برسات ۾ جيتامڙا ۽ جيتامڙيون جام نڪرنديون آهن ، سو هڪ عدد تِڏِ هڪ عدد وڏو ماڪوڙو، هڪ عدد ڏينڀو جنهن کي عرف عام ۾ چيلاٽو چوندا آهن، هڪ عدد جيڪا مينهن(برسات) ۾ اُڏامندڙ ماڪوڙي جنهن کي اسان پَکِرِي چوندا آهيون انهن جي ٿوري دير لاءِ آزادي سلب ڪري مُنهنجي ننڍڙي ڌي ءَ ثنا جي پيتي جنهن ۾ هُوءَ پنهنجي ننڍڙين گُڏين کي سُمهاريندي آهي ان ۾ مٿي ڄاڻايل جيتامڙن کي کڻي اچي مون واري ڪمپيوٽر جي مانيٽر جي سامهون ڇڏيم کين گُذارش ڪيم ته ٻيلي نثار ابڙي جي موڪليل هنن جيتامڙن يا جيتامڙين جي اکين جو نظارو ڪيو ۽ مونکي ٻُڌايو ته انهن ۾ غزالي اکيون ڪهڙيون آهن، ڪجراريون اکيون ڪهڙيون آهن، ترڇيون نظرون ڪهڙيون آهن، هڻ کڻ اکيون ڪهڙيون آهن۔ خبر ٿئي ته اهي جيتامڙا ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا، چوڻ لڳا چريا شاعر، اسان کي تو پاڻ جهڙو سمجهيو آهي ڇا، اسان وٽ ڪنهنجي اکين تي ڪتابن جا ڪتاب شاعري ڪونه لکبي آهي، اسان وٽ راند آهي ڊاريڪٽ اٽيڪ ڪرڻ جي ۔ انهن مان جيڪو چيلاٽو مون وڏي مشڪل سان پڪڙيو هو ۔ ان چيو ته چريا شاعر تون مُنهنجي اکين ۾ ڏس توکي مُنهنجون اکيون ڪيئن ٿيون نظر اچن ، مون محسوس ڪيو ته برابر ڳالهه ته چيلاٽو سهي ٿو چئي ۔ نثار ابڙي جي موڪليل اکيون صرف تصويرون آهن هي ته چيلاٽي جون اوريجنل اکيون آهن ڇو نه ذاتي مشاهدو ڪري وٺان ۽ نثار ابڙي کي پرفيڪٽ جواب ڏيان خبر اٿي پوءِ ڇا ٿيو؟ ٿيو اهو آهي جو ظالم چيلاٽو پنهنجي اکين ڏيکارڻ جي بهاني مُنهنجو نڪ ۽ چپ ٻئي هڪجهڙا ڪري اُڏامي( ڀڄي) ويو جنهن جي نتيجي ۾ خبر اٿئي مُنهنجون اکيون سُڄي سُڄي اصل ڏهوٽ ٿي ويون آهن ويچاريون مُنهنجون اکيون نڪو ٿرڇي نظر ٿيون اچن نڪو ڪجراري نڪو هڻ کڻ ۽ نڪو غزالي اصل مونکي ڏسيو مون واري 5 پنجن سالن واري نياڻي ثنا رڙيون ٿي ڪري۔ باقي اڃان مُنهنجو تجربو جاري آهي تو واري موڪليل اڻ ڄاتل ۽ اڻ سُڃاتل اکين کي سُڃاڻڻ جو۔ باقي سمجهو آهين ججهو لکيو آهي پليز ٿورو سمججهو۔
سائين اها آهي خدا پاڪ جي قدرت لاجواب شيئرنگ آهي سائين توهان جي اهڙي تحريرن جو انتظار رهندو shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
ادا نثار ناز! حق موجود؛ چيلاٽي جي ڳالهه پڙهي ـ ”ناحق موجود“ ڌيءَ ثناء کي منهنجي طرفان سندس مٿي تي شفقت جو هٿ رکندا ... سائين منهنجا! اصل ڪو زورآور آهين سڌا مشاهدا ڪرڻ سان ايئن ته ٿيندو ۽ ڳوهه کي کڻي کٽي ته شڪارين جا گهر ڳولهي سو ادا تو به چيلاٽي سان وڃي اکيون ملايون ...!!!! ٻيو ته سائين منهنجا! لڳي ٿو ته اوهان ڪنهن ڪجلي ۽ غزالي اکين جي سحر ۾، عشق مجاز جي جنون ۾ ويٺا پاڻ ساڙيو، پاڻ ته پنهنجي دل کي مجاز جي رستي تان گذاري کيس ڪمزور ڪري وڌو آهي، انڪري کيس سگهه ڏيارڻ لاءِ فطرت جي مشاهدن ۾ مصروف رکڻ ۾ رڌل آهيان ته من ڪو ٻل پويس ۽ غم فراق جا قهر برداشت ڪري سگهي ... ادا سائين، هڪ ڏينهن پنهنجي محبوب جي اکڙين تي سوچيندي هڪ سونهن جي ديوي ڏٺم جا اکين جي نور کان بلڪل وانجهيل هئي، اکيون ته اکين جهڙيون پر ديد لڀي نه جڙي ... سوچ ۾ پئجي ويم ته اکڙيون ته پنهنجي جاءِ تي موجود آهن پر ”نور“ ڪنهنجي ملڪيت هئي جنهن انکي کڻي ورتو ... سوچيندي ياد آيم ته الله تعالا فرمايو آهي ... ” ڪنهن کي اکيون ڏيندو آهيان پر ديد نه، ڪنهن کي جسم ڏيندو آهيان پر سگهه نه، ڪنهن کي دل ۽ دماغ ته ڏيندو آهيان پر ايمان نه ... جيئن ٻيا انسان انهن نشانين تي غور ڪن ۽ انهن شين جي اهميت تي غور ڪري، شڪرگذاريءَ جي حالت ۾ اچي وڃن“ لک شڪر ان پرودگار جا جنهن هيترين سارين نعمتن سان نوازيو آهي ۽ دعا آهي ته ان جي نظر ڪرم هميشه اسانجي مٿان ايئن ئي قائم ۽ دائم رهي .... ڇاڪاڻ ته سندس ئي ذات هميشه حيات ۽ قائم رهڻ واري آهي ... باقي ته سڀ فنا ٿيڻو آهي ... مهرباني، اوهانجو ٿورو لکيو گهڻو سمجهيوسون ...
ادا ابڙا ڳالهه تُنهنجي بروبر سهي آهي ته رب ڪريم ڪارساز جِي شُڪر گُذاري ساري عمر ڪيون ته به گهٽ آهي۔ هُو ته رحمان آهي، سندس ڪرم جي حد انتهائي انتهائي وشال آهي۔ جتي جتي انسان جي سوچ ختم ٿئي ٿي اُتي ۽ ان کان اڳتي مُنهنجي الله سائين جي رحم جِي حد شروع ٿئي ٿي۔ ڪنهن اردو شاعر جو هڪ پُراڻو شعر ياد پيو اچيم ته يه سوچ ڪر زاهد ني تسبيح توڙ دي اُس ڪا حساب ڪيا ڪرين جو بي حساب دي باقي بقول تُنهنجي ته تون فطرت جا اعلى اصول مشاهدي واسطي پرکيندو آهين ۽ مجاز سان پنهنجي دلڙي کي ڦٽي وڌو اٿئي. يار تون به صفا درويش آهين. چيلاٽي واري ڳالهه کي مون تمثيل طور ڪتب آندو آهي. تون مونکي چيلاٽن کان پاڻ بچائڻ واري ڳالهه ڪري انهيءَ سئو فيصد فطري مشاهدي کي جهٽلائين پيو ته وري تون پاڻ فطري مشاهدا پسي پنهنجي ڪمزور ٿيل دل کي سگهه ڏيارڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهين. جانيئڙا هڪ اردو جو شعر وري به ياد پيو اچيم ته عشق هي وه آگ جو لگائي نه لگي اور جو بُجهائي نه بُجهي.جيڪي ويچارا اکين جا گهائل هوندا آهن اهي ڪڙي ۽ قاتل جا هميشهه هيراڪ هوندا آهن. انهن جو ڪم صرف گهائل ٿيڻ هوندو آهي. چيلاٽي سان اکيون ملائي مون پنهنجي فطري مشاهدي کي عروجِ بامَ تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي. ماڻهو چوندا آهن ته ٻرندڙ باهه کان پاسو ڪجي ته بهتر آهي پر لطيف سائين انهيءَ خيال کي يڪسر قبول ئي ڪونه ٿو ڪري هُو چوي ٿو ته عاشق چائين پاڻ کي ته پسي مچ مَ موٽ اڃان تون اروٽ کُورِيءَ خبر نه لهين اهڙا ڪيترا ئي لطيف سائين جا بيت آهن جنهن ۾ هو هڪ الله ڪري انهيءَ باههَ ۾ گهڙي پوڻ جِي ڳالهه ڪري ٿو، ٻرندڙ ٻاهه کان پري ڀڄڻ جي ڳالهه ڪونه ٿو ڪري. ٻيو مٺا دنيا ۾ ڪو اهڙوآهي جو ڪنهن ڪجراري اک جو گهائل نه ٿيو هُجي . ڀلا ڪو اهڙو آهي ، جيڪو ڪنهن غزالي اکين جي سحر ۾ گُم نه ٿيو هُجي. ادا سائين جيڪو ڪنهن جي اکڙين جي سحر ۾ گُم ٿيو اُهو پوءِ دنيا جي هر شيءَ ۾ پنهنجي پرينءَ جو جلوو پسندو آهي. مٺا نثار اسان کي اڃان مجاز جي مستي ۾ مدهوش رهڻ ڏي، اڃان اسان کي مجاز جو مزو وٺڻ ڏي پوءِ جي قسمت ساٿ ڏنو ته حقيقتن کي پرکي وٺنداسين. سائين مُنهنجا تُنهنجي پوسٽ صرف اکڙين تي هُئي. ڀلي اها قدرت جي پيدا ڪيل جيتامڙن جي اکين جي ئي ڳالهه هُئي پر اسان کي هر اک آرزو لڳندي آهي، اسان کي هر اک التجا لڳندي آهي. پريان سندي پار جِي مڙوئي مٺائي ڪانهي ڪڙائي چکين جي چيت ڪري