انقلابي خوشخبري!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [FONT="Al_Mushaf"]انقلابي خوشخبري![/FONT]

    وزير علي سرڪي

    اُن مهل اسيمبلي هال ۾ اسان جي وفاقي قاصد رحمٰن ملڪ جو حال قابلِ رحم لڳو، جڏهن مخالفن توڻي هم خيالن گڏجي مٿس زباني حملا ڪري کيس ساڻو ڪري وڌو ۽ صلاح ڏني ته ڀائي....حد ٿي وئي، هاڻي هو هليو وڃي! ملڪ صاحب کي به مولا همت ڏني ۽ مڙس ماڻهو ٿي سخت تنقيد جو زبردست مقابلو ڪيائين. سندس تاريخي تقرير کان متاثر ٿي اسان سندس پرسنل سيل نمبر تي ساڻس ڳالهائي کيس ساراهيو. خوش ٿي چيائين سائين! ڏسو نه اپوزيشن ته هٿ ڌوئي منهنجي ڪڍ پيل هئي، پر هاڻي پنهنجا پڻ پير پُسائي پويان پئجي ويا آهن! اها ڪهڙي منطق آهي؟ ته هر قتل تي هر روز وزير وڃن استعيفائون ڏيندا! جتي جوڪ در جوق ڪابينائن ۽ حڪومتن بدلجڻ سان ڪجهه نه ٿئي، اتي هڪڙي وزير جي وڃڻ سان ڀلا ڇا فرق پوندو! بس ڀائو ڪم وارن جو قدر ڪونهي، ماڻهو ته مون سان گڏ ٻن هاٿين وچ ۾ ڦاٿل ڊي جي ”ايف آءِ اي“ ويچاري وسيم احمد کي به نٿا سهن. اوهان هن سان ذاتي نمبر تي رابطو ڪري کانئس پڇي ڏسو ته اسان ٻئي پاڪستان مان دهشتگردي ۽ ڪرپشن جون پاڙون پٽڻ خاطر ڏينهن رات ڪيڏيون نه ڪوششون پيا ڪريون. نه ته پنهنجا شخصي نمبر عوام لاءِ کليل اڄڪلهه ڪير رکندو آهي؟ ۽ ڪو ئي سرڪار سان سهڪار نه ڪري ته پوءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي! اڃا چون ٿا ته اسين سياسي ماڻهو ناهيون! اسان کان وڌيڪ عوامي ڪير هوندو؟ ان کانپوءِ ساڳي طرح وسيم صاحب سان به موبائيل تي حالي احوال ٿيا، ٿڌا ساهه ڀري سوچيو سون ته يار! سرڪار ۽ خلق وچ ۾ سڌي سنئين لهه وچڙ هوندي به نيٺ گورنمينٽي گهاڻي منجهان ڪو کڙ تيل ڇو نٿو نڪري!؟ پنهنجي رڌڻي ۾ رولو آهي، الائي ڪنهن جي اندر ۾ ڦير آهي!! خير....بطور فرض شناس صحافي اسان ٻئي پاسي جمشيد دستيءَ جو موقف وٺڻ لاءِ کيس فون ڪيو ته فرمايائين ڏسو! اسان عوامي ميمبر وزارتن تي ٺيڪيداري ڪلچر جو خاتمو چاهيون ٿا، ڇاڪاڻ ته اجتماعي خدمتِ خلق خاطر ڪيترائي قومي رضاڪار موزون موقعن جا منتظر بيٺا آهن!

    انهيءَ ڏينهن مولانا فضل الرحمان مخالف ڌرين جي همراهن کي پنهنجي شخصي دسترخوان تي ماني کارائي ثابت ڪري ڏيکاريو ته مولوي رڳو ٻين جون مانيون ناهن کائيندا ۽ اهو پڻ ته عوامي خدمت جو اونو فقط حڪومت کي ناهي هوندو، اهو ئي صادق جذبو حزب مخالف کي پنهنجا فطري اتحادي ڳولي هڪ هنڌ گڏائڻ لاءِ مجبور پيو ڪري. ٻڌايو ويو ته اها ”ايڪتا“ حڪومت کي سڌو رستو ڏيکاريندي، پر اهو نه سمجهايو ويو ته ڪهڙو سڌو رستو؟ سڌا رستا ته ٽي آهن. پهريون سامهون وارو جيڪو آئيني مدت جي تڪميل طرف وڃي ٿو. ٻيو ساڄو، جنهن جو رخ وچين مدي وارين چونڊن پاسي آهي ۽ ٽيون کاٻو، جيڪو حڪمرانن جي حقيقي گهرن ڏانهن پيو وڃي! سو ان قسم جا آثار ملڪ ۾ انقلاب آڻين يا نه، پر انقلابي خوشخبري ضرور ٻڌائي رهيا آهن. اوهان نه ڏٺو ته هُتي حسني مبارڪ قاهره کان شرم الشيخ شفٽ ٿي ويو، ته هتي وزارت اطلاعات قائره کان فردوس عاشق طرف منتقل ٿي وئي!! التحرير اسڪوائر مصر ۾ انقلاب جي فلم هلي، ته مني پاڪستان ڪراچي جي ايئرپورٽ تي ان جو ٽريلر هليو! بس ڪم ته هر ڪنهن جو لٿو پيو آهي ۽ حال ته حڪومت ۾ به ناهي، هيڏين هنگامي حالتن هوندي به حڪمرانن جو مزاج بي نياز محبوبن جهڙو ٿي لڳي، ڊيوس ڪيس ۾ سڀني وزيرن مشيرن سان مساوي سلوڪ! ضمير جي سودي وقت انڪار تي قائم رهندڙ شاهه محمود به وڃي گهر ويٺو، ته وفادار درٻارين جيان هر لمحي ۽ هر حال ۾ ”ها ۾ ها“ ملائيندڙ فوزيه وهاب به وڃي ساهي پٽي! آمريڪي لک لهن ۽ پاڪستاني ڪک مثل! ريمنڊ ڊائمنڊ ۽ عافيه ڪوڏي! ڊيوس جي سفارتي ڇوٽ خاطر سمورو سپر پاور سينا سپر پيو ڏسجي، پر اسان جي سرڪار نامدار صاحب بهادرن وٽان بي قصورن کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ هٿ پير هڻندي به نظر نٿي اچي! ها مگر حقي واجبي احتجاج ڪندڙن جا پير ڪڍڻ خاطر کين پنهنجا لوها هٿ ضرور ڏيکاري ٿي!

    هڪڙي ڪاوڙيل سپاهي چواڻي سائين! نانگن جي ڏنگيل گورنمينٽ جو به ڏوهه ناهي، ويچاري نوڙين کان ڊجي دفاعي حملا نه ڪرائي ته ٻيو ڇا ڪري!؟ ماڻهو وري گهٽائين ٿا ڇا! راشن وارين حڪومتي ٽرڪن مٿان جوڪ در جوق حملا ڪري سيڌي سامان جي ڦرلٽ پيا ڪن ۽ فينسي آفيسن جو فرنيچر پيا ڀڃن! هڪ ڪلارڪ جي شڪايت تي اسان عوام جي وڪالت ڪندي چيو ته ڀائو! توهان به شيشن جي دفترن ۾ ويهي ماڻهن کي پٿر هڻندا ته اوهان تي گلڙن جي ورکا ٿيندي ڇا! عوام کان پڇيوسين ته ابا ڇا ٿيو؟ چيائيون: تعجب آ، صفا ڪي بي خبر اخباري آهيو! ڏسو نٿا ته بک ۽ بدحالي ڇِتو ڪري وڌو آهي. مٿان سيلاب ۽ آسماني آفتن اسان جا ساهه سڪائي وڌا ۽ هيٺان زميني ڌڻين ماڻهن جي نڙين تي نَنهن ڏئي ڇڏيا آهن، گهر تڙ ۽ ٻنيون ٻارا ٻوڏ لوڙهي ڇڏيا، ارڪو ترڪو تباهه ٿي ويو. پناهگيرن وانگر جهوپڙيون اجهو ٿي مليون آهن، اٽي ۽ لٽي لاءِ واجهايون ويٺا. کيسا خالي آهن، پر ڪي اين جي اوز پئسن کانسواءِ سامان ڏسڻ به نه ٿيون ڏين. زرعي قرضن جي وصولي لاءِ بئنڪ اهلڪارن جا ڏنڊا اڀا آهن. وطن ڪارڊ وٺي شاديون ڪندڙ شايد اهل آهن، باقي مستحق بيٺا مٿي تڪين! مٿي ويٺل ماتحتن کي اهو حڪم ته ڏين ٿا ته سروي ڪريو ته 1996ع بعد سمنڊ ڪيتري زمين ڳڙڪائي آهي، پر ٽئڪس چور ڪارين رڍن ۽ ڪروڙن جا قرض معاف ڪرائيندڙ وڏين مڇين کان اوڳاڙي تي عملدرآمد الائي ڪڏهن ٿيندو!؟ عربي ۽ هندي سمنڊن ۾ پنهنجون ٻڏل مَڏيون تارڻ خاطر ته وڏا ماڻهو وسان ڪو نه ٿا گهٽائين، پر سيلابي وهڪرن ۾ لڙهيل جهڳيون بحال ڪرائڻ لاءِ بي واهن بَندن جي مدد ۽ واهر ڪوئي نٿو ڪري!

    ٻن ٻوڏن وچ ۾ ڦاٿل گلا خور غريبن جون ڳالهيون ٻڌي جڏهن انهن جي چغلي اچي هنئي سون هڪڙي سرڪاري نمائندي کي ته ان عام ماڻهن تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو: ”ادا! اها ڪُت خلق ته سدائين ڪِينَ جو ڪُنو چاڙهيون ويٺي آهي. اسان جي حڪومت اقتدار سنڀاليو ته ان وقت ملڪ ۾ اَٽن جا ٽِينَ به خالي هئا، هينئر هاڻوڪي حڪومت جوڪ در جوق ڪڻڪ جا ٻاچڪا ايڪسپورٽ پئي ڪري. جيڪي مسڪين سئو جي نوٽ لاءِ سڪندا هئا، سي هاڻي اسان جن امداد ۾ ڏنل هزارين رپين سان رانديون پيا ڪن! ڌارين جون نيڪيون ڳڻيندڙ ۽ پنهنجن جا گُڻ نه ڳائيندڙ اهڙن پيٽ ڍاون کان ڪير پڄندو ڀائو!“ ٻِطرفا رايا ٻڌڻ بعد مٿي کي ڦيري آئي، ۽ پوءِ مهربان مها ڏاهي جي محفل ۾ پهچي ملڪي ڪرپشن وارو سوال ٽيبل تي ڦِٽو ڪيوسون. ڌار ڌار ٻڌل اڻ ٻڌل رٿائون اڳيان اڇلايون ويون، پر سوناري جي ٺڪ ٺڪ، لوهار جو ڌڪ ئي هڪ! مها ڏاهو مسڪرائي چوڻ لڳو ته کيس هڪ مجاز وزير اسلام آباد مان موبائيل تي خوشخبري ڏني آهي ته ماڻهن کي مبارڪون ڏيو، انقلاب جي آمد ٿي چڪي آهي. مهانگائي ۽ سچائي جي شروعات پارليامينٽ کان ڪري ڇڏي اٿئون. هاڻي هر ميمبر جي ماهوار پگهار هڪ لک اسي هزار آهي، ۽ کين اسيمبلي ڪينٽين تي مرغي ساڍا 24 رپين، مڇي 13، برياني 8، دال سبزي ڏيڍ ۽ ٻن رپين ۽ في ماني ۽ چانهه جو ڪوپ هڪ هڪ روپئي ۾ ملن پيا. عنقريب ملڪ جو هر ملازم ساڳي تنخواهه کڻندو ۽ سڀني شهرين کي وطن جي هر هوٽل تي اهي شيون ساڳين اگهن تي ملي سگهنديون!

    انهيءَ اخباري بيان ته: ”هاڻي ٻوڏ آئي ته سنڌ غرق ٿي ويندي، اڳوڻا ٻوڏ متاثر اڃا تائين ذلت جي زندگي گذارين پيا ۽ سامونڊي پٽيءَ کي سنڌ کان جدا ڪرڻ جي سازش پئي ٿئي.“ تي هڪ سنڌي سياستدان تبصرو ڪندي چيو ته يار! اسان جا قومپرست به سدائين مايوسي واريون ڳالهيون ڦهلائيندا آهن! اسان ڄڻ ته هن جهان ۾ ناهيون، جو ائين ٿيندو. اسين نٿا سمجهون ته اهو اسان جي سياسي مستقبل جو سوال به آهي! خدانخواسته ائين ٿي پيو ته پوءِ پنهنجي برادري جي اقتداري ۽ عملداري ڪهڙي آبادي ۽ ڪهڙي علائقي تي قائم ۽ دائم رهندي!؟

    was_03322852328@hotmail.com

    The Kawish Group of Publication
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو