هڪ بادشاه هيو ۽ ان جو سواءِ هڪ ڌيءُ جي ڪو ولي وارث نه هيو بادشاه سلامت اچانڪ مريض ٿي پيو گھڻا طبيب علاج لاءِ صفن ۾ بيٺل هيا ڪنهن هڪ طبيب اچي چيو بادشاه سلامت هن ڪائنات ۾ تو لاءِ هڪ ئي علاج آهي پر ان تائين پهچڻ مشڪل آهي ان تي حاڪم وراڻيو ته منهنجي زندگيءَ جو مسئلو آهي ڪوشش ته ڪرڻ گھرجي ٻڌاءِ اُها ڪهڙي دوا آهي حڪيم جواب ڏنو بقائُليءَ جو گل، ان جو پاڻي نيپوڙي جي تنهنجي پيشانيءَ تي مَليو وڃي ته تنهنجو مرض ختم ٿي ويندو ۽ بلڪل پهريان وانڱر صحت ماڻينيدين، تنهن تي بادشاه چيو اهو گل ڪيئن هٿ ڪري سگھجي ٿو؟ حڪيم جواب ڏنو چند جي هر چوڏهينءَ تاريخ پرن جي مهل ۾ سڀ پريون گڏ ٿينديون آهن اهو گل انهن جي وچ ۾ رکيو ويندو آهي ڪو اهڙو ماڻهو کپي جيڪو اهو کڻي اچي، بادشاه سلامت اعلان ڪرايو منهنجو سڀ ڪجھه ان حوالي جيڪو اهو ڪم ڪري اچي ڪي ويا جيڪي بس ويا واپسيءَ جي ڪا خبر ئي نه پيئي هڪ پوڙهي مائيءَ جي ڪنن تي اها ڳاله پهتي جنهن وٽ الله جي هن هيڏيءَ ڪائنات مان صرف هڪ پٽ ئي هيو جيڪو هاڻي جوان ٿي چڪو هيو پوڙهيءَ پٽ کي سڏي چيو ٻچا تون هاڻي شاديءَ جي لائق آهين ان لاءِ مون تو لاءِ ڪنوار ڳولهي آهي بس هاڻي دير نه ڪر شاديءَ جي تياري ڪر (پٽ به مون وانگر تڪڙو هيو) چيائين امڙ مان تيار آهيان ماءُ وراڻيو پٽ هڪ ننڍڙو ڪم ڪري موٽي اچ تيسيتائين سڀ ڪجھه تيار هوندو پٽ پڇيو ڪهڙو ماءُ قصو ٻڌايو پٽ وراڻيو امڙ مان ته اها ڳالهه ٻڌي توکان لڪائيندي ٿي ورتم ته متان مون کي ان موت ڏي موڪلين، مون کي خبر آهي ڪيترا ئي گھوٽ ويا پارس پنهاڻ بڻجي زمين ۾ کُپي ويا آهن، ماءُ چيس وڃ ٻچا ان جي وڃي ڳولها ڪر جنهن بادشاه کي اهو علاج ٻڌايو آهي ۽ ان کي دعوت ڪري مون وٽ وٺي اچ، همراه نڪتو نيٺ وڃي حڪيم کي ڳولهي لڌائين ۽ پنهنجي ماءُ جي دعوت جو ٻڌايائينس هن به دعوت قبول ڪئي، وس آهر ٻُڍڙيءَ به ڪين گھٽايو هيو ڀلو ننگر کارائي واندي ٿي ته حڪيم صاحب موڪلائيندي چيو تڪليف جي مهرباني پر مون لاءِ ڪو حڪم هجي ته حاضر آهيان پوڙهي چوڻ لڳي بس ٻيو ته ڪو خاص ڪم ناهي رڳو بقائُلي گل تائين پهچڻ جو رستو منهنجي پٽ کي ٻڌائيندو وڃ، حڪيم چيو اهو ڪم ته وڏو آهي پر توهان جو نَمڪ کائي ويٺو آهيان ۽ ان جي پٽ کي چيائين هتان کان هيترا ڪوه پري هڪ جنگل آهي ان جي وچ ۾ هڪ ديوُ رهندو آهي اهو اڌ رات جو ننڊ مان اٿندو آهي جيئين اٿندو آهي ته ان کي گھڻي بک لڳل هوندي آهي ۽ هو ڦوڪ ڏيندو آهي ته جنگل کي باه وٺي ويندي آهي ۽ ان ۾ موجود جانور سڙي ڪباب ٿي ويندا آهن جن سان هو ناشتو ڪندو آهي سڀ کان پهريان تون ويهه اُٺ ڪاهي ان جنگل جي وچ ۾ وڃي ٻڌ، جنهن مهل هو اٿي ڦوڪ ڏئي ۽ اٺ سڙي وڃن ته دليريءَ سان اڳتي وڌي وڃي ان کي چئجان جِنَ ماما مون تو لاءِ ناشتو آندو آهي اهو چئي اٺن ڏانهن وٺي وڃي ناشتو ڪرائينس ناشتو ڪري فارغ ٿي توکان پچي ته ان سان حقيقت حال ڪجانءِ پوءِ اڳتي جيئن ان توکي ٻڌايو ان تي عمل ڪجانءِ پر منهنجي نصيحت اها اٿئي ته چاهي چند ٽڪڙا ٿي پوي جبل ڏري پون زمين ڌُڏِي پوي پر پوئتي نه ڏسجان، هن يار به تياري ڪئي نيٺ وڃي ديوَ جي ور چڙهيو ۽ حڪيم جي ٻڌايل حڪمتن تي عمل ڪندي ديوَ جي دل کٽي ورتائين ۽ ديوَ جي هن کان ڪم پڇيو ته بي ڌڙڪ ٻڌايائينس ديوُ ته پريشان ٿي ويو ته مان ۽ منهنجا اڻويهه ٻيا ساٿي ان گل جي حفاظت لاءِ آهيون ڪيئن توکي رستو ٻڌايان پر تو مامون سڏيو آهي ان کان پوءِ جيڪي ديوَ آهن انهن لاءِ هي نشانيون کنيون وڃ انهن کي ٻڌائيندو لنگھندو وڃ پر آخري ديوََ کان مان پاڻ به ڊڄندو آهيان ان هيئن ڪجان ته هو راضي ٿي ويندو پر منهنجي نصيحت اها اٿئي ته پوئتي نه ڏسجان بالآخر ڪاميابيءَ سان وڃي هو گل کڻي بادشاه زاديءَ سان شادي ڪري بادشاه بڻجي ويو ڪل ڏٺوسين سڀ خوش خرم هيا مون ته قصي کي مختصر ڪري عرض ڪيو پر جڏهن مونکي منهنجي شفيق ڏاهي ٻڌايو هيو اڍائي ڪلاڪ ٽنگھي اهو قصو ٻڌايو هيو ۽ آخر ۾ ڀلي ڇنڊ به پٽي ڇڏي هيائين اها ائين ته سائين جن مون کان پڇيو ڇا سمجھئي هن ڪهاڻيءَ مان، مون چيو ته ان قصي مان اهو سمجھو ته هر ڪم لاءِ پختو ارادو ضروري آهي نه انسان نتيجي تي نه پهچي سگھندو ته ان کي ته ڪا ڪاوڙ پهريان ئي هئي پر منهنجو جواب ٻڌي ڄڻ ان کي چڙنگ لڳي ويئي چهري مبارڪ تي ڱُنڊَ وجھي چيائين چريا متا اهو به هجي پر مون تي اهو سمجھائڻ لاءِ اهو ايڏو قصو ٻڌايو به پٽ جي چاهين ٿو ڪنهن منزل تي پهچين ته پوءِ پوئتي نه ڏس ڇا ڇا ٿيندو ۽ ماڻهو ڇا ڇا چوندا جي ان طرف ڌيان ڏنائين پوءِ بربادي کان سواءِ ڪجھه ناهي.
جواب: ڪنهن ڏاهي سمجھاڻي ڏني هئي: دا پوئي ڪونه ڏسبو پر يار سايڊ شيشي مان ته ڏسي سگهون ٿا نه مطلب پوئتي نه ته سايڊ تي ته ڏسي سگهون ٿا نه ۔۔؟ تما بهترين سبق آموز ڪهاڻي آهي اسان به ننڍپڻ ۾ شوقين هوند ا هئا سي بادشاهين جي ڪهاڻين جا اوهان اها ياد تازه ڪرائي ادا اوهان جي مهرباني جاني