عبدالقيوم سڪندري
سينيئر رڪن
حرن جو نعرو
حافظ عبدالقيوم مهر
اڀري اٿندي لڪن ۾ للڪار
پنهنجو مسلڪ پنهنجو مذهب
پنهنجي حق لاءِ آهي پڪار
ديس پنهنجي ۽ دين سچي لاءِ
پاڻ کنئي اڄ آ تلوار
•
ميڙ مکيءَ ۾ گڏ پيا ٿيندا
گڙنگ تي ٻيهر سڏ پيا ٿيندا
کينواريءَ تي کيل پيا ٿيندا
هڪڙا ايندا جيل پيا ويندا
سورهيه تنهنجي سرواڻي ۾
ٿا غازي ڪن هي گفتار
•
لوڙها جيلون ڏاج اسان جو
سوريءَ آهي تاج اسان جو
حال ڪنهن نه ڄاتو اسان جو
ڪسڻ ڪپڻ سان ناتو اسان جو
جان ڏيون پر جهڪي نه ڄاڻون
حر حسيني وارو آ ڪردار
•
ڏنڊا ٻيڙيون ، بم ۽ گولا
قهر ٿي وسندا تنهنجا تولا
رڻ ۾ ملندا توکي رولا
ٽانڊا ڏيندا حرن جا ٽولا
ڀاڙيا ڀڄي تون جان بچاءِ
لٺ ڪهاڙي سامهون آ هٿيار
•
نعرو آهي وطن ڪفن جو
سورهيه آ سرواڻ سڀن جو
چپو چپو پنهنجي چمن جو
ٿيندو محافظ ديس دڳن جو
آزادي يا موت پڪارون
دودا ، دولهه، هوشو هشيار
•
ڇا مدناپور ۽ رتناگيري
وار ونگو ڪندي نه ويري
اسان حسيني اسان شبيري
فرعونن لاءِ آهيون ڦيري
موت کپي پر معافي نه گهرجي
آهي غلامي مون لاءِ گار
•
پنهنجن جا پرڪار ڏسون پيا
گورن سان غدار ڏسون پيا
ڌرتي توکان ڌار ڏسون پيا
اهڙا ڀي ڪردار ڏسون پيا
سرن جي بدلي سودا ڪن ٿا
خانبهادر سر وڏيرا ۽ ڀوتار
•
لوڙها ڪيمپون گهر اسان لاءِ
آجو سارو تر اوهان لاءِ
ايڏو انڌو قهر اسان لاءِ
خوشحالي ۽ خير اوهان لاءِ
قيد اڃان ڀي ڪوشش وارا
اڙي زمانا توتي ميار
•
مان ته وڃان ٿو رتبو ماڻي
ڀلي ڍڪي ڇڏ پردو هاڻي
ايندو رهندس هرڪو ڄاڻي
تون نه سگهندين چسڪو ماڻي
ڌرتي تي هر دور اندر
پنهنجي ٿيندي پئي پچار
•
چار تي ٻيهر عيدون آهن
دلبر ۾ ڪل ديدون آهن
پرور پوريون مهر ڪيون
سڀ اسان جون اميدون آهن
هاڻي حافظ آهيون هٿيڪا
پنهنجو ڌرتي پنهنجو آ دلدار.
،
حافظ عبدالقيوم مهر
اڀري اٿندي لڪن ۾ للڪار
پنهنجو مسلڪ پنهنجو مذهب
پنهنجي حق لاءِ آهي پڪار
ديس پنهنجي ۽ دين سچي لاءِ
پاڻ کنئي اڄ آ تلوار
•
ميڙ مکيءَ ۾ گڏ پيا ٿيندا
گڙنگ تي ٻيهر سڏ پيا ٿيندا
کينواريءَ تي کيل پيا ٿيندا
هڪڙا ايندا جيل پيا ويندا
سورهيه تنهنجي سرواڻي ۾
ٿا غازي ڪن هي گفتار
•
لوڙها جيلون ڏاج اسان جو
سوريءَ آهي تاج اسان جو
حال ڪنهن نه ڄاتو اسان جو
ڪسڻ ڪپڻ سان ناتو اسان جو
جان ڏيون پر جهڪي نه ڄاڻون
حر حسيني وارو آ ڪردار
•
ڏنڊا ٻيڙيون ، بم ۽ گولا
قهر ٿي وسندا تنهنجا تولا
رڻ ۾ ملندا توکي رولا
ٽانڊا ڏيندا حرن جا ٽولا
ڀاڙيا ڀڄي تون جان بچاءِ
لٺ ڪهاڙي سامهون آ هٿيار
•
نعرو آهي وطن ڪفن جو
سورهيه آ سرواڻ سڀن جو
چپو چپو پنهنجي چمن جو
ٿيندو محافظ ديس دڳن جو
آزادي يا موت پڪارون
دودا ، دولهه، هوشو هشيار
•
ڇا مدناپور ۽ رتناگيري
وار ونگو ڪندي نه ويري
اسان حسيني اسان شبيري
فرعونن لاءِ آهيون ڦيري
موت کپي پر معافي نه گهرجي
آهي غلامي مون لاءِ گار
•
پنهنجن جا پرڪار ڏسون پيا
گورن سان غدار ڏسون پيا
ڌرتي توکان ڌار ڏسون پيا
اهڙا ڀي ڪردار ڏسون پيا
سرن جي بدلي سودا ڪن ٿا
خانبهادر سر وڏيرا ۽ ڀوتار
•
لوڙها ڪيمپون گهر اسان لاءِ
آجو سارو تر اوهان لاءِ
ايڏو انڌو قهر اسان لاءِ
خوشحالي ۽ خير اوهان لاءِ
قيد اڃان ڀي ڪوشش وارا
اڙي زمانا توتي ميار
•
مان ته وڃان ٿو رتبو ماڻي
ڀلي ڍڪي ڇڏ پردو هاڻي
ايندو رهندس هرڪو ڄاڻي
تون نه سگهندين چسڪو ماڻي
ڌرتي تي هر دور اندر
پنهنجي ٿيندي پئي پچار
•
چار تي ٻيهر عيدون آهن
دلبر ۾ ڪل ديدون آهن
پرور پوريون مهر ڪيون
سڀ اسان جون اميدون آهن
هاڻي حافظ آهيون هٿيڪا
پنهنجو ڌرتي پنهنجو آ دلدار.
،