شهيد سورهيه بادشاه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالقيوم سڪندري طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2011۔

  1. عبدالقيوم سڪندري

    عبدالقيوم سڪندري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 مارچ 2011
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ننگرپارڪر
    شهيد سورهيه بادشاه
    حافظ عبدالقيوم مهر
    ڪنگري هائوس جي تازي حاضري ڀريندڙ مخدوم شاه محمود قريشي جي والد محترم مخدوم سجاد حسين قريشيءَ جي خواهش ۽ اصرار تي لکيل ڪتاب ”پیرپگارا کی کہانی ، کچہ ان کی کچہ میری زبانی “ ۾ نامياري صحافي اظهر سهيل لکيو آهي ته
    ” بر صغير ۾ انگريز سامراج جي ٻن صدين واري تسلط ۾ چئني پاسي بربريت ۽ دهشت واري راڄ ، جنهن ۾ پکي کي پر هڻڻ جي مجال نه هئي ، دؤران ٻه اهڙا موقعا آيا ، جن سامراج کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريا، هڪ جليانواله وارو واقعو، ٻيو سنڌ ۾ حريت مآب پيرسائين سيد صبغت الله شاه جي بغاوت، جنهن سامراج کي مارشل لا جي نفاذ تي مجبور ڪيو.
    انگريز ڪمشنر چواڻي سورهيه بادشاه ، عملي طور سنڌ ۾ سامراجي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو هو.
    پيرن ۽ انهن جي مڃيندڙن کان پري رهڻ جو اعتراف ڪندڙ ان غير مقلد مصنف هڪ وڏي عالم دين جو حوالو ڏيئي سورهيه بادشاه کي صحابه جي دور جي شخصيت قرار ڏيئي ٿورڙو مگر وڏي ايمانداري سان لکيو ضرور آهي.
    ان پنهنجي ڪتاب لاءِ پير سائين سردار کان جيڪو خصوصي انٽرويو ورتو ان ۾ به پهريون سوال اهو ته توهان توهان پنهنجي ٻاروتڻ ۽ والد گرامي جي حوالي سان ڇا ٿا فرمايو، پاڻ اهو چئي ته منهنجي والد گرامي جي شهادت وقت مان ايترو ننڍو به نه هئس جو ڪجهه ياد نه هجي ، ايترو وڏو به نه هئس معاملي جي پيرائتي خبرهجي ، کڻي تاريخ جي ذمي ڇڏيو هجي ، تنهن هوندي به پاڻ مختلف انٽرويوز ۾ اشارن ڪناين ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪيون ضرور آهن، هيٺ ڏنل اقتباس پڙهو ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ سوالن جا جواب به هڪ ڏينهن منظر تي ضرور ايندا.
    حضرت پير سائين پاڳارا نه صرف شهيد اعظم پير سائين سورهيه بادشاه جا فرزند آهن پر ان خانقاه جي سڀني روايتن جا امين وارث پڻ آهن ، حرتحريڪ ۽ پنهنجي عظيم والد جي باري ۾ پاڻ جيڪي ڳالهيون ڪن ٿا ، انهن جا پاڻ وڏا شاهد آهن ، پنهنجي گهر ۾ ان عظيم تحريڪ کي پروان چڙهندي ويجهي کان ڏٺو اٿن ،پاڻ فرمائن ٿا:
    •منهنجي وڏن هٿياربند جدوجهد ان ڪري ڪيائون جو ” اصل ۾ اسان جي بزرگن انگريزن جي اقتدار کي مڃيو ئي نه هو اسان ته برطانوي سلطنت کي مڃيندا ئي ڪونه هئاسين ، ان دور ۾هڪ ئي مارشل لا لڳو اهو به حرن جي خلاف هو اسان جا ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيا ڇا ٿيو ان جو ڪو به حساب نه رکيو ويو. مون ٻڌو آهي ته هندستان جي آزادي لاءِ منهنجي والد صاحب ۽ سڀاس چندر بوس جا پاڻ ۾ رابطا هئا باقي منهجو والد سنڌ جو بادشاه ٿيڻ چاهي پيو اهڙي ڪابه ڳالهه منهنجي ڄاڻ ۾ ناهي.
    منهجي والد کي معافي جو چيو ويو ان بابت ڏيئل مل چيو هو ته اسان کي اهو چيو ويو آهي ، اهي ڏيئل مل جا لفظ آهن، ، مون کي خبر نه آهي ، هن چيو ته اسان کي چيو ويو ته اپيل ڪندا ته اسان سزاءِ موت کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏينداسون پر والد صاحب معافي جي درخواست نه پيو ڏيڻ چاهي، ۽ خاموش رهيو. والد صاحب طرفان ڪورٽ ۾ اپيل به نه ڪئي وئي . جيڪو ڪيس حيدرآباد ۾ هليو هو اتي ڪوڙا شاهد ٺاهيا ويا ۽ جيڪڏهن قاضي صاحب ڪراس ايگزامينيشن ڪري ها ته به نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو. اسان کي ان سان ڪا به دلچسپي ناهي ته ڇا ٿيو ۽ ڪيئن ٿيو پر هڪ ايلين حڪومت جي خلاف پنهنجي قومپرست کي اٿڻو ئي آهي ، اهو پراڻو دستور هو. ان وقت ڪو سوچي به نٿي سگهيو ته ڪو فيصلو ووٽ سانٿيندو ، ۽ جيڪا ڳالهه مون ان وقت ٻڌي آهي ، اسان جي والد صاحب ۽ سڀاس چندر بوس انهن ۾ ڪا نه ڪا هم آهنگي هئي . ۽ اهو معاملو ڪٿي نه ڪٿي ٻاهر اچڻو هو ، ۽ ان وقت ڪجهه ٿيو ئي نه هو وقت کان اڳ گوڙ ٿي ويو ته هي ٿي ويو. بعد ۾ ڪميونسٽ ٿڌا ٿي ويا . بهر حال ايلين حڪومت جي خلاف اٿڻ انهن جي نگاه ۾ غلط آهي، اسان جي نگاه ۾ ته گناه ناهي، ۽ ايلين حڪومت جو مخالفن کي چٿڻ يقيني هو، اڄ به اهو قانون هلي ٿو جيڪو حڪومت جي خلاف اٿي ٿو حڪومت ان کي ماري ٿي ، ان جي خلاف سڀ ڪجهه ڪري ٿي ، جيڪو ڪجهه هو هلندو پيو اچي ، شاهد ئي ڪوڙا هلندا پيا اچن انهن کي پڙهائي سمجهائي پوءِ انهن جو فائل ٽيسڙ ورتو ويندو هو پوءِ انهن کي شاهدي لاءِ اماڻيو ويندو هو اهڙي طرح ٿيندو رهندو هو جڏهن هتي لڙائي ٿي هئي ته سڀ هتي گرفتار ٿي ويا هئا.
    پاڪستان ۾ حاڪم اهي هئا جيڪي ماضي ۾ انگريز حڪومت جا نمڪ خوار هئا ، پاليسيون لڳ ڀڳ اهي ئي هيون جيڪي برطانوي وقت کان هلنديون پئي آيون .
    1952 ۾ سنڌ حڪومت چيو هو ته اسين اوهان کي لاش ڏيون ٿا انهيءَ جو انتظام ڪريو پوءِ چيو ويو ته فوج کي اعتراض آهي . پاليسي اها ئي هلي رهي آهي جڏهن کان مان آيو آهيان اها ئي پاليسي ڏسي رهيو آهيان جيڪا شروع ۾ هئي .
    منهنجي واپس اچڻ کان پوءِ ڏيئل مل ٻه فائلون کڻي آيو هو جيڪي هو مون کي ڏيڻ پيو چاهي ۽ چيو ته اوهان کي ڪجهه ڪاغذ ڏيکارڻا آهن مون کيس چيو ته جڏهن مڪمل ڪري اچين ته ڏسي وٺنداسين.

    ڏيئل مل ڪهڙا فائل کڻي آيو ، پوءِ اهي مليا يا نه ، مليا ته هاڻي ڪٿي آهن ، انهن ۾ وڏي تاريخ هوندي ، حضرت پير سائين سردار تائين رسائي وارا اهو معلوم ڪري سگهن ٿا ، آئون سمجهان ٿو ان سان وڃايل تاريخ جا ورق وري پوندا.
    (1) مارشل لا دوران ڪيترا حر شهيد ڪيا ويا انهن جو ريڪارڊ به سامهون اچڻ گهرجي
    (2) 1952 ۾ پاڪستاني حڪومت سورهيه سائين جو مڙه مبارڪ ڏيڻ جو واعدو ڪري وري ڦري وئي ، ان جو مقصد پاڪستان جي حڪومت کي ان جو علم آهي ، ته پوءِ ان جي واپسي ۾ 70 سالن کان پوءِ ڪهڙو خطرو آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو