ڪراچي ۾ سنڌالاجي جهڙو ادارو جڙندو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ابو جواد طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2011۔

  1. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    ڪراچي ۾ سنڌالاجي جهڙو ادارو جڙندو، عورتن تي تشدد خلاف ٺهراءُ منظور، عورتن بابت جملن تي واڪ آئوٽ



    ڪراچي (رپورٽ:ارشاد گلاباڻي) سنڌ اسيمبلي ڪالهه 2 ٺهراءُ يڪراءِ بحال ڪري ورتا، جن مان هڪ ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ به سنڌالاجي ڄامشورو جهڙو ادارو قائم ڪيو وڃي ته جيئن ڪراچي ۾ ايندڙ پرڏيهين کي سنڌ جي سڃاڻپ ۽ مڪمل تعارف ملي سگهي، ٻئي ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته عورتن تي گهريلو تشدد کي روڪڻ خاطر گهربل قانون تجويز ڪرڻ لاءِ چونڊيل ميمبرن، سماجي ڪارڪنن ۽ قانوني ماهرن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي وڃي، ان ٺهراءُ تي ان وقت عورت ايم پي ايز زبردست گوڙ ۽ احتجاج ڪيو ۽ سيٽن تان اٿي بيٺيون، جڏهن سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين ڄام تماچي انڙ چيو ته شهرن ۾ مردن سان ٿيندڙ ذهني اذيت تي به ٺهراءُ اچڻ گهرجي، ڪراچي ۾ سنڌالاجي جهڙي ثقافتي اداري جي قيام لاءِ پيش ڪيل ٺهراءُ تي جذباتي تقريرون ڪيون ويون، وزيرن ۽ ميمبرن چيو ته اهو ٺهراءُ ان مخصوص ذهنيت جو علاج آهي جنهن تحت ڪراچي ۽ سنڌ کي ڌار ڌار ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ ”ڪراچي ۽ سنڌ“ چيو وڃي ٿو، ميمبرن چيو ته ڇا مستقبل ۾ ڪراچي کي ڌار ڪرڻ جا رستا ڳوليا پيا وڃن جو ڪجهه خانگي چئنل به ڪراچي ۽ سنڌ چون ٿا، ميمبرن ڪراچي ۾ سنڌي اسڪول بند ڪرڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي قانون واري وزير اياز سومري اعلان ڪيو ته سنڌ جي ايندڙ بجيٽ ۾ ڪراچي ۾ سنڌالاجي جهڙو ادارو قائم ڪرڻ لاءِ رقم رکي ويندي، عورتن تي تشدد کي روڪڻ بابت ٺهراءُ تي تقريرون ڪندي چيو ته ڪاش آءِ جي عورت هجي ها ته عورتن جي حقن بابت قانونن تي مڪمل عمل ٿي سگهي ها، ايوان ۾ ٽيون ٺهراءُ ميمبرن جي ايندڙ خانگي ڏينهن يعني ايندڙ اڱاري تائين ملتوي ڪيو ويو، اهو انوکو ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي سربراهه ڄام تماچي انڙ پيش ڪيو، جنهن تي ميمبرن اچرج جوڳو ٺهراءُ قرار ڏنو، ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته ايندڙ سال 2012ع کي ”چائلڊ فري“ (ٻار کان پاڪ) سال قرار ڏنو وڃي، پهريون ٺهراءُ پ پ جي انور مهر پيش ڪيو، سنڌ جي سينيئر وزير پير مظهرالحق چيو ته پرڏيهه مان ايندڙن کي سنڌالاجي گهمڻ کانپوءِ سڄي سنڌ سمجهه ۾ اچي ويندي آهي، اهو ادارو ڪراچي يونيورسٽي ۾ قائم ٿئي ته وڏو ڪارنامو ٿيندو، قانون واري وزير اياز سومري چيو ته انور مهر پنهنجي ڌرتي جو قرض چڪائڻ لاءِ هي ٺهراءُ آندو آهي، اسان کي عجيب لڳندو آهي، جڏهن ڪو وات چٻو ڪري سنڌي بدران ڪا ٻي ٻولي ڳالهائيندو آهي، هن چيو ته صدر آصف علي زرداري سڄي دنيا ۾ سنڌي لباس پهري ويندو آهي ۽ ثابت ڪندو آهي ته هو سنڌ جو سپوت آهي، ڪراچي سنڌ ۽ سنڌ ڪراچي آهي، شازيه مري چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ته اهو ٻڌڻ لاءِ ملندو آهي ته ”ڪراچي“ ۽ ”سنڌ“ اهي چوندا آهن ته ”اندرون سنڌ“ پيا وڃن ته پوءِ پڇون ٿا ته ”ٻاهرين سنڌ“ ڪهڙي آهي، هن چيو ته جيڪي ڪراچي ۽ سنڌ چون ٿا تن جي مخصوص ذهنيت جي علاج لاءِ ٺهراءُ آندو ويو آهي، هن چيو ته خانگي اسڪول پاڻ به ذميداري محسوس ڪن ۽ سنڌي پڙهائين ۽ اهو لازمي ناهي ته سرڪار لٺ کڻي ته پوءِ ئي سنڌي پڙهائين، هن چيو ته ڪراچي ۽ سنڌ ڌار ڌار نه چيو وڃي، ڪچين آبادين واري وزير رفيق انجنيئر چيو ته ڪي خانگي چئنل به ڄاڻي واڻي ڪراچي ۽ سنڌ چون ٿا، ڇا مستقبل ۾ ڪراچي کي ڌار ڪرڻ جا رستا ڳوليا پيا وڃن، هن چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي اسڪول بند ڪيا پيا وڃن، اين ايڇ وارن هتي مورڙي ۽ سندس ڀائرن جون قبرون ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي اسان ناڪام بڻايو، هن چيو ته اسان ڌرتي واسي ڪراچي جا وارث آهيون پر جڏهن ڪراچي ۽ سنڌ جا لفظ ٻڌون ٿا ته پاڻ کي ويڳاڻو محسوس ڪريون ٿا، سڪندر مينڌري چيو ته سنڌ جي ثقافت سڄي دنيا جي ثقافت آهي، انسان جي ارتقا سنڌ کان ٿي، سنڌ جي ثقافت سڄي دنيا جو تاج آهي، هن چيو ته مصر جي قديم چوڻي آهي ته عقل جي ڳالهه ٻڌڻي آهي ته سنڌو ماٿري جي ماڻهن ڏانهن هلو، صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان چيو ته سنڌ اسيمبلي جو پراڻو رڪارڊ ڀارت ۽ لاهور ۾ پيل آهي، هن اسپيڪر کي چيو ته توهان اجازت ڏيو ته اهو رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جو کاتو ڪوشش ڪري، بعد ۾ ٻيو ٺهراءُ عورتن تي تشدد کي روڪڻ بابت پيش ڪيو ويو، اهو ٺهراءُ پيش ڪندي پ پ جي عائشا کوسو چيو ته عورتن تي تشدد جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جيڪا ڳڻتي جي ڳالهه آهي، عورتن تي تشدد کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ قانون سازي جي ضرورت آهي، مخالف ڌر فنڪشنل مسلم ليگ جي نصرت سحر عباسي چيو ته عورتن تي تيزاب اڇلائڻ جا واقعا ٿي رهيا آهن، ڇا اسان عورتون انسان ناهيون، پ پ جي ڄام تماچي انڙ چيو ته ٺهراءُ سان سئو سيڪڙو متفق آهيان، ٻهراڙين ۾ عورتن تي بلڪل تشدد ٿئي ٿو پر شهرن ۾ مردن کي جيڪا ذهني اذيت ڏني وڃي ٿي ان تي به ڪاميٽي جوڙي وڃي، پ پ جي انور ڏهر چيو ته ايوان جي ڪاميٽي جوڙڻ گرجي، جنهن ۾ 3 مرد ميمبر ۽ 3 عورتون شامل هجن، بعد ۾ اهو ٺهراءُ به يڪراءِ بحال ڪيو وڃي، جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا رولنگ ڏني ته ٺهراءُ تحت ڪاميٽي لاءِ نالا سڀاڻي (اڄ) ڏنا وڃن، ٽيون ٺهراءُ ڄام تماچي انڙ پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته سال 2012ع کي ٻار کان پاڪ سال قرار ڏنو وڃي، قانون واري وزير اياز سومري چيو ته مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڄام تماچي آخر چاهي ڇا ٿو، ڪهڙي زبان سان چوان ٿو ته ان ٺهراءُ جي مخالفت ڪريون ٿا تنهن ڪري هو واپس وٺي ۽ ٺهراءُ جي ٻولي درست ڪري پوءِ ايندڙ اڱاري تي پيش ڪيو وڃي، ڄام تماچي انڙ چيو ته ڀل ٻولي درست ڪري پيش ڪرڻ ڏنو وڃي پر واپس نه وٺندس، قانون واري وزير چيو ته ٺيڪ آهي پوءِ ٺهراءُ قانون کاتي بابت جوڙيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي حوالي ڪيو وڃي، ان موقعي تي گهرو کاتي جي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته جهيڙي کي ٽارڻ لاءِ پوليس جي اچڻ کان اڳ منهنجي تجويز اها آهي ته چين وانگر هتي به اهو قانون ٺاهيو وڃي ته ڪو به هڪ ٻار کان وڌيڪ ٻار نه ڄڻيندو، ان کان اڳ جڏهن عائشه کوسو ٺهراءُ پيش ڪيو ته پ پ جي ڄام تماچي انڙ چيو ته آئون ٺهراءُ جي حمايت ڪريان ٿو ۽ ٻهراڙين ۾ واقعي عورتن تي تشدد ٿئي ٿو پر شهرن ۾ مردن کي جيڪا ذهني اذيت ڏني وڃي ٿي ان تي به ٺهراءُ پيش ٿيڻ گهرجي، جنهن تي عورت ميمبرن زبردست گوڙ ۽ احتجاج ڪيو، سيٽن تان اٿي بيٺيون ۽ ”شيم- شيم“ جا نعرا هنيا، جنهن تي ڄام تماچي ٻه ڀيرا واڪ آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻين ميمبرن کيس روڪي ورتو، جڏهن ته مخالف ڌر فنڪشنل مسلم ليگ جون ايم پي ايز ماروي راشدي ۽ نصرت عباسي احتجاج طور ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، جن کي صوبائي وزير شازيه مري، ايم پي ايز فرحين مغل ۽ شمع مٺاڻي پرچائي ايوان ۾ آندو، هڪ موقعي تي عورت ايم پي ايز ڌار ۽ مرد ميمبر ڌار نظر پئي آيا، عورت ايم پي ايز مرد ميمبرن جي روئي جي شڪايت ڪئي، جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته مون کي ڄام تماچي انڙ مان اهڙي غير سنجيده روئي جي توقع نه هئي، ڄام تماچي سان ضرور ڪو گهرو مسئلو آهي ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ هو همٿ ڪري ان مسئلي تي ٺهراءُ پيش ڪري، گهرو مامرن واري وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته ڄام تماچي جو چوڻ آهي جن جون ٻه ۽ ٽي شاديون آهن تن کي ذهني اذيت ملي ٿي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو