نجم الدين ڪنڀر
سينيئر رڪن
ماڻهو کي ٿو کائي ماڻهو !!!
نجم الدين ڪنڀر
ماڻهو کي ٿو کائي ماڻهو ، آهي ڪو سمجهائي ماڻهو ,
آخر ڇا ٿو چا هي ماڻهو ، مون کي اڄ ٻڌائي ماڻهو .
ضمير اسان جو ستل آهي , جهيڙو ملڪ ۾ متل آهي ،
قتل تي قتل آهي ، ڪنهن کي اڄ ٻڌائي ماڻهو .
علم ادب ۽ حياءُ ڇڏيو آه ، محبت مروت مان لڏيو آه ,
باقي اڄ هت ڇا بچيو آه ، سنگت جو سڻائي ماڻهو .
ڪاوڙ ڪلفت مٽائي جيڪو ، حسد هوڏ ڀڄائي جيڪو ،
پنهنجو پاڻ بچائي جيڪو ، پيار جا گيت سڻائي ماڻهو .
نفس پرستي جو ذڪر آهي ، ملت جو ڪو فڪر ناهي ،
پر نا اميدي ڪفر آهي ، رب ٿو هي سڻائي ماڻهو .
انسان اڄڪل ڀٽڪيل آهي ، ڪاوڙ ۾ ته ڪٽڪيل آهي ،
حوس راه ۾ اٽڪيل آهي ، جنهن کي ڪوئي ڊاهي ماڻهو .
امير غريب ته سڀڪو ويندو ، نيٺ ته آخر ڇيڙو ٿيندو ,
باقي رب جو نالو رهندو ، آخر لا ڪو ٺاهي ماڻهو .
نئين نسل کي ڇوٽ ٿا ڇوڙيون ، تعليم جو پيا ٻيڙو ٻوڙيون،
پنهنجو پيا ٿا ڪيتو لوڙيون ،ڪو ساٿين کي سمجهائي ماڻهو.
جڏهن ملڪ مٺي ۾ ميڙو ٿيندو ، خلق اتي اچي ڀيڙو ٿيندو ،
ڪنڀر تنهن مان ڪهڙو ٿيندو ، سچ سڀن کي سڻائي ماڻهو .
تنهنجي منهنجي نيت کوٽي ، ڪم جا آهيون سڀئي ٽوٽي،
ڪنڀر اڄ تون ڪر ڪسوٽي ، ٺڪر کي جيئن ٺاهي ماڻهو.

Email: najmudin_mps@yahoo.com Cell# 0301-3282565 .