• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٻولي جي هڪ هڪ سٽ

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم​

دوستو لطيف سائين کي هڪ خوبصورت ڀيٽا جيڪا سنڌ جي شاعريءَ جي پُراڻي صنف بيت ۾ آهي اميد ته شاهه سائين کي ڀيٽا ڏيڻ وارو هي بيت دوستن کي پسند ايندو


سنڌي ٻولي جي هڪ هڪ سِٽَ ڄڻ لالن ۾ آ لاٽ
هڪ هڪ لفظ لطيف جو ڄڻ چوڏهين جي چمڪاٽ
اتي ڪاري ٻَاٽَ جتي ناءُ ناهي لطيف جو.

suhnan saan


sindhsalamatsaathsal
 
اسلام عليڪم​

دوستو هي شاه صاحب جو هڪ شعر آهي اميد ته دوستن کي پسند ايندو


سنڌي ٻولي جي هڪ هڪ سِٽَ ڄڻ لالن ۾ آ لاٽ
هڪ هڪ لفظ لطيف جو ڄڻ چوڏهين جي چمڪاٽ
اتي ڪاري ٻَاٽَ جتي ناءُ ناهي لطيف جو.

suhnan saan


sindhsalamatsaathsal
ادا وحيد ڦلپوٽو يار هي بيت ته انتهائي لاجواب آهي پر پليز ائين لکيو وڃي ته لطيف سائين کي ڀيٽا ڏيڻ جو هي بيت آهي باقي تُنهنجي لکڻي مان اهو محسوس ڪيو ويندو ته هي شعر لطيف سائين جو آهي۔ مهرباني ادا
 
ادا وحيد ڦلپوٽو يار هي بيت ته انتهائي لاجواب آهي پر پليز ائين لکيو وڃي ته لطيف سائين کي ڀيٽا ڏيڻ جو هي بيت آهي باقي تُنهنجي لکڻي مان اهو محسوس ڪيو ويندو ته هي شعر لطيف سائين جو آهي۔ مهرباني ادا


سائين مون کي هڪ دوست ٻڌايو هو ته هي شاه صاحب جو بيت آهي باقي مون کي به ائين محسوس ٿئي پيو ته هي شاه صاحب جي مان ۾ بيان ڪيو وڃي ته بهتر رهندو پر مان ڪا ترميم ڪرڻ مناسب نه سمجهيم باقي توهان هڪ ته سٺا شاعر آهيو ٻيو ته سنڌ سلامت تي سپر ايڊيٽر مون جي پاران اوهان کي اجازت آهي ته توهان منهنجي لکڻين ۾ ڪا به ترميم ڪري سگهو ٿا
جيڪڏهن توهان مون جي تحريرن ۾ ڪو اڻڄاڻائي ۾ لکيل لفظ درست ڪندو ته اها منهنجي لا۽ باعث فخر جي ڳالهه هوندي .shal judy hujeen

suhnan saan

sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top